مولوي حاجي احمد ملاح جي شخصيت ۽ شاعري جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ذوالفقارشام طرفان آندل موضوعَ ‏17 مئي 2012۔

  1. ذوالفقارشام

    ذوالفقارشام
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2012
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    آئي ٽي انچارج
    ماڳ:
    بدين شهر
    مولوي حاجي احمد ملاح پنهنجي زماني کان وٺي اڄ تائين لاڙجوسڀ کان وڏو عوامي شاعر آهي لاڙ جي زندگي لاڙ جي زبان جي سموري فطري ۽ تهذيبي سونهن جو نمائنده شاعري آهي. مولوي حاجي احمد ملاح اسان جي ويجهڙائي واري وقت جو اهو وڏو شاعري ۽ عالم آهي جنهن تمام گهڻو لکيو پر هن جي زندگي تي تمام گهٽ لکيو ويو جيڪو لکيو اهو به اڻ پورو ” نورالقرآن“ جي نالي سان سندس ڪيل قرآن شريف جو ترجمو سندس علم ۽ محنت جو سڀ کان وڏو دليل آهي، هن نه رڳو عربي زبان جي اکرن جو ترجمون ڪيو پر قرآن شريف جي حڪمن هدايتون ۽ تعليم جي روح جو به ترجمون ڪري ڏيڪاريو اها سندس وڏو ادبي ۽ مذهبي خدمت آهي. هن پنهنجي تخليق جي هٿن سان انساني زندگي جي اکين تي ٻڌل انسان دشمن روايتن ۽ رسمن جي پٽين کي کولي ماڻهن کي زندگي جون باوقار راهون ڏيکاريون، پستي کان بلندي ڏانهن اونداهي کان روشني ڏانهن، رات کان صبح ڏانهن هلڻ جي تلقين ڪئي سندس بيشمار سنڌي بيت، غزل، ڏوهڙا، ڪافيون، مولود، مدائون، مناجاتون ان علمي جدوجهد جا ثبوت آهن، مولوي احمد ملاح جي شخصيت ۽ شاعري تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي خواهش سان منهنجي ڏنل درخواستن جي نتيجي ۾ يونيورسٽي آف سنڌ مهرباني ڪري مونکي سنڌي شعبي مان مولوي حاجي احمد ملاح جي شخصيت ۽ شاعري جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو موضوع تحت ايم، فل لاءِ رجسٽر ڪيو شروع ۾ ڊاڪٽر هدايت الله آخوند کي منهنجو گائڊ سپروائزر مقرر ڪيو ۽ هاڻي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب منهنجو گائڊ سپروائزر آهي، مون ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب جي رهنمائي ۾ پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو آهي هن تحقيقي ڪم دوران تحقيق جو طريقيڪار اهو اختيار ڪيو جيڪو تحقيق جو طريقيڪار اهو اختيار ڪيو جيڪو تحقيقي ڪم لاءِ طريقيڪار اڄ تائين اختيار ٿي رهيو آهي، مون مولوي حاجي احمد ملاح( 169-1877جر سوانح عمري جي باري ۾ سندس اباڻي ڳوٺ ۽ انجي ڀرپاسي جي ماڻهن کان ڄاڻ حاصل ڪئي ان کان علاوه جن مدرسن ۾ مولوي صاحب پڙهيو يا پڙهايو انهن مدرسن سان لاڳاپيل ماڻهن سان ڪچهريون ڪيون، مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري جا سمورا ڪتاب پڙهيا سندس ڳايل شاعري ٻڌي سندس ڪتابن ۽ سندس شخصيت بابت جيڪي به سنڌ جي اديبن شاعرن ۽ عالمن لکيو آهي انهن لکيل مهاڳن، ڪالمن، مضمونن ۽ مقالن کي پڙيهو هن ڪم کي مختلف ڪتابن جي مطالعي ۽ لئبريرين جي مدد سان هن سطح تي پهچايو آهي جن لئبريرين ۾ مطالعو ڪيو انهن ۾ گورنمنٽ اسلاميه ڊگري ڪالج بدين، گورنمنٽ گرلس ڪاليج بدين دارالسلطانيه لئبريري، مولوي حاجي احمد ملاح لئبريري، مولانا خير محمد نظاماڻي لئبري ۽ شيخ محمد سومار لئبريري اچي وڃن ٿيون، ايم. فل جي هن تحقيقي ڪم کي مون ستن بابن ۾ ورهايو آهي جيڪي هن ريت آهن.

    باب پهريون
    (الف؛ بدين)
    بدين شهر جي بديڻ جي نالي سان 16 صدي جي لکيل ڪتابن ۾ ذڪر ٿومغلن جي زماني ۾ هن شهر جي ڀل ڀلان هئي 1780 ۾ مدد خان پٺاڻ هن شهر کي ڦري لُٽي ساڙي ڇڏيو پراڻي بدين جا نشان هاڻوڪي بدين جي ڏاکڻي طرف دڙن جي شڪل ۾ 1978ع تائين موجود هئا هاڻ انهن دڙن تي ماڻهن جي آبادي آهي، پراڻي بدين جي سڙڻ کان پوءِ هڪ هندو سيٺ نالي سانولي هاڻوڪو بدين شهر ٻڌايو جنهن کي سندس نالي پٺيان سانول پور سڏيو ويو پر ڪجهه سالن کان پوءِ وري پراڻي بدين شهر نالي سان بديڻو سڏجڻ لڳو بدين شهر تي بدين جو نيلو هن شهر جي هڪ پريي مڙس بديڻو جي نالي پٺيان پيو هن وقت هن ضلع جي 5 تعلقه آهن جن ۾ بدين، شهيد فاضل راهو (گولاڙچي)، ماتلي، تلهار ۽ ٽنڊو باگو اچي وڃن ٿا، بدين 1975ع ۾ ضلعو ٿيو.

    (ب) مولوي حاجي احمد ملاح جا ابا ڏاڏا
    مولوي حاجي احمد ملاح جا ابا ڏاڏا صدين کان سمنڊ ڪناري آباد آهن ملاح ذات جي تاريخي پٺ تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته ملاح سنڌ جي قديم ذاتين مان هڪ ذات آهي، ڪن محققن جو خيال آهي ته سنڌ جا قديم رهواسي دراوڙ هئا ملاح نسل جي باقيات آهن، ڪن محققن جو اهو به خيال آهي ته ملاح مون جي دڙي جي اوج واري زماني ۾ سنڌ ۾ موجود هئا، ملاحن کي مهاڻو، ميربحر، ميه،ميڌ ۽ ميراڻي به چيو ويندو آهي، لاڙ جي شهرن ٺٽي ۽ بدين هن ذات جا ڪافي قبيلا رهن ٿا، ابراهيم حيدري، دادو، سانگهڙ ۾ به ملاح قبيلي جا وڏا ڳوٺ آباد آهن.

    (ج) مولوي حاجي احمد ملاح جو جنم، ننڍپڻ ۽ تعليم
    مولوي حاجي احمد ملاح (1877ع) روپا ماڙي جي آمهون سامهون ڳوٺ ڪنڊي، ديهه لوهڻ تپو چورهڏي يونين ڪائونسل ڀڳڙا ميمڻ، تعلقي بدين ۾ هڪ مسڪين هاري ناگيو ملاح جي گهر ۾ پيدا ٿيو سندس والده جو نالو مائي سڀائي هو، مولوي حاجي احمد ملاح جو والد سندس جنم کانپوءِ چند سالن ۾ گذاري ويو مولوي حاجي احمد ملاح 11 هن سالن تائين مال چاريو 11هن سالن کان پوءِ ڳوٺان چوري ڀڄي وڃي ٻهڊمي ۾ مولوي عبدالله منڌرو وٽ قرآن پڙهيو، سجاول ۾ پڙهيو بدين ۾ پڙهيو آخر ۾ گهڙي واري مدرسي ۾ سندس دستار بندي ٿئي.



    باب ٻيو
    مولوي حاجي احمد ملاح سڀ پهرين پير عالي شاهه جيلاني جي زير نگراني ۾ هلندڙ مدرسي مظهرالعلوم ۾ پڙهائيندو هو 1932ع ۾ غريب آباد ۾ پنهنجي مدرسي انوارالعلوم جو بنياد رکيو جنهن مدرسي کي پاڻ هلائيندو هو.
    شهر ۾ هڪ لئبريري مولوي احمد قائم ڪئي، شهر کان اوڀر طرف وڏيري گلکان سيٺ ڀائيواري تي ورتل ڪجهه ايڪڙ زمين آباد ڪرائيندو هو، سندس جوڙايل مسجد جي اڳيان هڪ ڪمري واري ماڙي هوندي هئيجت ڪچهريون مچنديون هيون، راڄ ڀاڳ جا فيصلا به ڪندو هو، اليڪشني عملن ۾ حصو وٺندو هو،مولوي غريب آباد ۾ ٻه چار دڪان به جوڙايا هئا جتان مسواڙ جا پئسه به کيس ملندا هئا.

    (ب) شخصيت، لباس، حليو، رهڻي ڪهڻي.
    مولوي حاجي احمد ملاح عوامي زندگي جي سمورن وهڪرن ۽ آبشارن ۾ شامل رهيو، سندس ذاتي دوستي جو دائرو وسيح هو، علي ٽالپور کان وٺي بدين جي ربڏني لنڊ تائين جي ماڻهن سان سندس جيءَ جون واٽون هيون، غريب حال سارو مهمانوازيون ۽ سخاوتون به رهيون جيڪو مهمان آيو ان کي ماني ۽ هنڌ به ملندو هو مسئلن جي حل لاءِ خط پٽ به لکندو هو، غريب آباد واري ماڙي تي ماڻهن جا ميڙ هوندا هئا، سادو لباس پائيندو هو هن ڪڏهن به پاڻ وٽ هڪ وقت تي ٻه ڪپڙن جا وڳا نه رکيا هن جي منهن ۾ ڪاوڙ نه هوندي هئي، اڪثر پنڌ هلندو هو ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ به پنڌ هليو ويندو هو، بي ڍپو * بهادر انسان هو هن جي سموري عمر جدجهد ۽ جستجو ۾ گذري لکڻ پڙهڻ سان کيس وڏو عشق هو، ميگهواڙن جي ٺاهيل جتي پائيندو هو، هٿ ۾ وريل مٺ وارو نيٽ کڻندو هو کجي جي ٽوپي ان مٿان اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي هڪ ڇيڙو پاسي ڇڏي ڏيندو هو، پٽڪي مٿان مفرل ويڙهي اڌ منهن ڍڪي ڇڏيندو هو، سياري ۾ ڪوٽ پائيندو هو، کاڌي ۾ چانورن جي ماني ۽ ڪکن جي سهل مڇي سندس پسند جو کاڌو هو، ناس جي ڏٻلي ۽ نڪ اگهڻ لاءِ ڳاڙهو رومال اڪثر هٿ ۾ هوندو هو.

    شادي اولاد ۽ لاڏاڻو
    مولوي حاجي احمد ملاح جت شادي ڪرڻ چاهي ٿي ات سندس شادي نه ٿي، سندس شادي ويجهي عزارت ۾ عارب ملاح جي نياڻي مائي حوا سان ٿئي،جنهن مان کيس ٽي پٽ عبدالرحمان، عبدالرحيم ۽ عبيدالله ٿيا ۽ هڪ نياڻي مائي حليمان ٿي، مولوي حاجي احمد ملاح وڏي عمر تائين صحتمند هو 92 سالن جي ڄمار ۾ 19 جولاءِ 1969ع تي پنهنجي غريب آباد واري گهر ۾ جهان ڇڏيائين معصومن جي مقام ۾ کيس دفن ڪيو ويو سندس وفات تي بدين شهر بند ٿي ويو سنڌ جي ناموراخبارن مولوي حاجي احمد ملاح نمبر ڪڍيا سنڌ جي عالمن،اديبن،دانشورن ۽ سياستدانن سندس جنازي ۾ شرڪت ڪئي اڄ تائين سندس ڏيهاڙا ۽ ورسيون ملهايو وڃن ٿيو.

    (ب) مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري جي شروعات
    مولوي حاجي احمد ملاح پنهنجي منظوم سوانع عمري ۾ چيو ته آهي ته هو ننڍپڻ کان ئي شاعري ڪندو هو اڳتي هلي مختلف مدرسن ۾ مختلف عالمن وٽ پڙهڻ ۽ زندگي جي مختلف گسن تي مختلف خزائون بهارن جي اثر ڪري سندس شاعري ۾ پختگي پيدا ٿي شاعري ۾ سندس ڪو به استاد نه هو، باقي هو اردو ۽ فارسي شاعرن کان متاثر ضرور هو.

    (د) ڪن عالمن ۽ اديبن جا مولوي حاجي احمد ملاح بابت رايا.
    مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري، شخصيت، بهادري، سچائي، جدوجهد زندگي جا وڏا پٽ ولاريا سندس شخصيت ۽ شاعري بابت ڪافي اديبن لکيو ۽ ڳالهايو جن ۾ مخدوم طالب الموليٰ، غلام مصطفيٰ قاسمي شمشرالحيدري، سرويچ منشي، رسول بخش پليجو علي احمد بروهي، جي ايم سيد، ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، شيخ سومار، مظهرالحق صديقي، هدايت پريم تهمينه مفتي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، حليم باغي، عبدالواحد آريسر ۽ ٻيا ڪافي اديب دانشور هئا جن مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري ۽ شخصيت تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي اهو سلسو اڃان جاري آهي.

    باب ٽيو
    (الف) مولوي حاجي احمد ملاح جي بدعت خلاف فڪري ۽ عملي جدوجهد
    سنڌ ۾ قبر پرستي ۽ اڪثر زيارت گاهن تي لڳندڙ ميلن ملاکڙن ۾ پيدا ٿيندڙ اخلاق ڊسمن سماجي براين خلاف وڏو جهاد ڪيو، سندس شاعري ۽ جدوجهد جو وڏو حصو غير ضروري قبرپرستي، شرڪ ۽ وهم پرستي خلاف هو، سندس ان ويڙهه ۽ جدوجهد ۾ وڏو مان مرتبو مليو سندس ان جستجو ۽ جدوجهد جي نتيجي ۾ وڏيو تبديليون آيون ۽ وڏيون تاريخي سماجي اٿلون پٿلون ٿيون.

    (ب) مولوي حاجي احمد ملاح جو دور
    مولوي حاجي احمد ملاح ٿلهي ليکي ٻن دورن مان گذريو هڪ 1877ع کان 1947ع تائين جو دور ۽ ٻيو 1947ع کان 1969ع تائين جو دور هڪ وڏو انگريز سرڪار جي بادشاهي ۽ ڏاڍائي جو دور هو، بيو دور پاڪستان جي جدهجهد ۽ پوءِ جمهوريت لاءِ ويڙهه جو دور هو هن تي انهن ٻنهي دورن جو اثر آهي، سندس شاعري ۾ ٻنهي دورن جي خوشبو سمائيل آهي هي ٻئي دور سنڌ جا وڏا بحراني دور هئا.

    (ب) مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري جا موضوع
    مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري جا اهي سڀ موضوع آهن، جيڪي زندگي سان ۽ ان دور جي سماجي حالتن سان واسطيدار رهيا آهن، توحيد، اخلاق، تايخ، عشقِ رسول، عشق، محبت ۽ حادثا مولوي حاجي احمد ملاح انهن موضوعن تي مختلف صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي، انهن موضوعن تي سندس ڪيل شاعري تمام گهڻي مقبول آهي، لاڙ جا عوامي فنڪار ۽ مولودي سندس شاعري کي غمي توڙي خوشي جي موقع تي ڳائيندا آهن.

    باب پنجون
    (الف) مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعري جون صنفون
    مولوي حاجي احمد ملاح گهڻي شاعري ٽن گهاڙٽين ۾ ڪئي آهي، بيت، نظم ۽ غزل، مولود، ٽهه اکريون، مداحون جي گهاڙيٽن ۾ به سندس شاعري موجود آهي پر هن وڌ ۾ وڌ شاعري نظم ۽ غزل جي گهاڙيٽي ۾ ڪئي آهي، بيت جي گهاڙيٽي ۾ قرآن شريف جو ترجمون ڪيو اٿس باقي ٻي ڪنهن به موضوع تي بيت جي گهاڙيٽي ۾ شاعري نه ڪئي اٿس.

    (ب) نظم
    مولوي حاجي احمد ملاح جي شاهڪار شاعري نظم جي گهاڙيٽي ۾ ڪيل آهي، سنڌ ۾ ايران ۽ هندستان مان آيو نظم مان اسان وٽ ٻه مفهوم ورتا ويندا آهن هڪ نظم معنيٰ شعر پوءِ اهو ڪهڙي به صنف ۾ لکيل هجي يعني نثر جي ابتڙ ٻيو نظم معنيٰ شاعري جي هڪ خاص صنف جنهن ۾ خيال جو تسلسل هجي هي صنف سنڌ ۾ ٽالپرن جي ڏينهن ۾ آئي.



    (ج) بيت
    سنڌ جي روايتي شاعري بيت آهي سنڌ ۾ قديم شاعري بيت جي گهاڙيٽي ۾ ڪيل آهي بيت کي ڳاهه، گنان، ڏور، ڏوهيڙو به ڇيو ويندو آهي، نڙ بيت بيتن جي هڪ شڪل آهي، مولوي حاجي احمد ملاح قرآب شريف جو منظوم ترجمو بيت جي گهاڙيٽي ۾ ڪيو آهي.

    باب ڇهون
    مولوي حاجي احمد ملاح جي ڇپيل ڪتابن تي تبصرو
    ديوانِ احمد
    غزلياتِ احمد
    بياض احمد
    هيڪڙائي حق
    فتح مصنوي لنواري حج
    معرفت الالعه
    نورالقرآن
    گلزارِ احمد

    باب ستون
    غزل
    غزل عربي قصيدي جي پهرين ٻن مصراعن تشبيب مان ڦٽو، قصيدو جڏهن ايران ۾ آيو ته ايرانين قصيدي جي باقي مصراعن کي ڇڏي تشبيب جي ٻن مصراعن کي وڌائي غزل ٺاهيو سنڌ ۾ غزل ايران مان آيو آهي، هندوستان، پاڪستان ۽ سنڌ ۾ وڏا غزل جا شاعر ٿي گذريا آهن، مولوي حاجي احمد ملاح، نظم کانپوءِ باقي شاعري جو حصو غزل جي صنف ۾ ڪيو اٿس، ديوانِ احمد غزليات احمد گلزار احمد گلشن احمد بياض احمد مولوي حاجي احمد ملاح جي غزلن جا ڪتاب آهن.
     
    Sana Ullah Mahar ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مولوي حاجي احمد ملاح جي شخصيت ۽ شاعري جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

    صبح جهڙا دوست،ذوالفقار شام ، سڀ کان اڳ ته سلام ۽ ڀليڪار قبول پوي، انکانپوءِ اوهان تمام سهڻو مضمون ونڊ ڪري وڏا وڙ ويا ڪيا آهن، مولوي احمد ملاح نه فقط لاڙ جو پر پوري سنڌي قوم جو سرمايو آهي، سندس ڪيل ڪم ۽ جدوجهد سنڌ جي تاريخ ۽ اثاثو آهي،

    ماشاء الله مولوي صاحب جو ڪيل اسلامي ڪم به پنهنجي جاءِ تي هڪ اثاثو ۽ هدايتي سرچشمو آهي، قرآن شريف کي نظمي صورت ۾ ترجمو ڪيل ڪجهه ٽڪرا نظرن کان گذريا آهن، جيڪي انتهائي عام فهم ۽ قرآن جي ترجمي جون مڪمل حاجتون پوريون ڪنٿا

    لاڙ کي سلام ۽ لاڙ جي ماڻهن هميشه قومي ڀلائيءَ جا اڻکٽ ڪم ڪيا آهن، بدين سان ته منهنجو دلي رشتو آهي

    سنڌ سلامت اوهان دوستن جي ٿورائتي آهي جو موتين جهڙا قيمتي ليک کڻي اچي هن خزاني ۾ جمع ڪريوٿا

    ٿورا ناهن ٿورا، لاهي لاهبا ڪيترا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مولوي حاجي احمد ملاح جي شخصيت ۽ شاعري جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

    مولوي حآجي احمد ملاح سنڌ جي ڏاهن شاعرن مان هڪ ٿي گذريو آهي۔ سندس شاعريء ۽ خاص ڪري قرآن شريف جو منظوم ترجمو وڏي ڳالهه آهي۔ سنڌ جي هن عظيم شخصيت بابت تحقيقي ڪم ڪرڻ وڏي فخر جي ڳالهه آهي۔ ڇو ته تحقيقي ڪم جي پاڻ کي ايڏي ڄاڻ ناهي پر اوهان جي هن ٿيسسز کي ڏسي ضرور اسان کي به ڄاڻ ملندي۔

    اوهان سٺو ونڊ ڪيو آهي۔ اميد ته اهو سلسلو جاري رکندا۔
     
    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذوالفقارشام

    ذوالفقارشام
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2012
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    آئي ٽي انچارج
    ماڳ:
    بدين شهر
    جواب: مولوي حاجي احمد ملاح جي شخصيت ۽ شاعري جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

    سائين نثار ابڙو صاحب توهان جي مهرباني
    بس ڪوشش ڪريان پيو ته مون وٽ جيڪو مواد موجود آهي دوستن تائين پهچايان
    مهرباني
     
  5. ذوالفقارشام

    ذوالفقارشام
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2012
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    آئي ٽي انچارج
    ماڳ:
    بدين شهر
    جواب: مولوي حاجي احمد ملاح جي شخصيت ۽ شاعري جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

    سائين سليمان صاحب مهرباني
     
  6. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جواب: مولوي حاجي احمد ملاح جي شخصيت ۽ شاعري جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

    ذوالفقار سائين تمام تفصيلي مضمون جي ونڊ ڪرڻ جي مهرباني ۔ مولوي احمد ملاح صاحب جي جن ڪتابن جو اوهان ذڪر ڪيو آهي ۔ ڇا اهي ڪتابَ هن وقت به بازار ۾ موجود آهن ؟؟ جي موجود آهن ، ملڻ جو هنڌ ٻڌائيندا ته لک لائق ٿيندا ۔ ڪنهن وقت ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي ، ته ڪٿان مولوي صاحب جا ڪتاب ملن ، پر افسوس مونکي نه ملي سگهيا ۔ مولوي صاحٻ جي باري ۾ ٿورو گهڻو ارباب نيڪ محمد المعروف نيڪڻ فقير جي روزانه ڪاوش جي مضمونن مان ڄاڻ ملندي هئي پر اوهانجو تفصيلي مضمون پڙهڻ کانپوءِ اُڃ وري وڌي وئي آهي ۔ اميد ته ڪتابن ملڻ واري هنڌ جو پتو فون موبائيل وغيره اوهان کان عنايت ٿيندا ۔
     
  7. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    تمام سٺو
    مولوي صاحب تي ڪم ڪرڻ جي شديد ضرورت بہ آھي اميد تہ سنڌي ٻولي جا ذميدار ادارا ۽ اديب ھن طرف ڌيان ضرور ڏيندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو