راشد مورائي : سنڌ جو مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 مارچ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فتوى نه ڏيو، ڪافر نه چئو، مومن کي ميان منڪر نه چئو،
    سچ پچ ته اسان جو سونهن مٿي، ايمان سلامت آهي اڃان


    [​IMG]

    [JUSTIFY]سنڌ جي تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته اهڙا ڪيئي شاعر ملندا جن پنهنجي مزاحمتي ۽ انقلابي شاعري ذريعي سنڌ جي ماڻهن ۾ هڪ نئون جوش ۽ ولولو پيدا ڪيو آهي۔ اهڙي ئي عظيم شاعرن مان هڪ سنڌ جي ساهتي پرھڻي جي موري شهر سان تعلق رکندڙ راشد مورائي پڻ آهي۔

    سنڌ جي هن سريلي شاعر راشد مورائي 5 مارچ 1944ع تي مورو ڀرسان سنڌوءَ جي ڪپ تي، ڳوٺ جوڻالي ۾ جنم ورتو. راشد مورائي سونهن، عشق، مذاهمت ۽ انقلاب جو شاعر هجڻ سان گڏ هڪ بهترين نقاد ۽ اديب پڻ آهي۔ راشد جا گيت ۽ غزل سنڌ جي سڀني فنڪارن ڳائي داد حاصل ڪيو آهي۔ راشد پيشي جي لحاظ کان هڪ استاد آهي۔

    سندس شاعري ۽ لکيل مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپبا رهيا آهن ۽ خاص ڪري نوجوان ، تبديلي پسند ۽ شاگرد کيس پنهنجو شاعر سمجهندا آهن۔ سندس شاعريء جا ڪتاب ”سنڌڙيءَ جو سوداءُ“، ”مينديءَ سندا کيت“، ۽ ”دل جو شهر“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا ۽ گهڻو مقبول ٿيا آهن۔ جڏهن ته راشد مورائي جو سهيڙيل خطن جو ڪتاب - خط خوشيءَ مان کول پڻ ڇپجي چڪو آهي۔ جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل تخليقي مواد تعلقي موري جا اديب، سنڌي ادب جي سونهن، جهڙي آيس جيئن، ڇپائي جا منتظر آهن۔

    راشد مورائي سنڌ جو يگانو شاعر آھي جنهن پرائمري استاد ٿي ڪري علمي، ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن.

    جهڙو نقشو سنڌ جو، تهڙي تنهنجي سونهن،
    منهنجي روح ورونهن، ڏسڻ پسڻ ٻنهي کي

    [/JUSTIFY]

    مون ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي
    ان واٽ تا گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

    جوکي ۾ وڌم جيءَ، ڪيم جنگ امن لاءِ
    انياءَ سان اٽڪين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

    هر گھاءُ مٿان گھاءُ سهي اُف نه ڪئي مون
    جي ويڙهه ۾ ڦٽجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

    هر جاءِ جدوجهد هر جاکوڙ ۾ شامل
    ڪم ڪار کان ورچين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

    راهي ! تو ڏٺو آهه مون ساهي نه کنئي آ
    جي راهه ۾ ٿڪجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

    اي واٽ مسافر! تون ڪڏهن منهنجي قبر کان
    ڀلجي به جي گذرين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

    جو سبق سچائيءَ جو ڏنو آهه مون راشــــــــد
    سو سبق جي سمجهين ته مون کي ياد ڪندو ڪر

    [​IMG]

    راشد مورائي جي شاعري مختلف فنڪارن جي آواز ۾







    راشد مورائي جي شاعري سندس ئي آواز ۾

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: راشد مورائي : سنڌ جو مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر (جنم ڏينهن تي کيس ڀيٽا)

    راشد مورائي سنڌ جو تمام سهڻو شاعر آهي ۔۔۔ سندس شاعري حساس جذبن سان سرشار هوندي آهي ۔۔۔ کيس پڙهندي ۽ ٻڌندي ماڻهون مست ٿيو وڃي ۔۔۔ سندس قومي شاعري به تمام سهڻي ۽ لاڀائتي آهي ۔۔۔

    اوهانجي چونڊ واري غزل ۔۔۔” مونکي ياد ڪندو ڪر“ تي مونکي فلمن ۾ ڏٺل ۽ پنهنجي ذاتي تجربي مان به اهو منظر ياد ٿو اچي جو جڏهن انسان موت جهڙي مصيبتن مان گذرندو آهي ته پنهنجي پياري کان پياري شئي کي ياد ڪري پنهنجي تڪليف کي گهٽائي ڇڏيندو آهي ۔۔۔ سچ پڇو ته ڪجهه مهينا اڳ جڏهن منهنجي دل پنهنجي اصل رفتار وڃائي ويٺي هئي ۽ آ اسپتال داخل ٿيو هيس ته ڊاڪٽرن ته پنهنجو ڪم ٿي ڪيو پر، آ سنڌ گهمندي پنهنجي محبوب سان گڏجي ويو هيس ۔۔۔ خبر ئي نه پئي هئي ته ڊاڪٽرن ڇا ڪيو ۽ آ ٺيڪ ڪيئن ٿي ويو هيس ۔۔۔

    ساڳئي جذبي کي سهڻي مورائي شايد محسوس ڪندي اهو لکيو آهي ته جڏهن تڪليف ۾ هجين ته مونکي ياد ڪجان ۔۔۔

    لک ٿورا سهڻا سليمان جو اوهان اسانکي سهڻن اديبن ۽ شاعرن سان ملائيندا رهو ٿا ۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر کي سندس جنم ڏينهن تي سلام پيش ڪجي ٿو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڌڻي کيس هميشه خوش رکي۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    پنهنجي سنڌ جي سيبتي شاعر مانواري
    سائين راشد مورائي کي سندس جنم ڏينهن تي مبارڪ
    2277 اٽيچمينٽ ڏسو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سنڌ ڌرتي کي هاڻ اهڙي ئي مزاحمتي شاعر جي ڏاڍي گهرج آهي۔۔۔جنم ڏينهن جون واڌايون

    جهڙو نقشو سنڌ جو، تهڙي تنهنجي سونهن،
    منهنجي روح ورونهن، ڏسڻ پسڻ ٻنهي کي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو