شيخ اياز وڄون وسڻ آئيون (شيخ اياز)

'شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    سنڌي شاعري جو جڏهن ذڪر نڪرندو ته سڀ کان گهڻي شاعري شيخ اياز ئي ڪئي آهي۔ سندس وائي، بيت، غزل ۽ گيت سنڌ جي هر فنڪار ڳايا آهن۔ سندس ڪتاب وڄون وسڻ آيون پڻ بهترين شاعري تي مشتمل ڪتاب آهي۔ وائس آف سنڌ پاران هي ڪتاب اي بوڪ جي صورت ۾ محترم عبداللطيف انصاري صاحب (سکر) جي محنتن سان اسان تائين پهتو آهي۔

    ڪتاب جو مهاڳ محترم ابراهيم جويو صاحب جو لکيل آهي۔ 271 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ بيت، غزل ، لوليون، گيت ، پروليون، وايون، لوڪ گيت ۽ نظم شامل آهن۔

    هن ڪتاب مان هڪ غزل هت پيش ڪجي ٿو:


    ميلي ۾ تُون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
    اک ۾ ڳوڙها، هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
    سَر سوتيءَ جي مندر ڀرسان بيٺو واجھائين،
    ڪنهن لئه ترسي تنهنجي وِينا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
    تُنهنجون اکڙيون پو به اُڃايون، تَل تَرايون سَوَ،
    هرڻيءَ جھڙا منهنجا هِردا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
    سانجھيءَ ٽاڻي ڪارا ڪڻڇي آکيري آيا،
    پرڙا کولي پيار ـــــ پکيئڙا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
    ساري جيون مايا سپنو، تنهن ۾ سَوَ سپنا،
    او سپنا، سپني جا سپنا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
    پير پَٽيءَ تي ناهي تُنهنجو، ڪهڙو تنهنجو ماڳ؟
    رستي مان نڪتا سَوَ رستا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
    او رکوالا! کوٽين ڇو ٿو هيءَ جيون جي رکَ،
    آڻي اگنيءَ جھڙي آشا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
    اونهاري جو سِجُ ته ناهي، آهه ازل جي اکَ،
    هاءِ، ڇڏي ڇَنَ جا ڇانورڙا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
    دانهون ٿو درياهُه ڪري، ٻُڌ ڪُن ڪُن جا ڪڙڪا،
    ٻيڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ او ٻوڙا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
    ڪاري رات، ڪَتيءَ ڏي ڪَرڪِي، ڪائي ڪُونج اُڏي،
    پيارا تُون به تڪيندي تارا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
    وَسندو رهندو آهي تو وٽ، سانَوَڻ ساري رات،
    ڳوڙها ڳوڙها نيڻ نماڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
    ڪوبه نه ايندو ، ڪوبه نه ايندو، ڪوبه نه تُنهنجي دُوار!
    بند ڪري ڇڏ هي دروازا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
    اَڻ ٿيڻيءَ کي چاهين، تنهنجي ٿِڻيءَ سان نه پَوي،
    ڏِس ٿيڻيءَ جا ٿوڻيون ٿنڀا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
    هي مَٿرا جا مندر، سانجھيءَ ويلي جمنا گھاٽَ،
    مَنَ ۾ سِنڌوءَ جا سَوَ سپنا، ڪنهنن کي ڳولين ٿو؟
    برندا بَن ۾ آيو آهين، ڪنهن جي لاءِ ڪَوي،
    ڪنهن جي بنسي! ڪهڙي راڌا؟ ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
    شايد تُون ئي پاڳل پُري پاڳل خاني ۾ ــــــ
    پاڳل گڏجي توتي کِلندا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
    هارُ هندوري ۾ ڪيرايو، جيڪو مُنڌَ مُئيءَ،
    موتي موتي ٿي ويو پيارا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
    خاڪ اُڏاڻي، ڪاڪ ڪري پئي، پوئين پهر ’اياز‘!
    ڪهڙي مُومل منهنجا راڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شيخ اياز جي اوائلي ڪتابن مان هڪ ڪتاب، جنهن ۾ شاعري پڙهي دل مان واهه واهه نڪري ٿي وڃي ۔۔۔۔۔
     
  3. خالدحسين

    خالدحسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2012
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا شيخ اياز جي شاعري تمام سٺي لڳي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهربانيون پيارا
     
  5. انمول

    انمول
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2014
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    38
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    انجنيئرنگ
    ماڳ:
    حيدر آباد، سند
    تمام خوب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو