ڪورل ڊرا ۾ سنڌي تحرير لکڻ جو طريقو

'ڪورل ڊرا' فورم ۾ ابو زين طرفان آندل موضوعَ ‏21 جولائي 2009۔

  1. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    بسم اللہ الرحمن الرحيم


    السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته

    اسان جي ڪن دوستن کي ڪورل ڊرا ۾ سنڌي تحرير کي آڻڻ / لکڻ جو مسئلو در پيش آهي. سٻاجهڙن دوستن لاءِ ڪورل ڊرا ۾ سنڌي تحرير لکڻ جا ڪجهه طريقا بيان ڪريان ٿو. اميد ته دوستن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا.
    هونئن ته ڪورل ڊرا ۾ سنڌي تحرير لکڻ / آڻڻ جا گهڻا ئي طريقا آهن، هتي صرف اُهي چار طريقا بيان ڪجن ٿا، جيڪي تجربي مان گذريا آهن.

    (1) سڌو سنئون ڪورل ۾ سنڌي ڪمپوز ڪرڻ (ڪورل ڊرا 12، ايڪس 3 ۽ ايڪس 4)
    (2) پي ڊي ايف جي ذريعي تحرير آڻڻ (ڪول ڊرا 9، ڪورل ڊرا 10 ۽ ڪورل ڊرا 11 لاءِ)
    (3) Print to File جي ذريعي (ڪورل ڊرا جي تقريبا سمورن ورزنن لاءِ)
    (4) ڪي مين جي ذريعي.



    (1) سڌو سنئون ڪورل ۾ سنڌي ڪمپوزنگ ڪرڻ:
    هن طريقي ذريعي مختصر تحرير ڪورل ڊرا 12، ڪورل ڊرا ايڪس 3 ۽ ڪورل ڊرا ايڪس 4 ۾ ڊائريڪٽ لکي سگهجي ٿي. مثال طور جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب جو ٽائٽل ٺاهڻ مقصود هجي يا وري شاعريءَ جي ڊيزائننگ لاءِ ڪجهه سٽون ڪمپوز ڪرڻيون هجن ته هن طريقي کي استعمال ڪري سگهجي ٿو، البته مڪمل سپورٽنگ نه هجڻ ڪري ڪمپوزنگ دوران سنڌيءَ جا گهڻا ئي الفاظ هڪ ٻئي کان الڳ ٿي وڃن ٿا، جنهن ڪري انهن جدا ٿيل لفظن کي بار بار ايڊٽ ڪرڻو پوندو. هي طريقو انتهائي پيچيده ۽ ڏکيو آهي. جيڪڏهن اڳ ۾ ئي ورڊ ۾ ڪا تحرير لکيل آهي ته انهيءَ کي ڪاپي پيسٽ به ڪري سگهجي ٿو.

    [​IMG]
    ڪورل ڊرا ايڪس 3 ۾ ڪمپوز ٿيل شاعريءَ جون ڪجهه سٽون
    ساڄي پاسي ڪالم ۾ اکرن جو توازن هڪ جهڙو نه رهيو آهي. کاٻي پاسي ڪالم ۾ انهن سٽن کي بار بار ايڊٽ ڪيو ويو آهي.

    (2) پي ڊي ايف جي ذريعي تحرير آڻڻ:
    هن طريقي مطابق ڪورل ڊرا 9، 10 ۽ 11 ۾ پي ڊي ايف جي ذريعي تحرير آڻي سگهجي ٿي. انهيءَ جو آسان طريقو هي آهي ته ورڊ ۾ ڪمپوز ٿيل پنهنجين سنڌي تحريرن جي پي ڊي ايف ٺاهيو. (پي ڊي ايف ٺاهڻ لاءِ مختلف سافٽويئر استعمال ڪري سگهجن ٿا. مثال طور PDF Factory ۽ Adobe Acrobat Writer) هاڻي ٺهيل پي ڊي ايف کي ڪنهن به پي ڊي ايف سافٽويئر ۾ کولڻ کان پوءِ Save As ڪريو ۽ Save As Type ۾ EPS سليڪٽ ڪريو. جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ پيج آهن ته سمورن پيجن جي الڳ الڳ EPS ٺاهڻي پوندي. بس انهيءَ EPS کي ڪورل ڊرا جي مٿي ڄاڻايل ڪنهن به ورزن ۾ Import ڪرايو. امپورٽ ٿيڻ کان پوءِ توهان جي تحرير ڪورل ڊرا ۾ اچي ويندي، البته انهيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي ايڊيٽنگ نٿي ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته ٺهيل EPS لائن آرٽ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪابه ايڊيٽنگ ڪرڻ آهي ته پوءِ اها ايڊيٽنگ ورڊ ۾ ئي ڪريو ۽ ٻيهر انهيءَ جي پي ڊي ايف ٺاهي ۽ پوءِ EPS ٺاهي ڪورل ڊرا ۾ امپورٽ ڪرايو.

    (3) پرنٽ ٽو فائل ذريعي ڪورل ۾ سنڌي تحرير آڻڻ:
    هي هڪ انتهائي آسان ۽ سود مند طريقو آهي. منهنجي خيال ۾ هتي بيان ڪيل سمورن طريقن ۾ هي طريقو سڀني کان بهتر آهي. هن جو طريقو هي آهي ته پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ LaserMaster Unity 1200XL v47.0 انسٽال ڪريو. LaserMaster Unity 1200XL v47.0 انسٽال ڪرڻ لاءِ Control Panel ۾ وڃو. اُتي Printers & Faxes کي کوليو. هاڻي فائل مينيو ۾ وڃي Add Printer تي ڪلڪ ڪريو. انهيءَ کان پوءِ ڏنل Instructions تي عمل ڪندي اڳتي هلندا وڃو، جڏهن پرنٽر جي Manufacturer تي پوءِ اتي LaserMaster ڪمپني سليڪٽ ڪريو. انهيءَ کي سليڪٽ ڪرڻ سان ساڄي پاسي انهيءَ ڪمپنيءَ جا ڪجهه ٻيا پرنٽر ظاهر ٿي پوندا. انهن مان LaserMaster Unity 1200XL v47.0 سليڪٽ ڪري، Next ڪندا هلو ۽ آخر ۾ Finish تي ڪلڪ ڪريو، توهان جو پرنٽر انسٽال ٿي ويو.
    هاڻي ورڊ ۾ لکيل پنهنجي سنڌي تحريرن کي مٿي ڄاڻايل پرنٽر ۾ پرنٽ ڪريو. پرنٽنگ دوران Print to File جو آپشن سليڪٽ ڪري Ok ڪريو. هاڻي توهان کان فائل جو نالو پڇيو ويندو، پنهنجي مرضيءَ جو ڪوبه نالو ڏئي OK ڪريو. هڪڙي ڳالهه ياد رهي ته نالو انگريزيءَ ۾ ڏيڻ گهرجي سنڌيءَ يا عربيءَ ۾ نالو ڏيڻ سان فائل اعتبار جوڳو نه هوندو.

    [​IMG]

    هاڻي ڪورل جو ڪوبه ورزن کوليو (جيڪو توهان موجود آهي) انهيءَ ۾ Print to File ڪيل فائل کي امپورٽ ڪريو. امپورٽ ڪرڻ وقت Files of Type ۾ EPS, PS, PRN جي ٽائيٽ سليڪٽ ڪري Import تي ڪلڪ ڪريو. امپورٽ ٿيڻ کان پوءِ ٻه Option پڇيا ويندا، هڪڙو Text جو ۽ ٻيو Curves جو. هن ٻئين آپشن تي ڪلڪ ڪري OK ڪريو.

    [​IMG]


    [​IMG]

    ورڊ مان ڪورل ۾ Print to File جي ذريعي آيل پيج



    (4) ڪي مين جي ذريعي ڪورل ۾ سنڌي تحرير لکڻ:
    هن طريقي ذريعي ڪورل 9 ۾ سنڌي لکي سگهجي ٿي، پر اُها معياري نه آهي. بهرحال هن جي پنهنجي جاءِ تي اهميت ضرور آهي. هن ”ڪي مين“ کي انسٽال ڪرڻ کان پوءِ سنڌيءَ جو ڪي بورڊ انسٽال ڪرڻو پوندو. هي ڪي مين ”ون ورڊ“ (ونڊوز 98 تي سنڌي لکڻ لاءِ سافٽ ويئر) جي فونٽن کي سپورٽ ٿو ڪري. هيٺ ڏنل لنڪ ۾ ڪي مين ۽ سنڌي جا فونٽ موجود آهن. انهيءَ کي ڪاپي ڪرڻ کان پوءِ Instructions تي عمل ڪندي، ڪي بورڊ انسٽال ڪريو.
    ڪي مين هتان ڪاپي ڪريو


     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    واه ادا ابو زين واه تهام بهترين ادا اوهان جي اهڙي لاجوان شيئرنگ جي تهام گهڻي مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    ادا علي، اسان جي تحريرن کي لاجوان ”جهونو“ ڇو ٿو چوين.... :d
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا ابو زين ڇا ڪيون هاڻي ته ايترا جهونا ٿي ويا آهيون جو اسا کي هر شي پاڻ وانگر جهوني ٿي لڳي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    ادا جهونن تي ڪهڙي معيار.....!!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا ابوزين تمام بهترين سمجهاڻي ڏني اٿوَ ۔۔۔ واقعي به ڪافي سارا اسان جا دوست ان ڳالهه کان اڻ واقف هيا ته سنڌي کي ڪورل ڊرا ۾ ڪيئن لکجي۔۔۔۔ حقيقت ته اها آهي ته گرافڪ جي گهٽ ڄاڻ هجڻ ڪري مونکي توهان جي لکڻي کان پوءِ خبر پئي ته ورڊ ۾ لکيل سنڌي فائيل کي Eps ۾ ڪهڙي طرح تبديل ڪجي۔۔۔ جنهن کان پوءِ آرام سان فائيل کي فوٽوشاپ ۾ کڻي وڃي وڌيڪ خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو۔۔۔۔
    توهان جي هن تحرير کي مڃتا ڏيڻ لاءِ مان هن کي 5 سٽار جو درجو ڏئي رهيو آهيان يقينن سمورا ساٿي به توهان جي اهڙي لاجواب محنت جي داد ضرور ڏيندا۔۔۔۔
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين ابو زين صاحب
    السلام عليڪم
    اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان فراخدلي سان سمجهاڻي ڏني شال الله تعالي اوهان جي علم ۾ اڃا وڌيڪ اضافو فرمائي هاڻي خبر پئي ته شيخ سعدي رح سچ فرمايو ته
    هر بيش گمان مبر که خالي است
    شايد که پلنگ خفته باشد۔
    واقعي اسان جي سنڌي ڀائرن کي به الله تعالي سهڻي سمجهه عطا فرمائي آهي ۔
    دعائن ۾ نه وساريندا۔

    فقط

    رحيم بخش
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا ابو زين اهڙي بهترين نموني سمجهائڻ لا۽ توهان جس لهو
    ادا ابو زين يقين ڪيو ته توهان جي هن انمول تحرير مان ڪافي دوستن کي فائدو رسندو خاص طور تي مون پارن اٻوجهن کي :D
    lajwab-sharing

    .
    shal judy hujeen


    sindhsalamatsaathsal
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    واه سائين واه۔۔۔ اڃان چئو ٿا ته مونکي ڪورل ڊرا نه ٿي اچي، هاڻي هي تحرير ڪنهن به انمول هيري کان گهٽ نه آهي۔ مونکي پاڻ پهرين صرف ڊائريڪٽ لکائي جي خبر هئي۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. jamot

    jamot
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2009
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    ڪراچي
    السلام عليڪم ادا تمام بهترين شيئرنگ ڪئي آهي توهان۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. عمران پيرزادو

    عمران پيرزادو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    الله سائين جنت نصيب ڪريوَ۔۔سمورا مسئله حل ٿي ويا۔۔۔مان ڪورل ڊرا ۾ سنڌي ايڊيٽنگ جو ڪم ڪندو آهيان ان مسئلي سان بار بار منهن ڏيڻو پوندو هئو۔۔۔پر الله سائين جي احسان ۽ توهان جي مدد سان مسئلو حل ٿي ويو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عمران پيرزادو

    عمران پيرزادو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    سائين۔۔۔۔ڪين مين جي لنڪ ڪم نه ٿي ڪري ؟؟؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ادا عمران اوهان کي صلاح ٿي ڏجي ته سنڌ سلامت جي پيارن دوستن ادا ابو واصف، ادا ابو زين، ادا مست يا ادا عمران درويش جن سان ذاتي ڪچهري ۾ اچو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. عمران پيرزادو

    عمران پيرزادو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    جِي ، مان ڏسان پيو تمام بهترين ڪم پيا ڪن۔۔۔۔
     
  15. ذلفي سنڌي

    ذلفي سنڌي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا وڏي مهرباني توهان جي ڀا۔۔۔۔۔۔۔۔ مونکي ڪافي ضرورت هئي ڪيمين سنڌي سوفٽ ويئر جي۔۔۔۔۔۔
     
  16. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ڪهڙن لفظن ۾ تعريف ڪجي۔۔ اوهان جي سمجهائڻ جو طريقو به شاندار آهي۔ ۔۔۔ زبردست
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    السلام عليڪم : ادا ابو زين توهان بهتر ونڊ ڪئي آهي
    منهنجي ڪمپيوٽر ۾ جڏهن پي۔آر۔اين فائل امپورٽ ڪندو آهيان ته ڪَرو کي سليڪٽ به ڪندو آهيان پر فارميٽ صحيح نٿي اچي ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. عاشق علي سومرو

    عاشق علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 مئي 2014
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    ڪراچي
    سچ ته تمام سٺو لڳو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. عاشق علي

    عاشق علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تمام بهترين سمجهاڻي ڏکاريل آهي ............................الله سائين سنڌ سلامت جي ويب سائٽ جي ميمبرن کي سدا سلامت رکي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    ڇا ان طريقي سان ونڊوز سيون ۾ لکي سگهجي ٿو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو