پنهنجي ثقافت ۽ سٺين رسمن جو بچاءُ ڪيو!

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ mohdesa طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2011۔

  1. mohdesa

    mohdesa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2011
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    جيئن کائڻ، پيئڻ، ملڻ جُلڻ، اُٿڻ ويهڻ، پائڻ ڪرڻ جا طريقا يا ٻيون رسمون هر قوم جون پنهنجون آهن، تيئن شادي (وهانءَ) جون رسمون به هر قوم جون الڳ الڳ ۽ منفرد آهن، اهي سڀ شيون ان قوم جي تهذيب ۽ ثقافت جو حصو هجن ٿيون. ٻين قومن وانگر سنڌي قوم کي به پنهنجو هڪ الڳ ڪلچر آهي. ٻين رسمن سان گڏ سنڌين جون شادي جون رسمون به پنهنجون آهن سائين جي ايم سيد پنهنجي لکيل ڪتاب ”سنڌي ڪلچر“ ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ شادي جي رسمن جي باري ۾ تمام سٺي طرح وضاحت ڪئي آهي ته دنيا جي مختلف حصن کان قومون لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيون، جن ملي جلي هڪ خوبصورت تهذيب ۽ رسمن کي جنم ڏنو، جنهن جو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جي تهذيب rich ليکي وڃي ٿي.

    سائين جي انهن لفظن کي ان وقت اڃا وڌيڪ وزن ملي ٿو، جو تازو هڪ انگريزي نجي ٽي وي چينل تي ايشيا جي اندر رهندڙ مختلف قومن جي شادين جون رسمون ڏيکاريون ويون ته ان پروگرام ۾ ويٺل هزارين ماڻهن سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جي ”لائون“ ڏيڻ واري رسم کي گهڻو پسند ڪيو، پر اسان وٽ هن وقت وڏي بدقسمتي جي ڳالهه اها آهي ته جن اسان جن رسمن کي دنيا عزت جي نگاهن سان ڏسي ٿي، انهن رسمن کي اسان انڊيا جي الڪٽرانڪ ميڊيا جي يلغار جو شڪار ٿي وساريندا يا پٺي ڏيندا پيا وڃون. اڄ اسان جي شادين ۾ نج ثقافتي رسمون اٽي ۾ لوڻ برابر نظر اچن ٿيون. پهريان راڳيندڙ عورتون آڻي گهرن ۾ راتين جو سهرا ۽ ڏينهن جو ٻڪي ڪئي ويندي هئي. راڳيندڙيون ”هٿين گل ميندي پيرين گل ميندي، لالي لڱن کي لايوڙي“ جهڙا سهرا ڳائي گهور به وصول ڪنديون هيون ته داد به وصول ڪنديون هيون، پر هاڻي طوهر هجن يا شادي جي ڪا رسم ان ۾ ايڪو سائونڊ تي ”جي ڪرده ڀائي جي ڪرده تينون ڪول بٺاوان جي ڪرده“ جهڙا انڊين گانه هلائي ان ۾ فلمي اداڪارائن وانگر نوجوان ناريون ان ئي اسٽائل ۾ ڊانس ڪن ٿيون ۽ شادي دوران گهوٽ، ڪنوار جا ساٺ سنوڻ به انڊين طريقن سان ڪيا وڃن ٿا ۽ نوجوان وري ڄڃ ۾ شراب پي ڳچيءَ ۾ پنجاب اسٽائل جا ڦڪا ۽ بلو روا وجهي، منهن تي ڊسڪولڳائي نشي ۾ ڌت ٿي اهي به انڊين گانن تي ڀنگڙا اسٽائل ۾ رقص ڪن ٿا، جنهن ڪري سنڌ ۾ جنهن به شادي جي تقريب يا سرڪس کي ڏسجي ٿو ته ڪا به سنڌي رسم نظر نه ٿي اچي ۽ ائين لڳندو آهي ڄڻ انڊين يا ڪنهن پنجابي جي شادي هجي.

    اهڙي ماحول ۾ سمورين ٻاهرين رسمن کي ٺڪرائيندي سورٺ ثقافتي سنگت ضلعي لاڙڪاڻي جي آرگنائيزر نور مصطفيٰ شيخ سال اڳ پنهنجي وهانءَ ۾ دعوت نامو ڇپرائڻ واري نج سنڌي ٻولي کان وٺي سمورين رسمن کي ثقافتي انداز ڏنو، جيڪا ڳالهه اسان جي نوجوانن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ پنهنجي ڪلچر ۽ جائز رسمن سان محبت ڪرڻ جو هڪ درس آهي. نور مصطفيٰ پنهنجي وهانءَ ۾ شريڪ سمورن ڪارڪنن ۽ ٻين نوجوانن کي بلو ۽ ڦڪارو اڳچين ۾ پهرائڻ بجاءِ اجرڪ خريد ڪري اهي سندن ڳچين جي زينت بڻائي ڇڏيا هئا. گهوٽ (نور مصطفيٰ) جي سينگاريل گاڏي آڏو بانٽ تي به اجرڪ لڳايو ويو هو، گهوٽ پاڻ به آخري رسمن تائين مٿي تي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پهري رکيو، سندس اجرڪ مٿان مختلف روا ۽ پئسن جون ڪنڍيون وغيره اوچائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون پر گهوٽ بار بار انهن شين کي اجرڪ مٿان هٽائي ٿي ڇڏيو.

    ان لاءِ علاوه سرڪس دوران به سنڌي دهل شرنائين تي اجرڪ پهريل نوجوان ”هو جمالو“ ۽ ”مور ٿو ٽلي“ جي ڌُنن تي جهمريون هڻندا رهيا. سندس گهر جون نياڻيون ۽ ڀينر وغيره به انڊين گانن بجاءِ ڏڪلا وڄائي سنڌي سهرن تي پنهنجي ڀاءُ جي وهانءَ جي خوشيءَ ۾ جهومنديون رهيون، انهن نج سنڌي طور طريقن ۽ گهوٽ جي ساٺ سوڻن، اجرڪ واري ۽ ٻئي ماحول کي ڪيترائي ميڊيا جو شڪار نوجوان تعجب سان ڏسندا رهيا ۽ بار بار مختلف شين جي باري ۾ پڇندا رهيا، ڄڻ ته هي سڀ هنن لاءِ اوپرو هو، جڏهن ته هنن کي ڌارين جون رسمون ڄڻ پنهنجون پيون لڳن.!

    بهرحال هن اليڪٽرانڪ ميڊيا واري طوفاني دور ۾ نور مصطفيٰ ۽ ان جي سورٺ ثقافتي سنگت جي دوستن وهانءَ جو ڪاڄ نج سنڌي انداز ۾ ڪري اسان کي پيغام ڏنو آهي ته پنهنجي ڪلچر ۽ جائز رسمن سان محبت قوم جو جياپو هوندي آهي.

    ان ڪري پراوا محل ڏسي خدارا پنهنجون جهوپڙيون نه ساڙيو، اسان جي تهذيب ۽ ثقافت اڄ به دنيا ۾ سڌريل تهذيب ۽ ثقافت طور پنهنجي سڃاڻ رکي ٿي، پر افسوس اڄ اسين ان کان اوپرا ۽ هو اسان کان اوپري ٿيندي پئي وڃي، جيڪا ڳالهه ڪنهن الميي کان گهٽ ناهي.

    عوامي آواز
    جميل گاد
     
  2. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    جواب: پنهنجي ثقافت ۽ سٺين رسمن جو بچاءُ ڪيو!

    سچ پڇو ته آء اڄ لکڻ جي موڊ ۾ نه هيس پر اهڙي انقلابي تحرير پڙهي ان کان نه رهي سگهيس جو ان جي موٽ ۾ نه لکان ڇو اسان جا نوجوان ان ڳالهه ۾ فخر محسوس ڪن ٿا ته اهي غيرن جون رسمون اختيار ڪن؟
    يا ته اهي پنهنجي ريتن کان بي خبر آهن يا وري ڄاڻي واڻي ائين ڪن ٿا
    پرخدارا پنهنجي رسمن کي نه ڀلايو ائين نه ٿئي جو ڪانءُ وانگر اسان مور جي گهمڻي به نه سکي سگهون ۽ پنهنجي هلڻ جي چال به ڀلائي ويهون
    اسان جي ثقافت واقعا rich آهي ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي اسان پنهنجي ثقافت تي جيڪا الله اسان کي ڏني آهي
    ان تي فخر ڪيون ٿا
    ڇو ته اها غيرت ۽ حيا جو نشان آهي نه انڊين ثقافت جنهن جو هر هڪ عمل بي غيرتي جي کاڻ آهي
    بحرحال ڪنهن تي تنقيد نه ڪرڻ جي نيت هئي
    پر اسان جي ثقافت مٽ نه آهي
     
  3. نازش خاتون

    نازش خاتون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 مئي 2011
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    shahdad kot
    جواب: پنهنجي ثقافت ۽ سٺين رسمن جو بچاءُ ڪيو!

    ادي محدثه جو موڪليل هي موضوع انتهائي سٺو لڳو
    ان سان گڏ ادي جواد جي جذباتي موٽ به وڻندڙ لڳي ڇو ته آء ان سنڌ سلامت جي فورم ۾ نئي آهيان
    ان جا آداب ۽ موٽ ڏيڻ جي طريقن کان واقف نه هجڻ جي ڪري آء Comments ڏيڻ جي لائق نه ٿي لڳان
    اميد ته سنڌ سلامت جا منهنجا وڏا ادا ان ڳالهه ۾ هن پنهنجي ننڍڙي ادي جي رهنمائي ڪندا
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پنهنجي ثقافت ۽ سٺين رسمن جو بچاءُ ڪيو!

    ادي محدثه! سائين جي ايم سيد چوندو هو ته ” ٻاهر جي ڪٻر، سنڌ ۾ مينا“ سو اسين سنڌي الائجي ڇو ٻين کان جلد متاثر ٿي، پراوا محل ڏسي پنهنجيون جهوپڙيون ڊاهڻ شروع ڪندا آهيون، ان سوچ کان عاري ته جهوپڙي ته ڊاهيسون پر محل ڪير ٺاهيندو؟

    بيشڪ سنڌ جي ثقافت ۽ ان ۾ رهڻي ڪهڻي جا انداز، اٿڻ ويهڻ جا نمونا، شادي ۽ غمي جا طريقا خاص آهن، ۽ اهي ايترو ته سهڻا آهن ۽ من موهيندڙ آهن، اسانکي پنهنجي ثقافت جي حسن کي برقرار رکندي، انهن کي عام ڪرڻ گهرجي ۔۔۔

    تمام سٺو ليک، ٿورا ڀيڻ محدثه جا ۔۔۔ ادي نازش کي عرض ته ڪنهن به موضوع تي ڳالهائڻ، تنقيد ڪرڻ يا را ڏيڻ جو اوهانکي پورو حق آهي، اوهان کلي پنهنجي من جي ڳالهه اسان ڀائرن سان ڪري سگهو ٿيون ۔۔۔

    پر اوهين، ادي نازش اهو ٻڌايو ته اهڙي سهڻي سنڌي اوهان ٿا لکو يا اوهانجو بابا جاني ٿو لکي؟ جي بابا جاني اوهانجي مدد ٿو ڪري ته انجو نالو ۽ تعرف ڪرايو ۽ کيس اسانجا سلام ضرور چئجو ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. mohdesa

    mohdesa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2011
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    جواب: پنهنجي ثقافت ۽ سٺين رسمن جو بچاءُ ڪيو!

    ادا توهان بلڪل سهي ٿا چئو پراوا محل ڏسي پنهنجون جهوپڙيون ڊاهڻ چريائپ آهي۔مهرباني ليک پسند ڪرڻ جي
     
  6. نازش خاتون

    نازش خاتون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 مئي 2011
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    shahdad kot
    جواب: پنهنجي ثقافت ۽ سٺين رسمن جو بچاءُ ڪيو!

    پر اوهين، ادي نازش اهو ٻڌايو ته اهڙي سهڻي سنڌي اوهان ٿا لکو يا اوهانجو بابا جاني ٿو لکي؟ جي بابا جاني اوهانجي مدد ٿو ڪري ته انجو نالو ۽ تعرف ڪرايو ۽ کيس اسانجا سلام ضرور چئجو ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/quote]

    ادا نثار منهنجي وڏي ڀيڻ ان ۾ منهنجي مدد ڪري ٿي ان جو ماسٽر ٿيل آهي ان جو نالو مليڪه آهي
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پنهنجي ثقافت ۽ سٺين رسمن جو بچاءُ ڪيو!

    ادا نثار منهنجي وڏي ڀيڻ ان ۾ منهنجي مدد ڪري ٿي ان جو ماسٽر ٿيل آهي ان جو نالو مليڪه آهي[/quote]

    ڀيڻ مليڪه کي پڻ اسان پاران سندس مٿي تي هٿ ۔۔۔ شال اوهان ڀينرن جا رتبه بلند ٿين ۔۔۔ آمين

    ٻي ڳالهه ته اوهانجا امتحان شايد هلندا هوندا يا ٿيڻ وارا هوندا، انڪري اوهان پنهنجي تعليم جو خاص خيال رکندا ۔۔۔ سٺي تعليم ائين آهي جيئن انڌيري ڪمري ۾ سج جي روشني ۔۔۔ اميد ته ڀائرن جو مان مٿاهون ڪنديون ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  8. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: پنهنجي ثقافت ۽ سٺين رسمن جو بچاءُ ڪيو!

    هي موضوع انتهائي سٺو لڳو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو