فوزيه سومرو : سنڌي راڳ جي مشهور گلوڪاره

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 سيپٽمبر 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    فوزيه سومرو : سنڌي راڳ جي مشهور گلوڪاره
    سليمان وساڻ

    حال منهنجا ڪير پڇندو ڪير آ منهنجو هتي جهڙا ڪيئي لازوال ڪلام ڳائي مشهوري ماڻيندڙ سنڌ جي مشهور گلوڪاره محترمه فوزيه سومرو جو جنم 1966ع ۾ ٿر جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ويرواهه ۾ نٿو خان سومرو جي گهر ۾ ٿيو جيڪو حمد ۽ نعت ڳائيندو هو . سندس ننڍپڻ ۽ جواني ٽنڊو محمد خان ۾ گذريا. فوزيه سومرو کي گهروارن پاران ڳائڻ جي اجازت ڪانه ملندي هئي ۽ پرديدار هجڻ جي باوجود فن ۽ ڳائڻ جو شوق کيس ريڊيو تي وٺي آيو پر پهرين آڊيشن ۾ ئي هوء ناپاس ٿي پر هن همت نه هاري ۽ نصير مرزا کيس ريڊيو تي متعارف ڪرايو . سندس ڳايل پهريون ڪلام بيقدرا قدر نه ڪيڙئي ڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ سندس آواز سنڌ ۾ ڇانئجي ويو. ريڊيو تي سندس ملاقات استاد غلام حسين ڪليري سان ٿي ۽ هن کيس پنهنجو شاگرد بڻائي موسيقيء جي تربيت ڏني. پي ٽي وي تي کيس بيدل مسرور متعارف ڪرايو. فوزيه سومرو نه صرف پاڪستان پر سعودي عرب ، ڀارت، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ به ڳائي داد حاصل ڪيو.

    فوزيه سومرو ريڊيو ۽ ٽي وي سان گڏ اسٽيج ۽ ڪيسيٽ جي دنيا ۾ تمام گهڻا ڪلام ڳائي مشهوري ماڻي. فوزيه سومرو سنڌي سان گڏ مارواڙي، بلوچي، سرائيڪي، پنجابي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ به ڪلام ڳايا ۽ شهرت حاصل ڪئي. سندس مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته فوزيه سومرو جون 110 ڪيسيٽون مارڪيٽ ۾ آيون. موسيقيءَ ۾ فوزيه سومرو استاد مجيد خان ۽ غلام حسين ڪليري کي پنهنجو استاد مڃي ٿي. 1993ع ۾ سندس شادي مصري سٺيو سان ٿي، کيس هڪ ڌيء سدره ڪرن آهي. فوزيه سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري ڳائي پر هن سڀ کان وڌيڪ شاهه لطيف، بلاول اوٺي، شيخ اياز، سائينداد ساند، غلام حسين ڪليري ۽ علي محمد اڏيرائي کي ڳايو. فوزيه سومرو کي مڇتا عيوض سندس حياتيء ۾ ئي ريڊيو پاڪستان تان ايڪسلينٽ ايوارڊ، شاهه لطيف ايوارڊ ، مصري شاهه ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.

    کيس گڙدن جي تڪليف گهڻي وقت کان رهي ۽ 2002 ۾ بيمار رهڻ باوجود هن پاڻ کي ويل چيئر تي کڻائي به شاهه لطيف جي عرس تي ڪلام ڳائي پنهنجي مداحن کي مايوس ڪونه ڪيو. هوء 4 سيپٽمبر 2002 تي ڪراچي جي سول اسپتال ۾ دم ڌڻيء حوالي ڪري هن فاني دنيا کي ڇڏي وئي پر سندس آواز اڄ به سندس موجودگيء جو احساس ڏياريندو رهي ٿو.




     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏4 سيپٽمبر 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: فوزيه سومرو : سنڌي راڳ جي مشهور گلوڪاره

    ادا سليمان تمام بهترين محنت ڪئي آهي اوهان تمام لاجواب ادا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فوزيه سومرو : سنڌي راڳ جي مشهور گلوڪاره

    مهرباني ادا حوصلا افزائي جي
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لاڙ جي ڪويل فوزيه سومرو جي ورسيء تي سنڌ سلامت سٿ پاران کيس ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔
    [​IMG]
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    تمام بهترين ادا
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم صفدر وڳڻ پاران هلال پاڪستان ۾ ڇپيل ساڳيو ڪالم​
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    يارهين ورسيءَ جي نسبت سان : سريلي آواز واري فوزيه سومرو

    وزير فرهاد سولنگي


    فوزيه سومرو سنڌ جي اُها فنڪاره آهي جنهن سنڌي موسيقيءَ جي دنيا ۾ ٿورڙي ئي عرصي ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي. هيءَ مارئيءَ جي ملڪ ٿر سان تعلق رکندڙ هئي سندس جنم ٿر جي شهر ويرواھ لڳ ڳوٺ کارسر ۾ 1966ع ڌاري نٿو خان سومري جي ڪکن ۾ ٿيو.
    فوزيه سومرو کي پنهنجي گهر جي ماحول ۾ ئي فن ۽ ڏات جي شناسائي ٿي سندس والد نٿو خان سومرو سٺي آواز جو مالڪ هيو، پاڻ مذهبي ڏڻن جي موقعي تي مسجدن، مذهبي اجتماعن، مولود ۽ نعتون چوندو هيو، فوزيه سومرو ننڍپڻ کان ئي پنهنجي والد صاحب کان نعتون ٻڌندي هئي جنهنڪري کيس راڳ ۽ موسيقيءَ سان دلچسپي پيدا ٿي جنهنڪري هن اوڙي پاڙي جي ڪاڄن ۾ سهرا چوڻ شروع ڪيا، هن جي سريلي آواز کي ڏاڍو ساراهيو ويو. ان کانپوءِ هيءَ پنهنجي سهيليءَ سان گڏ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اچي پروڊيوسر انور بلوچ ۽ خواجه امداد علي سان ملي ۽ سندس آواز ۾ پهريون لوڪ گيت ”پائلي“ رڪارڊ ڪيو ويو، ان کان پوءِ نصير مرزا کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڳائڻ جا گهڻا موقعا ڏنا ۽ اهڙي طرح هيءَ سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿيڻ لڳي. سندس ڳايل ڪلام ”ڪوته اهڙو هجي حال مون کان پڇي“ کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو جيڪو نصير مرزا پروڊيوس ڪيو ان کانپوءِ هن ريڊيو پاڪستان خيرپور تان به گيت ڳائڻ شروع ڪيا.
    فوزيه سومرو گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان مان ميٽرڪ ڪئي ۽ فن جي شوق ۾ هوءَ اڳتي نه پڙهي سگهي. هن سنڌي، بلوچي، سرائڪي، پنجابي، اردو ۽ مارواڙي ٻوليءَ ۾ ڪافي گيت ڳايا ۽ هن پنهنجي دور جي چوٽيءَ جي شاعرن، ۽ صوفي بزرگ شاعرن جو ڪلام پڻ ڳايو، هن پنهنجي ملڪ کان ٻاهر به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو جنهن ۾ دبئي، ڀارت ۽ سعودي عرب شامل آهن. فوزيه سومرو جو ڳايل مشهور ڪلام ”الي منهنجا ماروئڙا“ به هڪ ڪيسٽ ۾ رڪارڊ ڪرايو جنهن جي موسيقي چاڪيواڙي لياريءَ جي رهاڪو موسيقار ظهور زيبيءَ ڪمپوز ڪئي. انهن ڏينهن ۾ فوزيه ٽي وي جو به رخ ڪيو ۽ ٽي وي تي سڀ کان پهريان کيس بيدل مسرور ڳارايا. سندس آواز ۾ ”جدائيءَ جي غم ۾ گذارين متان“ ريڪارڊ ڪيو. فوزيه سومرو 1993ع ڌاري حاجي مصري خان سٺيو سان شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪ نياڻي سدرا ڪرن ڄائي. فوزيه لوڪ گيتن ڳائڻ وسيلي تمام گهڻي مڃتا ماڻي مقبوليت حاصل ڪئي. پاڻ گهڻي ڀاڱي ٿري لوڪ گيت ڳايا جنهنڪري مائي ڀاڳي کان پوءِ هيءَ ٿري لوڪ گيتن ڳائڻ جي حوالي سان ٻي مقبول فنڪارا هئي جنهن ٿر جي لوڪ گيتن کي ٿر کان ٻاهر ڪڍيو.
    فوزيه کي ڪيترائي ايوارڊ مليا جن ۾ شاھ لطيف ايوارڊ ريڊيو، پاڪستان پاران ريجنل ايڪسلينسي ايوارڊ، سيد مصري شاھ ايوارڊ شامل آهن. فوزيه ڪيسٽ جي دنيا ۾ به تمام گهڻو مشهور ٿي ۽ هن 110 کان وڌيڪ آڊيو ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ آنديون، سندس ڳايل نغمن کي نه رڳو سنڌ اندر پر سڄي ملڪ ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو سنڌي محفلن کان سواءِ ڪراچي توڙي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ اردو محفلن ۾ به کيس ڳائڻ جو موقعو مليو. فوزيه سومرو ڊسمبر 2001ع کان بيمار ٿيڻ لڳي ۽ هيءَ مسلسل ڏھ مهينا بيماريءَ جي بستري تي داخل هئي سندس بيماريءَ جو سبب پيٽ ۾ ٻارڙي جي مرڻ ڪري بڪين ۽ جيئري جو گهڻو متاثر ٿيڻ ڪري هيءَ سريلي آواز واري فنڪارا 4 سيپٽمبر 2002ع ۾ هزارين مداحن کي اڪيلو ڇڏي مٽيءَ ماءُ حوالي ٿي. سندس گيتن ۽ سنڌي موسيقيءَ لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي اڄ سندس يارهين ورسي ملهائي پئي وڃي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    منهنجيون ڳالهيون ساريندين...

    صحراءِ ٿر جي سرزمين سُرن جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي. ٿر جي ڪلاڪارن پنهنجي ڪَلا ذريعي سڄيءَ دُنيا ۾ سنڌ جو نانءُ روشن ڪيو آهي. موهن ڀڳت، مُراد فقير، مائي ڀاڳي، حُسين فقير، ٻُڍو فقير، موجوده دور ۾ صادق فقير، ڪريم فقير ۽ رجب فقير ٿر جي اها مهڪ آهن، جيڪا هميشه دلين جا گُلشن مهڪائيندي رهندي. لوڪ گائيڪيءَ ۾ مائي ڀاڳيءَ کانپوءِ فوزيه سومرو اهڙو نانءُ آهي، جنهن جي آواز ۾ مارئيءَ جي ملير ۽ ماروئڙن جي من آشائن جي اُها صدا آهي، جنهن ۾ پاري ننگر جي تهذيب جو پڙاڏو گونجي ٿو. ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ کارسر ۾ حاجي ناٿو جي گهر جنم وٺندڙ حڪيمان ٻالڪپڻ کان جوانيءَ تائين ڳوٺ ۾ ئي وقت گذاريو ۽ بعد ۾ جڏهن سندس والدين بدترين ڏُڪاريل حالتن کان تنگ اچي بئراج پهتا ۽ ٽنڊو محمد خان وسايائون، اُنهن ڏينهن ۾ حڪيمان ڳوٺن جي ڪاڄن ۾ ڳائيندي، اسٽيج تائين رسائي حاصل ڪئي ۽ حڪيمان بدران فوزيه جي نانءُ سان سُڃاڻپ ڪرائي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سندس گيتن جڏهن سنڌ جي هوائن آڌار واهڻ وستين جو رُخ ڪيو، هزارين دلين جي ڌڙڪنن ۾ فوزيه جا آلاپ رڌم بڻجي رقص ڪرڻ لڳا هُئا. اهو دور آڊيو ڪيسٽن جي عُروج جو دور هو. 1990-1991 کان وٺي سندس وڇوڙي واري سال 2002ع تائين فوزيه راڳ جي دُنيا تي راڄ ڪيو. فوزيه سنڌيءَ سان گڏ ڍاٽڪي ۽ مارواڙيءَ ۾ به زبردست نموني گيت ڳائي داد حاصل ڪيو. هن اردوءَ ۾ به گيت ڳايا پر سنڌي، ڍاٽڪي ۽ مارواڙي سندس سڃاڻپ جو سبب بڻيا. هڪڙي پاسي هُن جي گيتن ۾ پيار، اقرار جون ڪٿائون آهن، ته انتظار ۽ اشڪبار اکين جا اوسيئڙا به آهن. محبوب سان حُجتون آهن ته سنجيده شڪايتون به آهن، مُحبتن جي محروميءَ جو ماٺيڪو ماتم به آهي، ته وصل جي سڻائي واءُ جا جمالا به آهن، ڌرتيءَ جي دردن جا سُڏڪا آهن، ته مانائتن ماروئڙن جي ثقافتي جهلڪ ۾ جرڪندڙ ادائون به آهن. هن جي ڍاٽڪي ۽ مارواڙي لهجي ۾ ڳايل گيتن مان مٺاس جي ماکي لارن ۾ پلٽيل جيڪي آلاپ آهن، اهي عام توڙي خاص جي دل تي گهرو اثر ڇڏين ٿا. هن وٽ ڪلاسيڪل راڳ جي ڪا باقائده ڄاڻ به نه هُئي پر هن ديسي ڌُنن تي لوڪ گائيڪيءَ ۾ خوبصورت گيت ڳايا، جيڪي اڄ به وڏي شوق سان سنڌ جو هر ماڻهو ٻڌي ٿو. فوزيه سومرو سنڌ جي مختلف شاعرن جي شاعري ڳائي پر جنهن انداز سان ٿر جي ٻن شاعرن بلاول اوٺو ۽ سائينداد ساند کي هن ڳايو، ان جو ڪو مٽ ئي ناهي. ”ڪو ته اهڙو هجي، حال منهنجا پُڇي“ يا ”ڪنهن هٿ هلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا“ جي سرگم تي پٿر دليون به ميڻ ٿي پون ٿيون، روح جون تنها ڪيفيتون ماڻهوءَ کي ساروڻين جي صحرا ۾ رولي ڇڏين ٿيون. فوزيه سومرو ٿر جهڙي پٺتي پيل علائقي جي هڪڙي ننڍي ڳوٺ مان اُڀري جيڪا ڪلا کيتر ۾ مڃتا حاصل ڪئي، اهڙي مڃتا قسمت وارن کي نصيب ٿيندي آهي. سندس مڃتا جو سج ڪڏهن به لهڻو ناهي، ڇو ته اڄ به سنڌ جي واهڻن ۽ وستين ۾ فوزيه جي گيتن جي گُونج ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. سنڌ جي هِيءَ پنهنجي انداز جي گائيڪا، زندگيءَ دوران ٻه ٽه ڀيرا بيمارين جي سخت پيڙائن مان گذرندي رهي پر ثقافت کاتي ڪڏهن به حسب روايت سندس سار نه لڌي ۽ آخرڪار 4 سيپٽمبر 2002ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي.

    شهاب نهڙيو/گونگيو (ٿرپارڪر)
    ڪاوش
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هي ڳائڻي منهنجي پسند جي آوازن مان هڪ آهي۔ توڙي جو کيس سڀ شاعري سُٺي نه ملي يا ميوزڪ پڻ۔ پر هِن پنهنجي پاران ڪسر نه ڇڏي۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  11. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    [​IMG]
    سنڌي راڳ جو نه وسرندڙ آواز فوزيه سومرو 15 ورسي جي مناسبت سان

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    بي قدرا قدر نه ڪيئڙ ئي ڪو

    فوزيه سومرو سونهاري سنڌ جي اها فنڪاره آهي جيڪا ڏڪار ۽ خوشحالي واري ديس ٿر سان تعلق رکي ٿي، سڪاري واري حالت ۾ ٿر سرسبز هوندو آهي، ته گهمڻ ڦرڙڻ وٽان هوندو آهي . جڏهن قدرت جي سائي چادر سان ٿر ڍڪجي ويندو آهي. ته پري پري کان ماڻهن جا هجوم گهمندي پئي نظر ايندا آهن .مگر جڏهن ڏڪار ٿر تي نظر ايندو آهي، ته ماڻهڻ توڙي جانورن جو جئيڻ مشڪل ٿيو وڃي ۽ ٿر ڇڏڻ تي مجبور ٿئي پوندو آهي .ٿر جي خوشحالي جو سبب وسڪاري تي هوندو آهي تڏهن ئي ته سنڌي زبان ۾ چوندا آهن ته

    وسي ته ٿر ، نه ته بر ئي بر

    انهي ٿر جي سڃاڻپ اتان جي تهذيب ، ثقافت ۽ تاريخ جا اهم ڪردار هوندا آهن . اهڙن ڪردارن منجهان سر سنگيت جي ناليواري فنڪاره فوزيه سومرو جو به نالو اچي ٿو جيڪا سال 1966ع ڌاري ٿر جي شهر ويراواهه لڳ تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ کارسر منجهه ناٿو خان سومري جي گهر ۾ اکيون کوليون .سندس اصل سچو نالو( حڪيمان )هو سندس مٺڙي جو نالو (ستان )هو .سندس ور جو سچو اصل نالو( طالب حسين) آهي جنهن کي پيار منجهان عام ڳوٺ وارا وري (حاجي مصري خان سٺيو ) ڪوٺين . فوزيه سومرو جو والد صاحب ان زماني ۾ ٽنڊي محمد خان شهر ۾ فوجي شگرمل ۾ ملازم هو . هو ٿر کان لڏي اچي اتي گهر اڏيائين . هن جي والد ناٿو خان کي پڻ سر سنگيت سان دلچسپي هوندي هئي ، جيڪو سٺي سريلي آواز جو پڻ مالڪ هو ،هو پنهنجي آواز کي مسجدن منجهه مولود ، حمد ۽ نعتن پڙهي پنهنجي من جو سرور پورو ڪندو هو . فوزيه سومرو کي به پنهنجي والد جو مٺڙي آواز جو ذهن تي وڏو اثر ٿيو .هن کي به سر سنگيت جو فنڪار اندر ۾ جاڳي پيو ،فوزيه جو تعلق هڪ مذهبي گهراڻي سان هو جنهن سبب ڪري هن کي فن جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏي ڏکيائيون کي منهن ڏيڻو پيو ، هو هڪ گهريلو ۽ پردي دار ڇوڪري هئي .مگر شوق کي پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجي مٽن مائٽن کان لڪي ڇپي ننڍن ننڍن پروگرامن منجهه شادين ۾ سهرا ۽ خاص طور تي لوڪ گيت ڳائي پنهنجو شوق پورو ڪندي هئي . هڪ ڏينهن هن جي سهيلي گلزار زال انور سهتي صلاح ڏنس ته فوزيه توهان جو آوازتمام سريلو آهي وڃي ريڊيو پاڪستان تي ڳاءِ بعد ۾ فوزيه سومرو ان سهيلي کي ساڻ ڪري وڃي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آڊيشن ڏيڻ لاءِ پهتي . ان زماني ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پروگرام مينجر محترم خواجه امداد علي ۽ موسيقي شعبي جو پروڊيوسر مرحوم انور بلوچ صاحب هو ان زماني ۾ فوزيه سومرو کي اهيو جواب ڏئي آڊيشن نه ورتائون ته ( فوزيه توهان کي لئي سر تار جي ڪابه خبر ناهي ،توهانکي مشورو ٿو ڏجي ته ڪنهن فن جي دنيا سان واسطو رکندڙ کان تربيت وٺي اچو )بعد ۾ فوزيه سومرو ان زماني جي ڍولڪ نواز ۽ سٺي شاعر غلام حسين ڪليري کان تربيت وٺي ،زبردست ڳائڻ سکي وري ريڊيو پاڪستان تي پهتي جتي محترم خواجه امداد صاحب ۽ محترم انور بلوچ صاحب سندس آواز ۾ پهريون لوڪ گيت ( پائلي ڙي الا ، مون ڏي مارن مڪي پائلي ) رڪارڊ ڪيو .تنهن بعد سال 1987ع ڌاري فوزيه سومرو کي سونهاري سنڌ جي عظيم انسان ناليواري براڊڪاسٽر ماکي کان به مٺڙي آواز جي مالڪ ، ريڊيو جي آواز جي دنيا جي لفظن جو جادوگر سنڌ ڌرتي جو ڏاهو براڊڪاسٽر محترم نصير مرزاصاحب ڏاڍي همت افزائي ڪئي ،۽ سندس جي آواز منجهه ٻه ڪلام ( بي قدرا قدر نه ڪيئي ڪو ،۽ ڇڏي ويا ساٿي سکن جا ) رڪارڊ ڪيا. جيڪي سڄي سنڌ ۾ مقبول پڻ ٿيا فوزيه سومرو کي راڳ جا سڀ گر استاد مجيد خان ۽ غلام حسين ڪليري صاحب سيکاريا. ريڊيو تي گهڻي ڀاڱي فوزيه سومرو کي محترم نصير مرزا صاحب رڪاڊ ڪيو ، ۽ سندس ڪلامن سنڌ جي جهر جهنگ وڏي مقبوليت ماڻي .تنهن بعد فوزيه سومرو ٽيليويزن پاڪستان تي به ڳائڻ جو سوق ٿيو جتي سڀني کان پهريان بيدل مسرور صاحب ڪلام ( جدائي جي غم ۾ گذارين متان ) رڪارڊ ڪيو مگر فوزيه سومرو کي ٽي _وي تي ڳائڻ جو موقعو گهٽ مليو فوزيه سومرو ڪجهه لوڪ گيت به رڪارڊ ڪرايا ڪيسٽ جي دنيا منجهه هن ٿر جي مختلف ٻولين مارواڙي ، ڍاٽڪي ، ۽ گجراتي زبانن ۾ لوڪ گيت رڪارڊ ڪرائي بعد ۾ هن ٻه ٽي ڪيسٽون پڻ ان سلسلي جو ڪڍيون ، فوزيه سومرو مائي ڀاڳي ٿر جي ڪوئل کان بعد ٻئي مشهور فنڪاره هئي جنهن ٿر جي لوڪ گيتن کي ٿر کان ٻاهر زبردست معتارف ڪرايو . تنهن هوندي به فوزيه سومرو جي سڃاڻپ لوڪ گيت نه پر عام ڪلام آهن .فوزيه سومرو سوين گيت ڳايا ، سوين ڪيسٽون ڪڍيون هن ڏيه توڙي پرڏيه ۾ پنهنجو پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان سان گڏ سونهاري سنڌ جو نالو روشن ڪيو هن ڏيهه کانسواءِ پرڏيهه سعودي عرب ، قطر ، ڀارت ، دبئي ، شارجه ، سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن کي اجاگر ڪيو ۽ جوهر ڏيکاريا .فوزيه سومرو مختلف ٻولين ۾ سرائڪي ، اردو ، بلوچي ، مارواڙي ۽ ٻين ٻولين ۾ خوب ڳايو .فوزيه سومرو نون توڙي پراڻن شاعرن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ، سچل سرمت رح شيخ اياز ، بلاول اوٺو ، علي محمد اڏيرائي ، سائينداد ساند ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شاعرن کي ڳائي خوب داد حاصل ڪيو فوزيه سومرو سال 1993ع ڌاري ٽنڊي محمد خان جي مشهور زميندار طالب حسين ( حاجي مصري خان سٺيو ) سان شادي جي ٻڌڙن ۾ ٻڌ جي وئي . جنهن منجهان هڪ نياڻي صدره ڪرن نالي پيدا ٿي . فوزيه سومرو کي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ جن ۾ شاهه لطيف ايوارڊ ، شهباز ايوارڊ سميت لاتعداد ايوارڊن سان نوازيو ويو فوزيه سومرو بڪين گڙدن جي بيماري سان زندگي جا مسلسل ڏهه مهينا جنگ ڪئي مگر بيماري ست ئي نپوري ڇڏيو نيٺ هي سريلي سنڌ جي ڳائڻي 4سيٽمبر 2002ع اربع جي ڏينهن 36 سال 8 مهينا ۽ 3 ڏينهن زندگي جا گذاري ، ڪراچي سول اسپتال (ايس آءِ يو ٽي ) ۾ سر سنگيت جا سڀ ساز بند ڪري هزارين مداحن کي اڪيلو ڇڏي هميشه هميشه ابدي ننڊ آرامي ٿي .کيس ٽنڊي محمد خان جي سخي برهان شاهه قبرستان ۾ تربت قائم آهي ، سندس گيتن ۽ سنڌي موسقي لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي فوزيا سومرو هي جهان ڇڏيندي ڪيترو عرصو گذري ويو آهي مڱر ڳايل سندس ڪلام ۽ گيت هر ننڍي وڏي شهر ۾ اڄ به ان ئي وقت جيان گونجي رهيا آهن . لاڙ جي ڪوئل فنڪاره فوزيا سومرو جي اڄ 4 سيپٽمبر تي 15 ورسي سڄي سنڌ ۾ ملهائي پئي وڃي



    ___
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    پيارا محمد سليمان وساڻ صاحب لک قرب ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو