آفيس 2010 سکڻ لاءِ آسان ڪتاب۔۔۔ پر ٿوري وقت لاءِ۔۔

'اي بڪس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مائڪرو سافٽ وارن پنهنجي پروڊڪٽ سيکارڻ لاءِ هڪ پورٽل انٽرنيٽ تي پڻ سجائي رکيو آهي ۔۔۔ جتي هو پنهنجي تيار ڪيل مختلف سافٽويئرس کي استعمال ڪرڻ لاءِ ٽپس ٽرڪس کان سواءِ ڪتاب جي صورت ۾ مواد پڻ مهيا ڪندا آهن۔۔۔
    اڄ جڏهن ان پورٽل تي ڦيرو ڀريو ته هڪ ڪتاب تي نظر پئي۔۔۔ ڪتاب آفيس 2010 سيکارڻ بابت هيو۔۔۔ ڪتاب جو نالوFirst Look Microsoft Office 2010 آهي۔۔۔۔

    [​IMG]

    هن ڪتاب ۾ مائڪروسافٽ وارن پنهنجي نئين پروڊڪٽ آفيس 2010 بابت تفصيلي مواد، ٽپس ۽ ٽرڪس کان سواءِ ان فيچرس ۽ انهن کي استعمال ڪرڻ جو طريقو ٻڌايو آهي۔۔۔
    مائڪروسافٽ پنهنجو هي ڪتاب ٿوري وقت لاءِ مفت ۾ لڳايو آهي۔۔ تنهن ڪري جلدي ڪريو ۽ هاڻي ئي ڊائونلوڊ ڪري رکو متان ٻيهر ملڻ ڏکيو ٿئي۔۔۔
    مون کي يقين آهي ته اڄ نه سهي پر 2012 ۾ توهان کي هن ڪتاب جي ضرورت پئجي سگهي ٿي۔۔۔۔:D:D

    پي ڊي ايف فارميٽ ۾ 10 ميگا بائيٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
    ايڪس پي ايس فارميٽ ۾ 28 ميگا بائيٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: آفيس 2010 سکڻ لاءِ آسان ڪتاب۔۔۔ پر ٿوري وقت لاءِ۔۔

    ادا پي ڊي ايف فارميٽ ۾ ڪتاب کي ڊائونلوڊ ڪري رکي ڇڏيو آهي ان کي 2010 ۾ ضرور پڙهندس

    سدائين گڏ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آفيس 2010 سکڻ لاءِ آسان ڪتاب۔۔۔ پر ٿوري وقت لاءِ۔۔

    2012 ۾ جڏهن اهو نڀاڳو پلانٽ ايڪس معاملو چوپٽ ڪري ڇڏيندو ۔۔۔ آءُ اڃان 2007 واري مائڪرو سوفٽ سمجهڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهيان ۽ آٽي مئنيجر کي چوندو آهيان يار! 2003 سولو هيو ۔۔۔ ايترا آپشن ڏسي ڊڄ وٺي ويو آهي ۔۔۔

    اهو 2010 ڏسي بيهوش ٿيڻ جا ممڪنات آهن ۔۔۔ معاف ڪجو!
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: آفيس 2010 سکڻ لاءِ آسان ڪتاب۔۔۔ پر ٿوري وقت لاءِ۔۔

    سائين قبلا وقت سان گڏ هلڻ لاء اهڙين شين سکڻ جي به ضرورت محسوس پوندي آهي سائين عبدالرشيد جن کي شابس هجي جس هجي جو پاڻ الائي ڪٿان کوٽي اهڙيون شيون هٿ ڪري ٿا اچن وري سنگت آڏو پيش ٿا ڪن الله کين سلامت رکي۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آفيس 2010 سکڻ لاءِ آسان ڪتاب۔۔۔ پر ٿوري وقت لاءِ۔۔

    سائين بهترين آفيس سسٽم آهي ۔۔۔ هن ۾ پرنٽ پرِي ويو ۽ فائل مينيو ۾ تمام گهڻي بهترين آڻيل آهي ۽ ان کان علاوه ڪورل ڊرا ۽ ڦوٽو شاپ وانگر اکرن کي گِلو افيڪٽس ۽ ٻيا به گهڻائي افيڪٽس ڏيڻ جا آپشن موجود آهن۔۔ منهنجو دوستن کي مشورو آهي ته ان کي اڄ ئي ڊائون لوڊ ڪري استعمال ڪن۔۔۔ بيگينرز لاءِ تمام بهترين آهي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو