ڪنهن به ٻولي جي سکڻ لاءِ ٽي عمل ضروري آهن. هڪ لکڻ ٻيو پڙهڻ ٽيون ڳالهائڻ اڄ مان انهن مان هڪ عمل بابت هتي ڳالهه ڪندس . اصل ۾ انگريزي پڙهڻ ڪو ايڏو وڏو مسئلو به نه آهي ظاهر آهي جيڪو ڪمپيوٽر هلائڻ ڄاڻي ٿو سو ٿورو گهڻو انگريزي سکيل ته هوندو ، جيڪڏهن ان کي ڪو اهڙو ڪتاب ملي وڃي جيڪو دلچسپ هجي ۽ ان ۾ لکيل انگريزي به سادي هجي اهو پڙهندي معلومات ته ملندي ئي پر ڳالهائڻ يا لکڻ لاءِ نوان نوان انگريزي لفظ به ياد بيهندا. ان سلسلي ۾ هتي مان ملان نصير الدين جي ننڍن ننڍن ٽوٽڪن تي مشتمل هڪ ڪتاب لڳائي رهيو آهيان جنهن کي پڙهي توهان پنهنجي لاءِ انگريزي الفاظ جو زخيرو امپروو ڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن ڪنهن لفظ جي معني سمجهه ۾ نه اچي ته ڊڪشنري استعمال ڪيو ان سان توهان کي وڌيڪ فائدو ٿيندو. ته حاضر آهي ملان نصيرالدين جي ننڍن ننڍن مذاقن تي مشتمل ڪتاب جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ ان جي زندگي جا دلچسپ واقعا سنڌ سلامت جي کل ڀوڳ واري سيڪشن ۾ لکڻ نه وسارجو. ڊائون لوڊ ڪريو
مهرباني سائين! مان ته ڊائنلوڊ ڪري ورتو آهي، بس پرنٽ آئوٽ ڪڍي ٽرين ۾ پڙهندو ويندس..... دعا ڪيو ته ٽرين ۾ ويهڻ جي جاءِ ملي.... باقي ڊڪشنريءَ جو انتظار رهندو
ادا وحيد! اوهين حڪم ڪريو ۽ اسين دير ڪريون، اها به ڪا ڳالهه آهي ... هي ڏسو هڪ دوست ملان نصير کان پڇيو ته يار تنهنجي عمر گهڻي آهي؟ ملان وراڻيو؛ چاليهه سال دوست چيو، ٻه سال اڳ به تو چاليه سال عمر ٻڌائي هئي ملان وراڻيو، جي بلڪل صحيح ٿا چئو، آءُ جيڪا ڳالهه ڪندو آهيان ان تي قائم رهندو آهيان ... ڪيئن ڀاءُ وحيد صحيح ڳالهه آهي نه؟ shal judy hujeen