بلاگ

'سنڌي بلاگنگ' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2012۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بلاگ ڇا آهي؟
    لفظ (بلاگ) ويب لاگ(web Log) مان ٺهيو آهي، بلاگ هڪ قسم جي ذاتي ڊائري ئي آهي، جيڪا اوهان انٽرنيٽ تي لکندا آهيو، ذاتي ڊائري ۽ بلاگ ۾ هڪ فرق هي آهي ته ذاتي ڊائري صرف اوهان تائين يا ڪجھ چند ماڻهن تائين محدود هوندي آهي، جڏهن ته بلاگ ساري دنيا آڏو هڪ کليل ڪتاب جيان هوندو آهي، جتي اوهان پنهنجي سوچ ۽ شوق مطابق پنهنجا خيال، تجربا ۽ معلومات لکندا آهيو، ۽ پڙهندڙن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهيو.
    اوهان هيئن به چئي سگهو ٿا ته بلاگ اوهان جي شخصيت جي عڪاسي ڪندو آهي، جيئن اوهان جي شخصيت هوندي اهڙو ئي اوهان جو بلاگ هوندو، ان کان علاوه جهڙيءَ ريت اوهان پنهنجي ذاتي ڊائري ۾ شاعري ۽ سٺيون ڳالهيون لکندا آهيو، انهيءَ ئي طرح بلاگ ۾ اوهان شاعري، سٺيون ڳالهيون، تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪري سگهو ٿا، ساري ڳالھ جو خلاصو هي آهي ته جيڪڏهن سوچيو ۽ سمجهو ٿا ته اوهان کي پنهنجي سوچ ۽ معلومات ٻين تائين پهچائڻ گهرجي ته ان لاءِ بهترين شيءِ بلاگ آهي، آسان لفظن ۾ انهيءَ ئي ڪم کي بلاگنگ چيو ويندو آهي، ياد رهي ته بلاگ ويب سائيٽ جي ئي هڪ قسم جو نالو آهي.
    بلاگ ڪيترن ئي قسمن جا هوندا آهن، مثال طور ڊاڪٽر حضرات ميڊيڪل سان متعلق معلومات لاءِ بلاگ لکندا آهن، حالتن جا ستايل حالتن تي لکندا آهن، اديب ادب تي لکندا آهن، شاعر شاعري لکندا آهن، فوٽو گرافر تصويرون شيئر ڪندو آهي ته وڊيوز جا شيدائي وڊيوز شيئر ڪندا آهن، حتا ڪه جيڪو شخص پاڻ جو به هوندو آهي اهو بلاگ تي اهو ئي لکندو ۽ شيئر ڪندو آهي، ۽ ڪي احباب مون جهڙا به هوندا آهن جيڪي هڪ کان وڌيڪ موضوعن تي لکڻ ۽ شيئر ڪرڻ پسند ڪندا آهن.
    جاري....
     
    17 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    بلاگ بابت بھترين معلوماتي ليک
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بلاگنگ جا فائدا
    ڪنهن به ڪم جا مثبت نتيجا تڏهن ئي نڪرندا آهن جڏهن اوهان پاڻ اهو ڪم مثبت انداز ۾ ڪريو، بلاگنگ جا مثبت نتيجا ۽ حقيقي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ اوهان کي مثبت انداز ۾ بلاگنگ ڪرڻي پوندي.
    منهنجي خيال ۾ هن تيز رفتار دور ۾ بلاگنگ جا اڻ کٽ فائدا آهن، جن مان ڪن جو هت ذڪر ڪريون ٿا.
    بلاگنگ مان انسان کي گهڻو جڪھ سکڻ، پنهنجو آواز ڻين تائين پهچائڻ ۽ ٻين جي راءِ جي خبر پوي ٿي، جنهن سان انسان جو ذهن گهڻو وسيع سوچڻ شروع ڪري ٿو، بلاگ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو ته هي آهي ته في الحال هي سڀ کان آسان ۽ سستو طريقو آهي، جنهن ذريعي اوهان پنهنجو آواز، سوچ، تجزيا ۽ تجربا منٽن ۾ ٻين تائين پهچائي سگهو ٿا، ۽ ڪنهن موضوع تي ٻين جي راءِ حاصل ڪري سگهو ٿا، بلاگ جا ايترا فائدا آهن جيڪڏهن لکڻ شروع ڪريان ته ڪيترا ئي ڪلاڪ ان ۾ لڳي ويندا، ڪجھ ڳالهين جي ٿوري تفصيل لکان ٿو.
    بلاگنگ سان بلاگر جي ذاتي زندگي ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي ويندي آهي يعني بلاگر جي سوچ اڳ کان وسيع، سوال ۽ جواب ڏيڻ جو حوصلو ۽ ڳالھ ڪرڻ جي انداز ۾ پختگي اچي ويندي آهي.
    شروع ۾ جيئن به لکيو وڃي، پر آهستي آهستي وڌيڪ بهتر لکڻ اچي ويندو اهي، معلومات ۾ بيشمار اضافو ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي، جڏهن ڪنهن تحرير تي پڙهندڙ تبصرا يا رايا ڏيندا آهن ته ڪيئي اهڙا به تبصرا هوندا آهن جن سان تصوير جا ڪيترا ٻيا رخ نظر اچڻ شروع ٿي ويندا آهن، ۽ معلومات ۾ گهڻو اضافو ٿي ويندو آهي.
    بلاگنگ جو هڪ هي فائدو پڻ آهي بلاگ بلاگر کي لکڻ تي مجبور ڪندو آهي، ۽ لکڻ جا گهڻا فائدا آهن، انهن هڪ هي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن موضوع تي دماغ گهڻو هلندو آهي، هڪ سوچ کان پوءِ ٻي سوچ ۽ موضوع ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويندو آهي، سوچ منتشر ٿي ويندي آهي، جيڪڏهن اهڙي موقعي تي ان موضوع تي لکڻ شروع ڪجي ۽ اصل موضوع کي نه وسارجي ته سوچ هڪ ئي نقطي تي مرڪوز رهندي آهي، ۽ ان موضوع جي باري ۾ منتشر سوچ کي هڪ راھ، هڪ منزل ملي ويندي آهي.
    بلاگنگ جو هي فائدو ٿيندو آهي جو هونئن عام حالتن ۾ شايد ئي ڪو شخص تحرير لکندو هجي، پر جيڪڏهن بلاگنگ ڪندو هجي ته پوءِ ڪوشش هوندي آهي ته بلاگ لاءِ تحرير لکي ڇڏيون ٿا، ان طرح جيڪو موضوع ذهن ۾ هوندو ان کي ڪيئي حوالن سان سوچيندا، ڪيترين ٻُڌَل معلومات جي تصديق ڪرڻ لاءِ معلومات جمع ڪندا، پوءِ تحرير لکي ڇڏيندا، ان طرح دماغ جي پرورش به ٿيندي رهي ٿي، ۽ ان طرح دماغ جي ڊپريشن به گهٽ ٿيڻ سان گڏو گڏ انسان جي مايوسي به گهٽجي ويندي آهي.
    دل ۽ دماغ جي ڳالھ، سوالَ ۽ گهڻو ڪجھ جڏهن اوهان ٻين کي چئي ڇڏيو ٿا، ته مَنُ هلڪو ٿي پوندو آهي.
    بلاگ جو هڪ ننڍڙو فائدو وڌيڪ ٻڌايان ٿو، بجلي ويل هئي، هر ڪم رُڪيل هو، بري حالت لڳي پئي هئي، اهڙي صورتحال ۾ ڪاوڙ اچي وئي پر ڪنهن تي ڪڍي ڪونه پيو سگهان، ته بس هڪ تحرير بلاگ تي لکي ڇڏي، پنهنجو آواز ٻين تائين پهچائي ڇڏيو، دل جو غبار هلڪو ٿي ويو، هونئن به ظلم خلاف چپ رهڻ بجاءِ ڳالهائڻ بهتر اهي، چاهي بلاگ ذريعي ئي ڇو نه ڳالهايو وڃي، هڪ شخص جنهن جو آواز ڪير به نه ٻڌي، پوءِ به هو حق جي صدا لڳائيندو رهي ته ان جي ڳالھ هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور اثر ڪندي، ۽ بلاگنگ هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن ذريعي اوهان حق جو آواز آساني سان ٻين تائين پهچائي سگهو ٿا.
    بلاگنگ عوامي راءِ هموار ڪرڻ ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، ڪم از ڪم گذريل هڪ صدي ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تبديليون قلم جي زور تي ٿيون آهن، سائنس جي هن دور ۾ جتي دنيا هڪ گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي اتي قلم جو موءَثر ۽ آسان استعمال بلاگنگ ئي آهي، بلاگنگ جتي وڏن وڏن ليکڪن کي آسانيون فراهم ڪري ٿي اتي ئي هڪ عام شخص کي پنهنجا جوهر ڏيکارڻ ۽ لکڻ جي هنر کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي.
    ڪيترا ماڻهو لکڻ چاهن ٿا، پنهنجي سوچ ۽ تجربا ٻين تائين پهچائڻ چاهن ٿا، پر هر ماڻهو ڪتاب، اخبارن يا رسالن ۾ نه ٿو لکي سگهي، بلاگنگ ذريعي گهڻو ڪجھ، وڏي آساني سان ۽ آزاديءَ سان لکي سگهجي ٿو، ۽ ٿوري کان ٿوري علم کي به ٻين تائين آسانيءَ سان پهچائي سگهجي ٿو.
    بلاگنگ صرف پنهنجي سوچ ٻين تائين پهچائڻ جو نالو نه آهيم بلڪه ٻين جي سوچ ڄاڻڻ لاءِ به بلاگنگ ٿيندي آهي، جيئن ڪو شاگرد ڪنهن موضوع تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري ٻين سان مشورو ڪندو آهي ته ٻيا ان موضوع تي ڇا ٿا سوچين؟ يا اهي ان موضوع تي جيڪي معلومات ڄاڻن ٿا اها هِن تائين پَهچي سگهي.
    ان کان علاوه ڪو به محقق بلاگنگ ذريعي پنهنجي تحقيق ٻين تائين پهچائي سگهي ٿو، ۽ جواب ۾ ان جي حوصلي افزائي ٿيڻ سان گڏو گڏ ٻين جي راءِ تحقيق کي وڌيڪ چار چنڊ لڳايو ڇڏي.
    ساري ڳالھ جو خلاصو هي آهي ته جيڪڏهن اوهان سوچيو ۽ سمجهو ٿا ته اوهان کي پنهنجي سوچ ۽ ڄاڻ ٻين تائين پهچائڻ گهرجي ۽ ٻين جي راءِ ڄاڻڻ گهرجي ته ان لاءِ بهترين شيءِ بلاگ آهي، مثبت بلاگنگ دوران اوهان کي پاڻ اندازو ٿيڻ شروع ٿي ويندو ته بلاگنگ اوهان جي زندگي ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون ۽ ڪيتريون وڏيون مثبت تبديليون آڻي ٿي، ۽ اوهان کي ڪهڙا ڪهڙا فائدا پهچائي ٿي.
    بلاگنگ هڪ طرف بلاگر جي پنهنجي زندگيءَ تي مثبت اثر وجهي ٿي، ته ٻي طرف پڙهندڙن کي به بي شمار تجزين، تجربن ۽ معلومات سان نوازي ٿي.
    جاري....
     
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بلاگ تي ڇا ۽ ڪيئن لکيو وڃي؟
    ڪجھ ماڻهن جي سمجھ ۾ نه ايندو آهي ته بلاگ تي ڇا لکجي؟ ۽ ڪٿان شروع ڪجي؟ ان باري ۾ منهنجو خيال هي آهي ته بس پهرين قدم کڻڻ جي ضرورت هجي ٿي، اڳتي هلندي هلندي اوهان جو بلاگ پاڻ، ٻيا بلاگ ۽ پڙهندڙن جا تبصرا سمجهائيندا هلندا آهن ته ڇا لکجي.
    سڀ کان پهرين ته اوهان پنهنجي بلاگ تي پنهنجو تعارف ڪرايو تاڪه پڙهندڙن کي اوهان جي باري ۾ خبر پوي، ان کان پوءِ وڌيڪ پنهنجي شوق ۽ شعبي جي حوالي سان لکو.
    بلاگنگ شروع ڪرڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته اوهان جيڪو ڪجھ ڏسو ٿا، جيڪو ڪجھ محسوس ڪريو ٿا انهن کي سادن لفظن جي شڪل ڏيندي بلاگ لکو، فرض ڪريو اوهان ڪٿي ڪو حادثو ڏٺو، يا ڪا منفرد شيءِ ڏٺي، هاڻ اوهان ان منفرد حادثي يا شيءِ مان ڪهڙو نتيجو ٿا ڪڍو؟ ان جي پويان ڪهڙا محرڪ هئا؟ ان مان اوهان ۽ ٻين ڪهڙو اثر ورتو؟ وغيره وغيره، سوچيو پوءِ اهي پنهنجي بلاگ تي لکي ٻين سان شيئر ڪريو، هڪ ته اوهان جو آواز ٻين تائين پهچي ويندو، پوءِ ٻيا جڏهن پنهنجي راءِ ڏيندا آهن ته اوهان کي اندازو ٿيندو آهي ته بيا ان باري ۾ ڇا سوچيندا آهن، ان ريت آهستي آهستي اوهان کي بلاگ لکڻ جو تجربو ٿيندو ويندو آهي.
    جيڪي ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن شعبي سان وابسته آهن اهي ڪوشش ڪن ته وڌيڪ کان وڌيڪ پنهنجي شعبي جي متعلق لکن، ڇو ته ان سان اوهان جي تحرير ۾ جان به هوندي ۽ اوهان پنهنجو نقطهءِ نظر سٺي طريقي سان بيان ڪري سگهندا، ان کان علاوه جيسين تائين منهنجو خيال آهي من گهڙت ڪهاڻين بجاءِ عام زندگي جي تجربن تي لکو، ان سان هڪ ته اوهان جا ذاتي تجربا ۽ تجزيا ٻين ماڻهن تائين پهچندا، ۽ جڏهن پڙهندڙ تبصرا يا راءِ ڏيندا ته اوهان کي تصوير جا ٻيا ڪيترا ئي رخ نظر ايندا، جنهن سان اوهان جي سوچ وڌيڪ پختي ٿيندي.
    منهنجو مشورو هي آهي ته پنهنجو بلاگ شروع ڪرڻ کان اڳ پنهنجي پسند جي ڪجھ بلاگن کي پڙهو جنهن سان اوهان کي اندازو ٿي ويندو ته بلاگنگ ڇا آهي؟ ۽ ڪيئن شروع ڪري سگهجي ٿي؟
    ڪجھ ٻيا مشورا
    جيڪوڪجھ لکو مڪمل حوالن ۽ مضبوط ثبوتن جي بنا تي لکو تاڪه جيڪڏهن ڪير اوهان جي ڳالھ تي اوهان سان بحث ڪري ته اوهان تسلي بخش جواب ڏئي سگهو، هميشه مثبت سوچ جو مظاهرو ڪريو، ڪڏهن هي نه سوچيو ته اوهان وڏا ڪي تيس مار خان آهيو! ڇو ته اوهان جو بلاگ ساري دنيا ۾ مختلف جڳهن، مختلف ذهنيت جا ماڻهو پڙهندا، جن مان ڪيترا ئي بلڪه تمام گهڻا اوهان کان به وڌيڪ قابل ٿي سگهن ٿا، ان ڪري جيڪڏهن اوهان سکڻ سکائڻ ۽ مشوري جي انداز ۾ بلاگنگ ڪندا ته اوهان کي بيشمار فائدا حاصل ٿيندا، پر جيڪڏهن اوهان پنهنجي سوچ ٻين تي مَڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته تڪليف به پهچي سگهي ٿي، ڇو ته هن دنيا ۾ صرف اوهان ئي ذهين نه آهيو ٻيا به وڏا وڏا ذهين ماڻهو موجود آهن.
    ان ڪري ڪڏهن به جارحاڻو انداز اختيار نه ڪريو، مثبت سوچ رکندي مڪمل دليلن ۽ بهتر طريقي سان پنهنجو نقطهء نظر بيان ڪريو، ۽ جيڪڏهن ڪو جواب ۾ اوهان سان اختلاف ڪري ته ڪم از ڪم ان جي جواب تي غور ضرور ڪريو، ڇو ته ٿي سگهي ٿو ته اوهان ڪٿي ڪنهن جاءِ تي غلطي ڪري رهيا آهيو، جيڪڏهن اوهان کي محسوس ٿئي ته اوهان غلطي ڪري رهيا آهيو ته انا جي جنگ ۾ پوڻ بجاءِ پنهنجي اصلاح ڪريو تاڪه اوهان وڌيڪ بهتر طريقي سان بلاگنگ ڪريو، جيڪڏهن اوهان ٿورڙي ئي (انا) يا (مان نه مڃان) جي فارمولي تي هليا ته بلاگنگ جي حوالي سان اوهان کي ۽ اوهان جي سوچ کي نقصان پهچي سگهي ٿو، ۽ جيڪڏهن اوهان کي پورو يقين هجي ته اڳيون شخص غلطيءَ تي آهي ته ان کي تعميري بحث جي انداز ۾ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.
    جيڪڏهن اوهان ڪامياب ٿي وڃو ته تمام سٺو، پر جيڪڏهن ڪامياب نه ٿا ٿيو ته بحث کي وڌيڪ ڊيگھ نه ڏيو بلڪه ان معاملي تي خاموشي اختيار ڪريو، بلاگنگ ۾ هن ڳالھ جو خاص خيال رکو ته دنيا رنگ برنگي آهي، ۽ هر ڪنهن جي پنهنجي هڪ سوچ آهي، ان ڪري لازم نه آهي ته هر شخص اوهان جي ڳالھ سان اتفاق ڪري، اوهان جي ڳالھ تي تنقيد به ٿي سگهي ٿي، ان ڪري بلاگنگ جي حوالي سان پنهنجي اندر برداشت پيدا ڪريو، جيڪڏهن اوهان ائين نه ٿا ڪري سگهو ته سمجهي وڃو ته اوهان بلاگنگ جي دنيا ۾ جنگ ته ڪري ويندا پر بلاگنگ ڪڏهن به نه ڪري سگهندا.
    دنيا متحرڪ آهي، اڄ ڪجھ آهي ته سڀاڻي ڪجھ مختلف ه ٿي سگهي ٿو، انسان جي سوچ به متحرڪ آهي، ان ڪري پنهنجي تحرير ۽ سوچ ۾ لچڪ رکو تاڪه جيڪڏهن وقت جي تبديلي سان اوهان جي سوچ ۾ به تبديلي ٿئي ته اها ئي لچڪ اوهان کي فائدو ڏيندي، ۽ جيڪڏهن واقعي اوهان جي سوچ ۾ تبديلي اچي ته اوهان پنهنجو پراڻو ليک سچ ثابت ڪري ڏيکارڻ لاءِ پنهنجو اڄ خراب نه ڪريو، بلڪه هيءَ ڳالھ تسليم ڪريو ته ڪالھ تائين آءُ هي سوچيندو هوس جڏهن ته وقت جي تبديليءَ سان منهنجي سوچ ۾ به تبديلي آئي آهي، هونئن به سوچ تي جمود جو تالو خرابي پيدا ڪندو آهي.
    بلاگ تي ڪڏهن به ڪا اهڙي ذاتي معلومات شيئر نه ڪريو جنهن سان اوهان کي فوري طور يا ايندڙ وقت ۾ نقصان ٿيڻ جو خدشو هجي، جيڪو ڪجھ لکو سوچي سمجهي لکو، ياد رهي ته اوهان جو بلاگ اوهان جي شخصيت جو عڪاس هوندو آهي، پنهنجي شخصيت ٻين آڏو سٺي طريقي سان پيش ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اوهان سٺو رويو اختيار ڪريو.
    جاري...
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بلاگ تي ڇا ۽ ڪيئن لکيو وڃي؟
    ڪجھ ماڻهن جي سمجھ ۾ نه ايندو آهي ته بلاگ تي ڇا لکجي؟ ۽ ڪٿان شروع ڪجي؟ ان باري ۾ منهنجو خيال هي آهي ته بس پهرين قدم کڻڻ جي ضرورت هجي ٿي، اڳتي هلندي هلندي اوهان جو بلاگ پاڻ، ٻيا بلاگ ۽ پڙهندڙن جا تبصرا سمجهائيندا هلندا آهن ته ڇا لکجي.
    سڀ کان پهرين ته اوهان پنهنجي بلاگ تي پنهنجو تعارف ڪرايو تاڪه پڙهندڙن کي اوهان جي باري ۾ خبر پوي، ان کان پوءِ وڌيڪ پنهنجي شوق ۽ شعبي جي حوالي سان لکو.
    بلاگنگ شروع ڪرڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته اوهان جيڪو ڪجھ ڏسو ٿا، جيڪو ڪجھ محسوس ڪريو ٿا انهن کي سادن لفظن جي شڪل ڏيندي بلاگ لکو، فرض ڪريو اوهان ڪٿي ڪو حادثو ڏٺو، يا ڪا منفرد شيءِ ڏٺي، هاڻ اوهان ان منفرد حادثي يا شيءِ مان ڪهڙو نتيجو ٿا ڪڍو؟ ان جي پويان ڪهڙا محرڪ هئا؟ ان مان اوهان ۽ ٻين ڪهڙو اثر ورتو؟ وغيره وغيره، سوچيو پوءِ اهي پنهنجي بلاگ تي لکي ٻين سان شيئر ڪريو، هڪ ته اوهان جو آواز ٻين تائين پهچي ويندو، پوءِ ٻيا جڏهن پنهنجي راءِ ڏيندا آهن ته اوهان کي اندازو ٿيندو آهي ته بيا ان باري ۾ ڇا سوچيندا آهن، ان ريت آهستي آهستي اوهان کي بلاگ لکڻ جو تجربو ٿيندو ويندو آهي.
    جيڪي ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن شعبي سان وابسته آهن اهي ڪوشش ڪن ته وڌيڪ کان وڌيڪ پنهنجي شعبي جي متعلق لکن، ڇو ته ان سان اوهان جي تحرير ۾ جان به هوندي ۽ اوهان پنهنجو نقطهءِ نظر سٺي طريقي سان بيان ڪري سگهندا، ان کان علاوه جيسين تائين منهنجو خيال آهي من گهڙت ڪهاڻين بجاءِ عام زندگي جي تجربن تي لکو، ان سان هڪ ته اوهان جا ذاتي تجربا ۽ تجزيا ٻين ماڻهن تائين پهچندا، ۽ جڏهن پڙهندڙ تبصرا يا راءِ ڏيندا ته اوهان کي تصوير جا ٻيا ڪيترا ئي رخ نظر ايندا، جنهن سان اوهان جي سوچ وڌيڪ پختي ٿيندي.
    منهنجو مشورو هي آهي ته پنهنجو بلاگ شروع ڪرڻ کان اڳ پنهنجي پسند جي ڪجھ بلاگن کي پڙهو جنهن سان اوهان کي اندازو ٿي ويندو ته بلاگنگ ڇا آهي؟ ۽ ڪيئن شروع ڪري سگهجي ٿي؟
    ڪجھ ٻيا مشورا
    جيڪوڪجھ لکو مڪمل حوالن ۽ مضبوط ثبوتن جي بنا تي لکو تاڪه جيڪڏهن ڪير اوهان جي ڳالھ تي اوهان سان بحث ڪري ته اوهان تسلي بخش جواب ڏئي سگهو، هميشه مثبت سوچ جو مظاهرو ڪريو، ڪڏهن هي نه سوچيو ته اوهان وڏا ڪي تيس مار خان آهيو! ڇو ته اوهان جو بلاگ ساري دنيا ۾ مختلف جڳهن، مختلف ذهنيت جا ماڻهو پڙهندا، جن مان ڪيترا ئي بلڪه تمام گهڻا اوهان کان به وڌيڪ قابل ٿي سگهن ٿا، ان ڪري جيڪڏهن اوهان سکڻ سکائڻ ۽ مشوري جي انداز ۾ بلاگنگ ڪندا ته اوهان کي بيشمار فائدا حاصل ٿيندا، پر جيڪڏهن اوهان پنهنجي سوچ ٻين تي مَڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته تڪليف به پهچي سگهي ٿي، ڇو ته هن دنيا ۾ صرف اوهان ئي ذهين نه آهيو ٻيا به وڏا وڏا ذهين ماڻهو موجود آهن.
    ان ڪري ڪڏهن به جارحاڻو انداز اختيار نه ڪريو، مثبت سوچ رکندي مڪمل دليلن ۽ بهتر طريقي سان پنهنجو نقطهء نظر بيان ڪريو، ۽ جيڪڏهن ڪو جواب ۾ اوهان سان اختلاف ڪري ته ڪم از ڪم ان جي جواب تي غور ضرور ڪريو، ڇو ته ٿي سگهي ٿو ته اوهان ڪٿي ڪنهن جاءِ تي غلطي ڪري رهيا آهيو، جيڪڏهن اوهان کي محسوس ٿئي ته اوهان غلطي ڪري رهيا آهيو ته انا جي جنگ ۾ پوڻ بجاءِ پنهنجي اصلاح ڪريو تاڪه اوهان وڌيڪ بهتر طريقي سان بلاگنگ ڪريو، جيڪڏهن اوهان ٿورڙي ئي (انا) يا (مان نه مڃان) جي فارمولي تي هليا ته بلاگنگ جي حوالي سان اوهان کي ۽ اوهان جي سوچ کي نقصان پهچي سگهي ٿو، ۽ جيڪڏهن اوهان کي پورو يقين هجي ته اڳيون شخص غلطيءَ تي آهي ته ان کي تعميري بحث جي انداز ۾ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.
    جيڪڏهن اوهان ڪامياب ٿي وڃو ته تمام سٺو، پر جيڪڏهن ڪامياب نه ٿا ٿيو ته بحث کي وڌيڪ ڊيگھ نه ڏيو بلڪه ان معاملي تي خاموشي اختيار ڪريو، بلاگنگ ۾ هن ڳالھ جو خاص خيال رکو ته دنيا رنگ برنگي آهي، ۽ هر ڪنهن جي پنهنجي هڪ سوچ آهي، ان ڪري لازم نه آهي ته هر شخص اوهان جي ڳالھ سان اتفاق ڪري، اوهان جي ڳالھ تي تنقيد به ٿي سگهي ٿي، ان ڪري بلاگنگ جي حوالي سان پنهنجي اندر برداشت پيدا ڪريو، جيڪڏهن اوهان ائين نه ٿا ڪري سگهو ته سمجهي وڃو ته اوهان بلاگنگ جي دنيا ۾ جنگ ته ڪري ويندا پر بلاگنگ ڪڏهن به نه ڪري سگهندا.
    دنيا متحرڪ آهي، اڄ ڪجھ آهي ته سڀاڻي ڪجھ مختلف ه ٿي سگهي ٿو، انسان جي سوچ به متحرڪ آهي، ان ڪري پنهنجي تحرير ۽ سوچ ۾ لچڪ رکو تاڪه جيڪڏهن وقت جي تبديلي سان اوهان جي سوچ ۾ به تبديلي ٿئي ته اها ئي لچڪ اوهان کي فائدو ڏيندي، ۽ جيڪڏهن واقعي اوهان جي سوچ ۾ تبديلي اچي ته اوهان پنهنجو پراڻو ليک سچ ثابت ڪري ڏيکارڻ لاءِ پنهنجو اڄ خراب نه ڪريو، بلڪه هيءَ ڳالھ تسليم ڪريو ته ڪالھ تائين آءُ هي سوچيندو هوس جڏهن ته وقت جي تبديليءَ سان منهنجي سوچ ۾ به تبديلي آئي آهي، هونئن به سوچ تي جمود جو تالو خرابي پيدا ڪندو آهي.
    بلاگ تي ڪڏهن به ڪا اهڙي ذاتي معلومات شيئر نه ڪريو جنهن سان اوهان کي فوري طور يا ايندڙ وقت ۾ نقصان ٿيڻ جو خدشو هجي، جيڪو ڪجھ لکو سوچي سمجهي لکو، ياد رهي ته اوهان جو بلاگ اوهان جي شخصيت جو عڪاس هوندو آهي، پنهنجي شخصيت ٻين آڏو سٺي طريقي سان پيش ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اوهان سٺو رويو اختيار ڪريو.
    جاري...
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    بلاگ بابت بھترين ۽ ڪارائتو معلوماتي ليک
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سنڌي بلاگرز لاءِ ڪجھ ٽيڪنيڪل مشورا
    سنڌي بلاگنگ اڃان ابتدائي مرحلن ۾ هئڻ سان گڏو گڏ هر روز ترقي به ڪري رهي آهي، اسان کي هڪ ٻئي سان مشورن ذريعي سنڌي بلاگنگ آسان بڻائڻي پوندي، تاڪه بلاگ پڙهندڙن کي ۽ خاص طور تي نَوَن ايندڙ دوستن کي ڪا مشڪل پيش نه اچي، ڪجھ ڳالهيون مشوري طور اوهان آڏو پيش ڪريان ٿو، ٿي سگهي ٿو ته انهن ڳالهين_ مشورن سان ڪنهن جو ڀلو ٿي وڃي، ۽ منهنجي طرفان سنڌي بلاگنگ ۾ هڪ قطرو شامل ٿي وڃي.
    عام طور هر انسان جي پنهنجي پسند هوندي آهي، ۽ هو اهو ئي ڪندو آهي جيڪو هن کي پسند هوندو آهي، سافٽ ويئر، ويب سائيٽ، فورم يا ڪا به شيءِ جيڪا ٺاهيندا اوهان پاڻ آهيو پر ان جو استعمال ٻيا ماڻهو ڪندا آهن، ته اهڙي شيءِ ٺاهڻ وقت اوهان کي پنهنجي پسند نه بلڪه استعمال ڪندڙ زياده ماڻهن جي پسند کي ڏسڻو پوندو آهي، بلاگ يا ويب سائيٽ ٺاهيندي اهو نه ڏسو ته اوهان کي ڇا پسند آهي بلڪه هي ڏسو ته گهڻا ماڻهو ڇا ٿا پسند ڪن؟ اهو ڏسو ته بلاگ پڙهندڙ مهمانن کي اوهان ڪيتري آساني ڏيو ٿا، ۽ انهن جي ڪيتري مهمان نوازي ڪريو ٿا؟
    مهمان نوازيءَ لاِ هيٺ ڏنل ڪجھ ڳالهين جو خيال رکو
    سادگي ۽ هلڪا رنگ استعمال ڪريو، ڇو ته سادگي فائدو به ڏيندي آهي ۽ خوبصورت به هوندي آهي.
    اهم ۽ ضروري لنڪس (روابط) کي خاص ۽ نمايان جڳه تي رکو.
    ضروري لنڪس (روابط) کان علاوه غير ضروري لنڪس ۽ ٻيون غير ضروري شين جو استعمال اوهان جي بلاگ کي جهنجهال پوره بڻائي ڇڏيندو.
    مهمان يعني پڙهندڙ پنهنجو قيمتي وقت اوهان جي بلاگ کي ڏئي ٿو، پڙهي ٿو ۽ تبصرا ڪري ٿو، جواب ۾ اوهان به ان جي حوصله افزائي ڪريو.
    مهمان اوهان جي بلاگ تي اچي ٿو ته اوهان به ان جي ضرورتن جو خاص خيال رکو ۽ ضروري سهولتون مهيا ڪريو.
    هاڻي مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين جي تفصيل يعني اهي ڇو ضروري آهي؟
    سادگي ۽ هلڪن رنگن جو استعمال
    عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته ڪجھ دوست بلاگ کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ بيشمار رنگ استعمال ڪندا آهن، جنهن سبب هڪ رنگ برنگو بلاگ ته ٺهي ويندو آهي پر پڙهندڙن کي ڏاڍي مشڪل پيش ايندي آهي، جيڪڏهن اوهان کي به مون جيان زياده رنگن جو استعمال پسند آهي ته ضرور زياده رنگ استعمال ڪريو پر انهن کي بلاگ هي هيڊر يا ڪجھ جڳهن تائين محدود رکو، جتي عام تي مڪمل پوسٽ هجي ٿي اتي ڪوشش ڪري بيڪ گرائونڊ جو رنگ هلڪو يعني اڇي (سفيد) رنگ جي قريب ترين ۽ تحرير جو رنگ ڪارو (بليڪ) رکو، ڪا شيءِ پڙهندي جيڪڏهن بيڪ گرائونڊ جو رنگ تيز ۽ تحرير جو رنگ هلڪو هوندو ته ان سان پڙهندڙ کي بوريت ٿيندي آهي، بلڪه ڪافي ماڻهن جي نظر تي به اثر پوندو آهي، جيڪڏهن اوهان انٽرنيٽ جي دنيا جون مشهور ويب سائيٽون ڏسو ته اوهان کي اندازو ٿي ويندو ته زياده تر سائيٽون گهڻيون ساديون بڻايون ويون آهن، ۽ هلڪن رنگن جو انتخاب ڪيو ويو آهي.
    اهم لنڪس (روابط) ۽ انهن جي جڳھ
    منهنجي خيال ۾ ڪنهن به بلاگ لاءِ چئن قسمن جا روابط سڀ کان وڌيڪ ضروري ۽ اهميت رکن ٿا: تازه ترين تحرير، موضوع، پيچ (صفحا) ۽ ڳولها جو لنڪ، عام طور بلاگ بڻائيندي تازه ترين تحرير بلاگ تي نمايان هوندي آهي ۽ ڪجھ پراڻيون ان سان گڏ ترتيب سان هيٺ هونديون آهن، ان ڪري وري ڪو عليحده يا جدا ڪنهن ٻي جڳه تي تازه ترين تحرير جو ڪو لنڪ نه بڻايو وڃي ته بهتر آهي، موضوعن جا روابط (لنڪس) ڪنهن به بلاگ جا اهم ترين روابط هوندا آهن اننهن کي هيڊر، سائيڊ بار يا جتي به اوهان جي دل گهري اتي رکو پر اهڙي جڳه تي رکو جتي واضح نظر اچن، ان کان پوءِ ضروري لنڪس پيجن جون هونديون آهن جيڪي عام طور تي گهٽ ئي هوندا آهن، انهن کي به ڪا سٺي جڳه ڏيو، ۽ ڪوشش ڪريو ته هي به واضح هجن، تلاش يا ڳولها جو لنڪ به پنهنجي اهميت رکي ٿو ان کي به نمايان واضح جڳه ڏيڻ گهرجي. انهن چئن قسمن جي لينڪس کان پوءِ ٻيا به روابط هوندا آهن جيئن تازه تبصرن جا لينڪس، آر ايس ايس، محفوظات ۽ ٻيا روابط وغيره وغيره.
    هي اهي لنڪس آهن جن ۾ عام پڙهندڙ يا پهريون دفعو ايندڙ پڙهندڙ کي ڪا خاص دلچسپي ناهي هوندي، ۽ جن کي انهن ۾ دلچسپي هوندي آهي اهي ڳولي وٺندا آهن، چاهي اهي ڪٿي به رکيا ويا هجن، عام طور انهن لنڪس کي اسٿعمال ڪندڙن ۾ زياده اهي هوندا آهن جيڪي اوهان جي بلاگ تي ايندا رهندا آهن ۽ پڙهندا رهندا آهن، ان ڪري اهي اوهان جي بلاگ جي هر ڪنڊ کان واقف هوندا آهن، ۽ انهن کي ڪا مشڪل پيش نه ايندي آهي.
    جاري....
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سنڌي بلاگرز لاءِ ڪجھ ٽيڪنيڪل مشورا (هلندڙ)




    غير ضروري روابط (لنڪس) ۽ شين جو استعمال​

    سنڌي بلاگنگ ۾ نَوَن ايندڙ دوستن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻيون پونديون، تاڪه اهي بوريت جو شڪار نه ٿيندي بلاگنگ کي آسان سمجهن، عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته ڪجھ بلاگر دوست پنهنجي بلاگ تي طرح طرح جون لنڪس ۽ ٻيون شيون لڳايو ويٺا آهن، اوهان مونکان ڪيترا ئي دفعا وڌيڪ سمجهدار آهيو ان ڪري ڪنهن جو نالو نه ٿو کڻجي، ان ڪري اوهان پاڻ ئي سمجهو، ڇو ته منهنجي نظر ۾ بلاگ جي حوالي سان انهن لنڪس ۽ شين جي ڪا خاص ضرورت نه آهي، ڪوشش ڪريو ته ضروري لنڪس کان علاوه غير ضروري لنڪس ۽ شين جو استعمال نه ڪريو، ۽ پنهنجي بلاگ کي بوريت وارو بلاگ ٿيڻ کان بچايو، جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته فلان فلان شين ۽ لنڪن جي به بلاگ تي ضرورت آهي ۽ انهن جو استعمال اوهان جي بلاگ کي جهنجهال پوره به بڻائي ٿو ته ان جو آسان حل هي آهي ته اوهان انهن ڪمن لاءِ جدا صفحو بڻايو يا عليحده سائيڊ بار استعمال ڪريو، غير ضروري شين جي استعمال جو هڪ نقصان هي به ٿيندو آهي ته نئي بلاگر کي بلاگ بڻائڻ ۾ ڪافي مشڪلات جو منهن ڏسڻو پوندو آهي، ۽ جڏهن هو بلاگ بڻائي ويندو آهي ته لکڻ بجاءِ ٻين کي ڏسندي فضول شين جي حصول ۾ وقت ضائع ڪندو آهي، ڪوشش ڪريو ته سادگي جو سبق ڏيو ۽ نوجوانن ۾ پنهنجو قيمتي وقت تعميري ڪمن ۾ لڳائڻ جو جذبو بيدار ڪريو.
    تبصرو ڪندڙن جي حوصله افزائي​

    پڙهندڙ پنهنجو قيمتي وقت اوهان جي بلاگ کي ڏئي ٿو، پڙهي ۽ تبصرو ڪري ٿو، جواب ۾ اوهان کي به گهرجي ته ان جي حوصله افزائي ڪريو، پڙهندڙ جيڪڏهن ڪو سوال ڪري ٿو ته ته ڪوشش ڪريو ته هن کي جلد جواب ڏيو، ان کان علاوه جڏهن چار پنج تبصرا ٿي وڃن يا ڪو خاص وقت گذري وڃي ته ڪوشش ڪريو ته سڀني تبصرو ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪريو، وڌيڪ تبصري ڪندڙ جي بلاگ يا ويب سائيٽ جو لنڪ، اويتار، ۽ ان جي بلاگ جي آخري تحرير جو عنوان لنڪ سان گڏ ان جي تبصري سان گڏ ظاهر ڪرڻ جو انتظام ڪريو، ان ڪم سان تبصرو ڪندڙ جي حوصله افزائي ٿيڻ سان گڏو گڏ اوهان جي بلاگ ذريعي تبصرو ڪندڙ جي بلاگ جي تشهير به ٿي ويندي.
    پڙهندڙ جي سهولت ۽ ٻيون ضروري ڳالهيون​

    هونئن ته بلاگ تي جيتري به سهولت هوندي آهي ان ۾ زياده تر پڙهندڙ ۽ تبصرو ڪندڙ لاءِ ئي هوندي آهي پر منهنجي خيال ۾ ڪجھ سهولتون ضرور ڏيڻ گهرجن.
    جهڙوڪ: بلاگ کي سادو ۽ عام فهم بڻايو وڃي، تاڪه پڙهندڙ بور نه ٿئي، هر لنڪ ۽ شيءِ کي ائين رکجي جو سڀ عليحده عليحده نظر اچن نه ڪه هڪ سان گڏ ٻي، ائين لڳي ڄڻ انهيءَ جو ئي حصو آهي، جنهن ٽيڪسٽ باڪس يا ايريا ۾ صرف انگريزي ئي لکي ويندي هجي جيئن ايميل ۽ ويب سائيٽ جي ٽيڪسٽ باڪس کان علاوه هر ٽيڪسٽ ايريا ۾ سنڌي ويب ايڊيٽر جو استعمال ضرور ڪريو تاڪه جيڪڏهن ڪنهن جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي انسٽال نه هجي ته اهو به آساني سان سنڌيءَ ۾ تبصرو يا ڳولها ڪري سگهي، تحرير جي مناسبت سان ان جو فونٽ سائيز به مناسب رکو تاڪه هڪ عام پڙهندڙ به آساني سان پڙهي سگهي، تبصري جو اقتباس ڏيڻ لاءِ هر تبصري سان گڏ اقتباس ڏيڻ جي لنڪ جو انتظام ڪريو، تاڪه تبصرو ڪندڙ ان جو آساني سان استعمال ڪري سگهي، ۽ پڙهندڙ کي آساني سان پتو پئجي سگهي ته ڪهڙي تبصري جو جواب ڏنو ويو آهي، ڪوشش ڪريو ته تبصرو ڪرڻ واري جڳه تي جذبات ظاهر ڪندڙ تصويرن جو به ڪنهن حد تائين انتظام ڪريو ڇو ته جيڪي ماڻهو تحريرن ۾ انهن تصويرن جو استعمال ڪندا آهن اهي به خوش رهن، بلاگ تي جنهن سنڌي فونٽ جو استعمال ڪريو ٿا ان جو ڊائونلوڊ لنڪ ضرور ۽ واضح جڳه تي ڏيو ۽ ڪوشش ڪريو ته سنڌي جي عام طور تي استعمال ٿيڻ وارن فونٽس مان ڪو هڪ يا ڪجھ فونٽ استعمال ڪريو.
    پنهنجي بلاگ تي يونيڪوڊ سنڌي جي تنصيب جي حوالي سان (جيڪڏهن هجي) ته لنڪ ضرور ڏيو تاڪه يونيڪوڊ سنڌي جو پيغام سڀني تائين آسانيءَ سان پهچي سگهي، مون اڪثر ڏٺو آهي ته ڪيترائي دوست جيڪي انٽرنيٽ تي سنڌي ته لکندا آهن پر ڪمپيوٽر تي سنڌي جي تنصيب جي باري ۾ ڪجھ ڄاڻ نه رکندا آهن ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي لکڻ لاءِ سنڌي ويب ايڊيٽر جو ئي استعمال ڪندا آهن، مهرباني ڪري جي ٿي سگهي ته پنهنجي بلاگ تي سنڌي ٻوليءَ جي تنصيب جو ڪو نه ڪو لنڪ ضرور ڏيو.
    مٿي ڏنل مشورا منهنجي طرفان سنڌي بلاگرز لاءِ آهن، جيڪڏهن اوهان پاڻ ٿيم بڻائي سگهو ٿا ته منهنجي خيال ۾ مٿي ڏنل مشورن کي ضرور ذهن ۾ رکو، ۽ جيڪڏهن اوهان پاڻ ٿيم بڻائي نه ٿا سگهو ته ڪنهن اهڙي ٿيم جي چونڊ ڪريو جنهن ۾ مٿي ڏنل خصوصيتون هجن.

    نوٽ: هي منهنجا ڪجھ مشورا هئا، جيڪڏهن وڻن ته عمل ڪريو، جي نه ته اوهان کي رد ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي، اها منهنجي اڄ تائين جي سوچ آهي، وقت ۽ ٽيڪنالاجي جي تبديلي سان گڏ منهنجي سوچ ۾ به تبديلي اچي سگهي ٿي.

    جاري....​
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏20 نومبر 2015
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ادا سومرا صاحب پسند ڪرڻ جي مهرباني۔
    در اصل هي ڪم گهڻو اڳ جادوگر سائين ذيشان سمون صاحب احڪامات جاري ڪندي منهنجي حوالي ڪيو هو، مون ته صرف سندن حڪمن جي بجا آوري ڪئي آهي، آءُ سائين سمون صاحب کان هي ڪم دير سان انجام ڏيڻ تي معذرت ڪريان ٿو۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    بهتر هو ته الڳ الڳ سبق وائيز ڪري لکو ها۔۔۔ هر موضوع جو عنوان به الڳ ڪري لکو ها۔۔۔ ان طرح بلاگ جو الڳ سيڪشن به ٺهي وڃي ها ۔۔۔ ۽ هر سبق تي بهتر سوال به ٿي وڃن ها۔۔۔ ان طرح پوري موضوع ۾ عنوان جا تفصيل تبصرن کان پوءِ به نه اچن ها۔۔۔
    ٻيو ته توهان کي سنڌ سلامت فارميٽنگ طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي۔۔۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه واه تمام سٺي معلومات۔مهرباني ادا طاهر
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين تمام بهترين معلومات آهي بلاگ متعلق جزاڪم الله خيرا
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سنڌي بلاگ ٺاهڻ
    سنڌي بلاگ ٺاهڻ صفا آسان آهي، جنهن لاءِ گهڻي مهارت جي ضرورت نه آهي، بلڪه هيئن چئي سگهو ٿا ته سنڌي بلاگ ٺاهڻ هاڻ ٻارن جي راند آهي، اوهان مفت سروس استعمال ڪندي به سنڌي بلاگ ٺاهي سگهو ٿا، ۽ ٿورا پيسا خرچ ڪري يعني پنهنجي ذاتي ڊومين ۽ هوسٽنگ تي به سنڌي بلاگ ٺاهي سگهو ٿا.
    جيڪڏهن اوهان جي اڳ ئي ڪا ويب سائيٽ آهي ته ان تي يا ان جي سب ڊومين تي به سنڌي بلاگ ٺاهي سگهو ٿا، سنڌي بلاگ ٺاهڻ لاءِ ڪيئي طريقا ۽ گهڻن قسمن جا سي ايم ايس موجود آهن، هت ڪجھ طريقن ۽ (ورڊ پريس) سي ايم ايس جي باري ۾ ڳالھ ڪندا سون.
    ڊومين نيم ۽ هوسٽنگ
    ڊومين نيم يعني ويب سائيٽ جو پتو ۽ هوسٽنگ ايئن ئي آهي جيئن گهر جو (پتو)، ۽ (گهر) يعني ڊومين نيم (پتو) ۽ هوسٽنگ (گهر)، جڏهن ڪنهن کي ڪنهن جي گهر وڃڻو هوندو آهي ته پهريون ان جو پتو ايڊريس معلوم ڪندو آهي پوءِ اها ايڊريس کيس گهر تائين پهچائيندي آهي، ايئن ئي ڊومين نيم آهي، ڪوئي ڊومين نيم پنهنجي ويب برائوزر ۾ لکندو آهي پوءِ اهو ڊومين نيم کيس گهر تائين يعني هوسٽنگ تائين پهچائيندو آهي، هاڻ هوسٽنگ ئي اصل جاءِ هوندي آهي جتي اوهان جي ويب سائيٽ جو مواد هوندو آهي.
    ڪجھ وڌيڪ بنيادي ڳالهيون

    پيسا خرچ ڪري ذاتي ڊومين نيم ۽ هوسٽنگ تي بلاگ ٺاهڻ مان هي مراد اهي ته اوهان پنهنجي خاص نالي جي ڊومين وٺندا آهيو، جيئن جادوگر سمون صاحب جن (WWW.SINDHSALAMAT.COM) ورتي آهي پوءِ ان کان بعد اوهان پنهنجي ويب هوسٽنگ به وٺندا آهيو، هي بلڪل ايئن ئي آهي جيئن اوهان پنهنجون ٻيون ويب سائيٽون ٺاهيندا آهيو، ان کان علاوه مفت سروس جو استعمال هي آهي ته ڪيتريون ئي ڪمپنيون بلاگ ٺاهڻ جي سهولت ڏين ٿيون، ان جو سڀ کان وڏو مثال گوگل جو بلاگر يا بلاگسپاٽ ۽ ورڊ پريس آرگنائيزيشن جي ورڊ پريس ڊاٽ ڪام آهن، هي ٻئي ڪنپنيون مفت ۾ بلاگ ٺاهڻ جي سروس ڏين ٿيون، بلاگر ۽ بلاگ اسپاٽ هڪ ئي سروس جا ٻه نالا آهن، ان کان علاوه ورڊ پريس آرگنائيزيشن اوهان کي پنهنجي ذاتي هوسٽنگ تي بلاگ ٺاهڻ لاءِ هڪ ورڊ پريس سي ايم ايس مفت ۾ فراهم ڪري ٿي، هي سي ايم ايس هن وقت بلاگنگ جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ ڪامياب ۽ مشهور سي ايم ايس آهي، سي ايم ايس يعني ڪانٽينٽ مينيجمنٽ سسٽم کي آسان لفظن ۾ اوهان هڪ سافٽ ويئر چئي سگهو ٿا جيڪو ويب سائيت تي انسٽال ٿيندو آهي، ان کان پوءِ ٿورڙين ننڍين ننڍين تبديلين کان پوءِ اوهان جي ويب سائيٽ تيار ٿي ويندي آهي، ياد رهي ته ورڊ پريس پنهنجي ويب سائيٽ ورڊ پريس ڊاٽ ڪام تي بلاگ ٺاهڻ جي سهولت ڏيندو آهي ۽ جيڪڏهن اوهان پنهنجي ذاتي ڊومين ۽ هوسٽنگ تي بلاگ ٺاهڻ چاهيو ته ان لاءِ مفت ۾ سي ايم ايس ڏئي ٿو، ۽ ان سي ايم ايس جو نالو به ورڊ پريس آهي.
    جاري....
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    بهترين ڪم ۾ هٿ وجهڻ تي مبارڪ باد ، يقينن بهترين آهي اهو شخص جنهن مان ٻين کي نفعو حاصل ٿئي ، جيڪر نيت نيڪي تي مبني هجي ته هر ڳالھ ۾ ثواب آهي اوهان جي ڪوششن سان جيڪر ڪو دوست بلاگ ٺاهي ڪو نيڪ ڪم کي اڳتي وڌايو ته ضرور هن ۾ اوهان جو حصو به شامل حال هوندو ، مضمون جي پورو ٿيڻ جو انتظار هو پر اوهان جي مسلسل ڪاوش کي ڏسي رهجي نه سگهياسين ۽ اهي ٻه ٽٽل ڦٽل اکر لکڻ تي مجبور ٿياسين ، قبول پوندو ، والسلام
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. غلام مصطفي ا

    غلام مصطفي ا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2012
    تحريرون:
    108
    ورتل پسنديدگيون:
    227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    انساني حقن واري تنظيم ۾ ڪوآردينيٽر جي حيثيت.
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    بهترين ونڊ ادا

    سنڌ سلامتساٿ سلامت
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بلاگ بابت سٺي معلومات ڏيڻ تي ادا طاهر جون مهربانيون۔

    اوهان جي هن مضمون پڙهڻ کانپوء آء پڻ بلاگ ٺاهڻ جو خواهشمند آهيان پر هاڻي ڏسون ته ادا ذيشان رشيد ڪڏهن ٿو بلاگ ٺاهڻ جي ٽريننگ شروع ڪري۔

    اوهان جو لاجواب ونڊ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    بهترين ونڊ سائين طاهر صاحب

    اوهان جي هي تحرير پڙهي مان به بلاگ ٺاهيان ٿو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. غلام مصطفي ا

    غلام مصطفي ا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2012
    تحريرون:
    108
    ورتل پسنديدگيون:
    227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    انساني حقن واري تنظيم ۾ ڪوآردينيٽر جي حيثيت.
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سنڌي ۾ بلاگ ڪيئن ٺاهجي ؟ ان بابت ٿورو تفصيلي لکندا ته قرب ٿيبدا .. سائل مهراڻ جيڪو بلاگ ٺاهيو آهي ان ريت ٺاهجي ته ڪيئن شروعات ڪجي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو