ڪورل ڊرا جا ٽولز۔۔۔

'ڪورل ڊرا' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏19 ڊسمبر 2009۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    السلام عليڪم دوستو سڀني کان پهرين ته توهان سڀني دوستن کان معافي جو ايترا ڏينهن مان ڪورل ڊرا جي سبقن جي سلسلي کي منقطع ڪري ڇڏيو هو، هاڻي انشاءَ الله هي سلسلو جاري رهندو
    هن سبق ۾ اسان ڪورل ڊرا جي ٽولز جي متعلق پڙهنداسين۔۔

    [​IMG]
    Pick Toolڊفالٽ سليڪٽ ٽول، جنهن جي مدد سان هر شئي کي سليڪٽ ڪري ان تي ڪم ڪري سگهجي ٿو.

    Shape Toolڪورل ڊرا جو طاقتور ٽول جنهن سان اوهان ڊرائنگ جي ڪنهن به حصي ۾ تبديلي ڪري سگهو ٿا

    Crop Toolاميج جي ڪنهن مخصوص حصي کي الڳ ڪرڻ جي لاءِ ته جيئن ان تي ڪم ڪري سگهجي

    Freehand & Pen Toolzهي ٽول ۽ هن جا ٻه سب ٽولز لڪير ٺاهڻ، جوڙڻ ۽ ٻين نقطن جي مٿان ڪم ڪرڻ جي لاءِ آهن.

    Smart Fill Toolڪنهن اميج شيپ (چورس وغيره) جي مٿان ٻيو ڪلر ڀرڻ لاءِ هي ڪم اچي ٿو. زبردست ٽول آهي.

    Drawing Toolzهنن چار ٽولز ۽ انهن جي سب ٽولز جي مدد سان اوهين مختلف بهترين ڊزائنون ٺاهي سگهو ٿا. هن جي هيٺيئن آئڪان جنهن کي بيسڪ شيپس چئبو آهي تي ڪلڪ ڪرڻ سان توهان مختلف اڳ ۾ تيار ٿيل شيپ کڻي سگهو ٿا وڌيڪ هنن جي مٿان ڪم اسان جلد شروع ڪرڻ وارا آهيون.

    Table Toolٽيبل ڪورل ڊرا 14 جو مخصوص فنڪشن آهي جيڪو هن کان پهرئين واري ورزنس ۾ نه هو.

    Blend Toolهن جي اندر مختلف اهڙا ٽولز آهن جيڪي ڪورل ڊرا اندر ڊرائنگ کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

    Eye Dropper/Color Pickerڊاڪومنٽ مان يا ڊيسڪٽاپ تان ڪو پسنديده ڪلر سليڪٽ ڪرڻ لاءِ هي ڪم اچي ٿو

    Outline Toolڪنهن به آبجيڪٽ جي چوڌاري بارڊر يا آئوٽلائن ڪلر ۽ سائز جي سيٽنگ جي لاءِ هي آپشن آهي، هن تي به اسان سٺو ڪم ڪنداسين
    .
    Fill Tool & Interactive Fill Toolاميج ۽ ڊرائنگ جي اندر ڪلر فل ڪرڻ لاءِ هي بهترين آپشن آهن، هنن تي الڳ سان ٽاپڪ پوسٽ ڪيا ويندا.
    اميد ته غريباڻي سمجهاڻي پوري طرح سمجهه ۾ آئي هوندي
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ماشاءُالله سائين تمام پيارو سبق ڏنو اٿوَ۔۔۔۔ اسانجو ڪم آهي ته اوهان جي ڏنل سبقن کي پاڻ وٽ محفوظ ڪرڻ۔۔۔۔

    مهرباني سائين۔۔۔۔۔
     
  3. فيضان

    فيضان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2009
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سان پياري شيئرنگ آهي
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين شيئرنگ آهي سائين اسد صاحب

    توهان جي انهن سبقن مان اسان جهڙا اٻوجهه ڪافي سکي ويندا

    ادا ان سلسلي کي لاڳيتو جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين اسد پيارا اوهان جي پيار ڀري پڙهائي لاء سڀ دوست انتظار ۾ هئا ته الائي سائين جي ڪنهن ٻئي اسڪول ۾ بدلي ٿي وئي آهي الائي ڇا ليڪن پوء خبر پئي ته سائين لانگ لِيوِ تي ويل هئا بهرحال هاڻي سائين ايتري ڊگهي ڇٽي نه ڪندا نه ته ادا زاهد جهڙن کان سبق ئي وسري ويندو پوء نتيجي ۾ استاد سميت اسڪول جي به بدنامي ٿيندي ته فلاڻي اسڪول ۾ پڙهائي سٺي نه آهي جو هڪ به شاگرد اي گريڊ ۾ نه آيو آهي ۔
     
  6. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا ڄامشورائي سائين مولوي صاحب صحيح فرمايو آهي۔۔۔۔۔ هونءَ به پاڻ ۾ هاڻي ويسر جي عادت وڌنڌي ٿي پئي وڃي۔۔۔۔

    khil sahi
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو