سلام، افسوس جي ڳالهه آهي، اڄ اسانجي نامور صوفي شاعر، حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو ڏهاڙو آهي ۽ ڪنهن به هڪ دوست ڪو ٿريڊ نه ڏنو ۔۔۔ خئير۔۔۔۔ سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين۔ لطيف جو ڏهاڙو مبارڪ هجي... شاه عبدالطيف ڀٽائي Shah Abdul Latif Bhittai (1689–1752) (Sindhi: شاھ عبدالطيف ڀٽائيِ، صوفي مڪتبه فڪر جو مفڪر ۽ ولي هو، ۽ کيس سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي ۽ عظيم شاعر جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. هن سنڌ جي هالا شهر جي ويجهو ڀٽ تي پنهنجو مسڪن قائم ڪيو، جنهنکي اڄ ڀٽ شاه جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. سندس چيل ڪلام کي شاه جو رسالو چيو وڃي ٿو. سندس مقبرو ڀٽ شاه ۾ آهي، جت روزاني هزارن جي تعداد ماڻهون زيارت ڪرڻ اچنٿا. . . . شاه عبدالطيف ڀٽائي 1689 ۾ پئدا ٿيا، سندن جاءِ پئدائش آهي، ڳوٺ هالا حويلي شهر هالا ضلع حيدرآباد. .سندس والد جو نالو شاه حبيب هو، سندس ڏاڏي جو نالو سيد عبدالقدوس شاه هو. سنڌ جو مفڪر سنڌ جو شان سندس پورو نالو شاه شاه عبدالطيف ڀٽائي ڄم جي تاريخ 22 فبروري 1689ع وصال جو سال 1752ع مڪتبه فڪر؛ اسلامي صوفي ازم صوفي شاعري ۽ موسيقي کي پسند ڪندا هئا هڪ تار وارو تنبورو سندس جي ايجاد آهي ... سندس ايمان هو ... اڪ قصر در لک ڪوڙين سندس ڳڙکيون جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن سڄڻ سامهون جيئي سنڌ جيئي لطيف
جواب: Hazrat Shah Abdul Latif Bhitai - (Bhitt Jo Ghot) مهرباني دوست، جهانداد، اڄ تو واقعي اسانجي ڪنگ هجڻ وارو فرض نڀايو ۽ اسان سڀني کي پوئتي ڇڏي ويا ۔۔۔ اوهانکي به لطيف ڏهاڙو مبارڪ هجي ۔۔۔ ۽ اميد ته لطيف سڳوري جون گهريل دعائون جلد پوريون ٿينديون ۽ مارئي قيد مان آزاد ٿيندي ۔۔۔ الله تعالا اوهانکي وڏي ڄمار ڏي ۔۔۔ منهنجي طرفان سنڌ سلامت ۽ سنڌي قوم کي لطيف جو ڏهاڙو مبارڪ هجي ۔۔۔
جواب: Hazrat Shah Abdul Latif Bhitai - (Bhitt Jo Ghot) محترم دوستو مون خاڪسار طرفان به سنڌ امڙ جيجل کي ۽ سنڌ سلامت جي سڄي سنگت سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ڀائرن کي لاکيڻي لطيف حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو 266 هون عُرس مبارڪ هجي۔ ان سان گڏوگڏ اوهان پرين پيارن دوستن کي اهو پڻ ٻڌائيندو هلان ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو شاھ جي رسالي جو پنجابي ۽ فِرينچ زبانن ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي۔ پنجابي زبان ۾ شاھ جي رسالي کي ترجمو ڪندڙ شڪيل احمد طاهري نالي همراه آهي جيڪو پنجاب صوبي سان تعلق رکي ٿو۔ سڄي سنگت کي هڪ دفعو ٻيهر لاکيڻي لطيف جي ڏهاڙي جون لک لک واڌايون سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: Hazrat Shah Abdul Latif Bhitai - (Bhitt Jo Ghot) سائين جهانداد سائين عبدالستار پيارا اوهان جون مهربانيون جو اوهان سهڻي لطيف جي ڏهاڙي جي يادگيري ڏياري شال فڪرِ لطيف اسان جي زندگي ۾ سمائجي وڃي ۔
جواب: Hazrat Shah Abdul Latif Bhitai - (Bhitt Jo Ghot) مٺا جهانداد ۽ عبدالستار مهرباني توهان جِي پيارا دوستو توهان ٻنهي لطيف سائين جي ڏهاڙي سان هي زبردست ونڊ ڪئي مطلب ته سنڌ سلامت جي سڀني دوستن ونڊ ڪئي، ان ۾ افسوس جي ڪهڙي ڳالهه آهي ته ڪنهن به ان ڏيهاڙي کي ياد نه ڪيو، مٺا لطيف سائين جو ڏهاڙو هر سنڌيءَ کي ياد آهي، شڪر الحمد الله توهان پنهنجو ناتو نڀايو۔۔۔۔۔ ۽ سنڌ سلامت جي اصل مقصد کي ٿورو اڳڀرو وڌايو۔۔۔۔۔۔۔ٻه ته ٻارهن، ظاهر آهي جوت سان جوت جلندي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان کي شابس آهي ۔۔۔۔۔۔۔ جو سُهڻي لطيف جي ڏهاڙي سان هي بهترين ونڊ موڪلي ساري سنڌ سلامت کي جڳمڳ جڳمڳ روشن ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔