بلاگر تي بلاگ ٺاهڻ (حصو پهريون)

'سنڌي بلاگنگ' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏21 نومبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    حيرت آهي ته توهان پنهنجو بلاگ ان وقت ۾ ئي جوڙي ورتو هو جنهن وقت گهٽ ۾ گهٽ اسان کي ته توهان انٽرنيٽ تي ايترو فعال ئي نه مليا هئا۔۔۔۔۔ ۽ وري ڪوشش پيو ڏسان ته اها به واه جي ٿي لڳي۔۔۔

    توهانجي سوال جو جواب ۾ جيسين اسانجو استاد جواب ڏئي مان اڳ ئي ڏئي توهان ۽ ان جي نظرن ۾ سرخرو ٿيڻ گهرندس۔۔ جي ها بلڪل توهان ائين ڪري سگهو ٿا۔۔۔
    ان سڀ کان پهريان توهان بلاگ جي ڊيش بورڊ تي اچو ۽ کاٻي پاسي موجود Posts تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ هاڻي يا ته نئين پوسٽ موڪليو يا وري جيڪا پوسٽ توهان اڳ ئي بڻائي چڪا آهيو ان کي ايڊيٽ ڪريو۔۔۔



    جڏهن توهان جي تيار ڪيل پوسٽ سامهون کلي اچي ته ان جي ساڄي پاسي موجود پوسٽ سيٽنگ سيڪشن منجهان ليبل جي هيٺان موجود پبلش آن يا ان جي ڀرسان گهڙي نما آئڪان تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔



    جنهن سان توهان اڳيان مڪمل ڪيلينڊر کُلي ايندو۔۔۔ توهان پنهنجي مطلوبا تاريخ ۽ وقت سيٽ ڪريو۔۔۔ ۽ هيٺ موجود Done بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ جنهن کان پوءِ مٿي پوسٽ عنوان ڀرسان Update بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ڇڏيو۔۔۔

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو توهان سوچيو يا نه سوچيو پر سائين رحيم بخش سوچي سگهن ٿا ته آ کين ته پنهنجو بلاگ ڏيکارڻ جو زور ڀري رهيو آهيان پر پنهنجو ٺاهيل بلاگ ڪونه پيو ڏيکاريان۔۔۔


    دوستو پنهنجي بلاگ ڏيکارڻ کان پوءِ مان دوستن کي ڪجهه گذارشون ڪرڻ چاهيندس۔۔۔
    ڪنهن به قسم جو بلاگ ٺاهڻ جو تجربو مون کي بلڪل به ناهي۔۔
    ڪجهه ڏينهن اڳ ادا احمد علي مڱريو جي صلاحڻ سان هڪ خيال آيو ته سنڌ سلامت پلانيٽ جوڙي ورتم۔۔۔
    سنڌ سلامت پلانيٽ ورڊ پريس جي اسڪرپٽ تي تيار ڪيل بلاگ آهي ۔۔ جڏهن ته بلاگ اسپاٽ تي بلاگ ٺاهڻ جو مون کي تجربو نه هو۔۔۔
    جيڪڏهن منهنجي بلاگ ۾ خاميون هجن ته ان کي درست ڪرڻ جي صلاحن کي کلين ذهن سان قبول ڪيو ويندو۔۔۔
    ۽ آخر ۾ اهو ته جيڪڏهن منهنجو تيار ٿيل بلاگ يا ان جون ڪي خوبيون توهان کي پسند اچن۔۔ ۽ توهان سوچيندا هجو ته اهڙيون توهان کان ڪونه ٺهي سگهنديون ته آ اهو ٻڌايان ته اهو بلڪل به مشڪل نه آهي۔۔۔ بس دوستو همت ڪريو ۽ ڪجهه ڪرڻ جو جذبو سامهون رکو۔۔۔ ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي سوالن کي واضح ڪري لکو جو سچ چيو ويو آهي ته ”پڇڻا نه منجهڻا“ ته جئين توهان جي مدد ڪندي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ پنن تي عام ڪيو وڃي۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين منهنجا مان پنهنجو بلاگ سنڌ سلامت تي ڪافي اڳ ۾ شيئر ڪيو هو ليڪن شايد اوهان مصروفيت جي ڪري ان کي نه ڏسي سگهيا بهر حال مان ان تي فقط ٺاهڻ جي حد تائين پرڪٽس ڪئي باقي خاص ڪم ان تي نه ڪري سگهيو آهيان جو توهان کي خبر آهي ڏينهن جو اسڪول شام جو مدرسو رات جو ڪجهه وقت سنڌ سلامت بهرحال جيڪو ڪجهه ڪري سگهيس سو سنگت جي سامهون پيش ڪريان ٿو۔
    مون هي بلاگ تجرباتي مراحل ۾ ٺاهيا آهن ۔
    http://jananfaqeer.blogspot.com/
    http://bulbulemadinano1.blogspot.com/p/blog-page_23.html
    ان سان گڏ هي ٻه ويب سائٽون به ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيم۔
    http://www.bulbulemadina.com/
    http://jananfaqeer.orgfree.com/
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واهه واهه ۔۔۔۔ تمام سهڻو ، خوبصورت رنگن ۽ سهڻن فونٽن سان سجايل بلاگ آهي۔

    هاڻي اسانکي اڳتي به سيکاريو، يا هفتيوار ايگزيڪيٽو ڪلاس هلندا ۔۔۔۔؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    يار ذيشان رشيد ڇا لکجي واري سوال پريشان ڪري وِڌو آهي! اوهان ڪڏنهن ڪڏنهن اهڙا ڪم ڪريو وڃو ۽ اهڙا لفظ لکيو وڃو جو انهي کان پوءِ پنهنجو هر اکر ٻاراڻو لڳندو آهي۔ مون پنهنجو بلاگ ڇهه مهينا اڳ ۾ ٺاهيو هو پر آئون ته نه ان وقت انهن خفن ۾ فعال هئس نه وري هاڻي آهيان۔ ۽ اوهان جهڙن ڪاريگرن جي نظر ۾ فعال ته شايد ڪڏنهن به نه سگهان۔ باقي اوهان جا قرب جو مون کي اها ٽِپ ڏنئو۔ هاڻي پنهنجو پراڻو مواد هُتي سهيڙبو۔

    رحيم بخش جي ڪم مان لڳي ٿو ته هو فعال ٿي چُڪا آهن۔ اميد ته اوهان جي ساٿ جي سائي ۾ ڪم چڱو نبرندو۔

    سوال ته کوڙ آهن۔ پر انهي کان پهرين اوهان کي مبارڪباد ڏبي ته اوهان سنڌي لکي (سنڌ سلامت ايڊيٽر ڏيندي) هُتي جو هُتي ڪمينٽس پيسٽ ڪرڻ جي سهولت ڏيئي يقينن ڪمال ڪيو آهي۔

    سوال هي آهن:
    1۔ بلاگ جي پنهنجي ٻولي سنڌي ڪيئن ڪجي؟
    2۔ ڇا سنڌ سلامت ايڊيٽر پنهنجي بلاگ تي استعمال ڪرڻ جي سڀني کي اجازت هوندي؟
    3۔ ڪوئي دوست پنهنجي تحرير پراڻي تاريخ ۾ موڪلي ٿو ته اها ايگرگيٽر تي هاڻي ظاهر ٿيندي؟

    سليمان وساڻ يار اوهان جي انهي سوال جي جواب ۾ هڪ انتهائي تلخ پر حقيقي سوال ته سنڌ سلامت تي هليل سکيا وارو اهڙو ڪهڙو ڪورس آهي جنهن جا سڀ سبق پورا پڙهايا ويا آهن۔ اهو سوال رڳو سجاد علي چنا کان ئي نه پر ذيشان رشيد ڦلپوٽو فقير جهڙن انتظامي رڪنن کان به آهي۔ (تمام گهڻي معذرت سان)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. مقصود

    مقصود
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2012
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ٽنڊو ڄام
    ادا سٺي ڳالهه ٻڌائي آهي اوهان
     
  8. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ

    مانوارا سائين رحيم بخش، اوهان جي محنت متاثر ڪندڙ آهي۔ سنڌي ٻولي جيئن ته انگريزي جي ابتڙ ساڄي کان کاٻي طرف لکي ويندي آهي ان ڪري ڪجهه ٽيڪنيڪل ڏکيايون آهن، جيڪي حل ڪرڻ ايترو مشڪل نه آهن۔ سنڌي بلاگنگ جي نئين سلسلي ۾ ڪوشش ڪنداسين سنڌي بلاگنگ ۾ پيش ايندڙ انهن ڏکيائين کي حل ڪرڻ لاء آسان لفظن ۾ سمجهاڻي ڏجي۔ اميد ته هن سلسلي ۾ گڏ رهندئو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    يار سليمان وساڻ اوهان جهڙا بي صبرا شاگرد هجن ته ٻيو ڇا کپي!:D
    هن پوسٽ کان پوءِ ڪجهه ڏينهن جي وٿي ڄاڻي واڻي ڪئي ته جيئن وڌيڪ دوست هن پهرين قدم ڏانهن راغب ٿين۔ هاڻي لڳي ٿو ته روزانو جي حساب سان ڪلاس شروع ڪرڻا پوندا۔ بلاگر تي بلاگ ٺاهڻ جي سلسلي جو ٻيون حصو پوسٽ ڪري ڇڏيو اٿم۔ لنڪ حاضر آهي۔
    (لنڪ: بلاگر تي بلاگ ٺاهڻ (حصو ٻيون) )
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ادا عبدالحفيظ لغاري اوهان جي سوال اهميت جا حامل آهن۔
    1۔ بلاگ تي سنڌي ٻولي ڪيئن ڪجي واري ڪوشش جي سلسلي ۾ هي سنڌي بلاگنگ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، هڪ دم جيڪڏهن سيکارجي ته بلاگ جي ٻولي سنڌي ٻولي ڪيئن ڪجي ته، پڙهندڙن ۽ سکندڙن کي ٿوري ڏکيائي ٿئي متان ان ڪري بنيادي ڳالهيون ٻڌائڻ ضروري آهن۔ اول خير، بلاگر ڊاٽ ڪام تي بلاگ جي سنڌي ٻولي ڪيئن ٺاهجي، انهي باري ۾ ستت ئي سکيا جو ڌاڳو شروع ڪبو۔

    2۔ هن سوال جو جواب ذيشان رشيد رشيد ئي ڏئي سگهي ٿو۔

    3۔ ايگريگيٽر جي نظام موجب پهرين پيجن تي تازيون تحريرون ئي ظاهر ٿينديون، تحرير تي پراڻي تاريخ لکڻ کان پوءِ اها تحرير ايگريگيٽر (پلانيٽ) جي محفوظات (Archive) ۾ ته محفوظ ٿي ويندي پر شايد پهرين صفحن تي ظاهري نه ٿيئي۔ ايتري تائين جو شايد اصل بلاگ جي به پهرين پيجن تي ظاهر نه ٿئي۔

    باقي آخري پيراگراف تي ايترو ئي چوندس ته سکيا ڪڏهن به مڪمل نه هوندي آهي۔ روزانو ڪجهه نه ڪجهه سکڻ جي گنجائش هوندي آهي۔ انت ڪونه آهي سکڻ جو ان ڪري جيڪي سلسلا پهريان اڌورا رهجي چڪا آهن، انهن کي وري جاري رکي سگهجي ٿو بس سکڻ وارا همت ڪن۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. مقصود

    مقصود
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2012
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ٽنڊو ڄام
    ادا مهرباني اوهان جي معلومات ڏيڻ جي
     
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    محترم سائين سجاد علي چنا پيارا توهان جي مهرباني جو توهان همت افزائي ڪئي مقصد ته دنيا ۾ هر ڪم ڪرڻ جوڳو آهي فقط محنت جي ضرورت آهي ۽ وقت به درڪار آهي۔ بهرحال جهڙو حال حبيبان سو پيش پريان۔
     
  13. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    سائين سجاد علي چنه صاحب توهان جي وڏي مهرباني جو مون جهڙو اٻوج به بلاگ ٺاهڻ ۾ هيتري تائين پهتو. اڃان به وڌيڪ رهنمائي ڪندا. وڌيڪ تحريرون ڪيئن پيسٽ ڪجن. بلاگ کي لنڪ ڪيئن ڏجن.
    [​IMG]
     
  14. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    هاها سائين چنه صاحب لاگ آئوٽ ٿيڻ کان پو ٻيهر لاگ ان ٿيس ته وري اڃان نئو شيپ ڏئي رهيو هو. ٿورو ان جي باري ۾ ٻڌائيندا. ته مهرباني ٿيندي.
    معذرت توهان تنگ زياده ڪري رهيو آهيان.
     
  15. غلام مرتضى سومرو

    غلام مرتضى سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جولائي 2014
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
     
  16. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    دوستو اڄ کان اسان به ان بلاگ جي دوڙ ۾ شروع آهيون

    ڪوشش ڪئي

    آهي

    ساٿ سلامت
     
  17. انور علي سومرو

    انور علي سومرو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو