”بُلبُلِ مهراڻ“ ۽ ”ڪوئيلِ سنڌ“ لقب ماڻيندڙ ”۔”رُوبينه قُريشي“

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ”بُلبُلِ مهراڻ“ ۽ ”ڪوئيلِ سنڌ“ لقب ماڻيندڙ ”فلم اسٽار مُصطفي قريشيءَ جي زال ”رُوبينه قُريشي“
    تحرير ۽ تحقيق ڪندڙ : عبدالرزاق ميمڻ

    [​IMG]

    روبينا قُريشي 19 آڪٽوبر 1940ع ڌاري، حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ ڄائي. پاڻ اصل ذات جي شيخ ۽ الاهي بخش شيخ جي ڌيءَ آهي. سنس اصل نالو ”عائشه شيخ“ آهي، سندس خاندان پڙهيل ڳڙهيل ۽ واپار سان واڳاپيل هو. هُن ريڊئي پاڪستان حيدرآباد تي ڳائڻ ڪري ۽ پنهنجي اصل شناخت مٽائڻ لاِءِ پنهنجو نالوعائشه مان ڦيرائي رُوبينه رکيو ۽ جيئن ئي هُن مشهور فلم اسٽار مصطفي ا قريشيءَ سان 19 سيپٽمبر 1970ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ شادي ڪئي ۽ ته ”عائشه شيخ“ مان ڦري "رُوبينه قُريشي“ ٿي پئي. کيس هڪ ڀيڻ ۽ چار ڀائُر آهن. جن مان هڪڙو ڀاءُ الله سائينءَ کي پيارو ٿي ويو ۽ هُن جو وڏو ڀاءُ عبدالعفور شيخ به ڳائيندو آهي.

    اهڙيءَ طرح ، عائشه شيخ عُرف ”رُوبينا قريشيءَ“ پنهنجي ابتدائي تعليم حيدر آباد شهر جي هڪ پرائمري اسڪول مان ورتي جنهن ۾ کيس ” دادي ليلان“ جھڙي سٻاجھڙي ۽ هُوشيار اُستاد ملي جنهن سندس تربيت ڪئي. نتيجي ۾ هوءَ حمد، نعت ۽ دُعا پڙهڻ کانسواءِ اسڪول ۾ قومي نغما به ڳائيندي هُئي ۽ اسٽيج جي ڊرامن به حصو وٺندي هُئي. اُن کان پوءِ گورنمنٽ گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد، جيڪو پوءِ ڪاليج به بڻيو، اُتي نالي واري تعليمي ماهر آپا شمس عباسي، جيڪا اسڪول ۾ پهرين هيڊ مسٽريس هُئي، ڪاليج بڻڻ سان پرنسپال بڻي تنهن به عائشه شيخ عُرف روبينه قُريشيءَ جي رهنمائي ڪئي.

    جيئن ته حيدرآباد شهر نه رُڳو جاگرافي لحاظ کان هڪ مرڪزي شهر آهي، پر علم ، ادب، فن ۽ ثقافت جي حوالي سان به هي شهر هڪ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. سنڌ جا ڪيترائي وڏا تعليمي ادارا، ادبي ۽ ثقافتي ادارا هتي موجُود آهن، اهوئي سبب آهي ته ڪيترائي وڏا اديب، شاعر، عالم، ڏاها، سياستدان، واپاري، فنڪار ۽ اداڪار وغيره هن ئي شهر ۾ پئدا ٿيا ۽ ڪئين ورهه هن شهر کي ثقافتي سرگرمين سان وسايو.

    17آگسٽ 1955ع ۾ جڏنهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو بُنياد پيو تڏنهن سُتت ئي ريڊيو اسٽيشن جي انتظاميه پاران حيدرآباد جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن کي خط اُماڻيا ويا ته هُو پنهنجن باصلاحيت شاگردن ۽ شاگرديانين کي ريڊيو تي موڪلين ۽ اُنهن خطن جي ئي روشنيءَ ۾ روبينه قُريشي حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن گھُمڻ آئي هُئي. اُن وقت هُوءَ نائين درجي ۾ پڙهندي هُئي. جتي سندس مُلاقات نالي واري براڊڪاسٽر ايم. بي انصاريءَ (محمد بخش انصاري) ۽ ميوزڪ ڊائريڪٽر ماسٽر مُحمد ابراهيم سان ٿي، جن هن جو آڊيشن وٺي فيصلو ڪيو ته فلحال هن کي ٻين فنڪارن سان گڏ ڪورس ۾ ڳائرايو وڃي. ۽ پوِ هُن ڪورس ۾ قومي نغما، شاديءَ جا ڳيچ، ۽ لوڪ گيت وغيره ڳايا. هن ان سان گڏ سنڌي ۽ اُڙدو ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو، ڪمپيئرنگ ڪيائين، گيتن ڀرين ڪهاڻين ۾ ڳايائين ۽ انهن پروگرامن جي راوي ٿي. اهو سلسلو هلندو رهيو پر ڳائڻ جي حوالي سان هن کان ٿوڙي ئي عرصي کان پوءِ ”سولو“ يعني ”اڪيلو“ (اڪيلي سِر) ڳئرايو ويو. سندس اڪيلي سِر ڳائيل پهريو ڪلام آهي ” پيري پوندي سانِ، چوندي سانِ، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾

    روبينه قُريشيءَ 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان مُسلم هسٽريءَ ۾ ايم . اي ڪئي ، هُوءَ حيدرآباد ۾ ڇپجندڙ بادل رسالي ۾ خطن جا جواب به ڏيندي هُئي کيس 1967ع حمايت اسلام اسڪول ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي نوڪري به ملي.سند مُڙس ناميارو فلم اسٽار مُصطفي قريشي جيڪو اُن وقت ريڊيو پاڪستان ۾ پروگرام آرگنائيزر يعني پروڊيوسر هو۽ اُن سان شاديءَ کان پوءِ هُوءَ اُن سان گڏ سُتت ئي 1970ع ۾ لاهور هلي وئي. لاهور ۾ رهڻ دوران پاڻ اُستاد ڇوٽي غلام عليءَ کان راڳ جي وڌيڪ تربيت به وٺڻ لڳي، هُوءَ هڪ کان ٻن ڪلاڪن تائين روزانو رياض ڪندي آهي، هوءَ سازن ۾ هارمونيم به وڄائيند آهي، کيس راڳڻي ڀيروين ۽ ملهار وڻندي آهي ۽ فنڪارن ۾ مهدي حسن، ماسٽر مُحمد ابراهيم ۽ استاد مُحمد جُمن کان مُتاثر آهي.

    روبينه قُريشيءَ کي ٻه ٻار آهن ، هڪ نياڻي اربيلا ۽ ٻيو پُٽ مُحمد عامر جيڪو ٽيليويزن تي ڪمپيئرنگ ڪرڻ سان گڏ ڳائيندو به آهي. ٻهر ۾روبينه َقريشي ۽ مُصطفي قُريشي پنهنجن ٻارن سان يا پاڻ ۾ اُڙدوءَ ۾ ڳالهائيندا آهن، جنهنجو جَواز ڏيندي روبينه چوي ٿي ته اهو اُن ڪري جو هُو جتي به رهيا اُنهن کي اُتي اُڙدوءَ جو ماحول ئي مليو.

    هُن سڀ کان وڌيڪ حضرت شاه عبدُالطيف ڀٽائي گھوٽ ۽ سچل سرمست کي ڳيو آهي، ڪيترائي لوڪ گيت به ڳايا اٿس، هُن گھڻي ڀاڱي ماسٽر محمد ابراهيم، اُستاد مُهمد جُمن ۽ اُستاد نذرحُسين جي موسيقيءَ ۾ ڪلام ڳايا آهن. ريڊيو حيدرآباد تي سندس گھڻي ۾گھڻا ڪلام پروڊيوسر ايم. بي انصاري ۽ خواجه امداد عليءَ رڪارڊ ڪيا آهن، هُوءَ ريڊيو پاڪستان لاهور، ڪراچي ۽ ڍاڪا تي به ڳائي چُڪي آهي، هُن هوئن ته ماسٽر ابراهيم ۽ اُستاد مُهمد جمن کان راڳ سکيو آهي پر باقاعدي سان هُن تربت لاهور ۾ اُستاد ڇوٽي غلام علي خان کان ئي ورتي آهي. هُن سنڌي، اُڙدو، پنجابي، سرائڪي، بنگالي،، بلوچي ۽ پشتو زبانُن ۾ به ڳايو آهي.

    ٽيليويزن تي کيس مرحوم عبدالڪريم بلوچ مُتعارف ڪرايو هو. هُن سنڌي فلمن سسئي پُنهون، ۽ گھونگھٽ لاهه ڪُنوار جا گانا به ڳايا آهن. انڊونيشيا جو صدر سُوئيڪارنو سندس ڳائڻ کي ڏاڍو پسند ڪندو هو، حون جن ٻاهرين مُلڪن ۾ فن جو مُظاهرو ڪيو آهي تن ۾ انڊونيشيا، چين، تُرڪي، هندستان، برطانيا ۽ آمريڪا سر فهرست آهن. کيس مهراڻ جي بُلبل ۽ سنڌ جي ڪوئل جا لقب ملي چُڪا آهن.

    روبينه قريشي عملي زندگيءَ ۾ اچڻ کان هيل تائين الاهي سماجي خدمتون به ڪيو، هن وقت هُوءَ بلائينڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن (ليڊيز ونگ) جي اڳواڻ اهي ان سلسلي ۾ ئي لاهور کان ڪراچي آئي. هن وقت هوءَ سماجي خدمتن سان گڏ موسيقيءِ جو تربيتي ادارو به کولڻ چاهي ٿي. کيس فن جي خدمتن جي مڃتا ۾ 1996ع ۾ قلندر لال شهباز ايوارڊ ۽ غلام خواجه فريد ايوارڊ به ملي چُڪا آهن. ڊوعا آهي ته سندس مٺڙي ۽ سُريلي آواز ۾ اڃا به وڌيڪ سوز ۽ ساءُ اچي. آمين ثُم آمين.

    اي ڏاچي واليا مُوڙ مُهاڙ وي
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ”بُلبُلِ مهراڻ“ ۽ ”ڪوئيلِ سنڌ“ لقب ماڻيندڙ ”۔”رُوبينه قُريشي“

    lajwab-sharinglajwab-sharing


    shal judy hujeen



    sindhsalamatsaathsal
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ”بُلبُلِ مهراڻ“ ۽ ”ڪوئيلِ سنڌ“ لقب ماڻيندڙ ”۔”رُوبينه قُريشي“

    مهرباني سهڻا سائين! اهي قرب اوهانجا ۔۔۔ مٿان وري اهو گيت لڳائي اصل دل ٺار ٺار ڪري ڇڏي اٿوَ ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ”بُلبُلِ مهراڻ“ ۽ ”ڪوئيلِ سنڌ“ لقب ماڻيندڙ ”۔”رُوبينه قُريشي“

    سائين ايتري بهترين ۽ تاريخي معلومات ڏيڻ تي اوهان جا ٿورائتا آهيون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ”بُلبُلِ مهراڻ“ ۽ ”ڪوئيلِ سنڌ“ لقب ماڻيندڙ ”۔”رُوبينه قُريشي“

    پيارا عبدالرزاق ميمڻ صاحب شال جُڙيا هجو، سنڌ سلامت جي ساٿين لاءِ اها فخر جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌ سلامت جي اڱڻ ۾ توهان جهڙو زبردست تاريخ دان ۽ تحقيق دان پڻ موجود آهي ، سانئڻ روبينه قريشي جي باري ۾ اهڙي ڄاڻ ڏيڻ تي اسان ٿورائتا آهيون۔
    مُسڪرائي مُسڪرائي هر خُوشيءَ جِي لاڄ رکجان،
    سڀ وسيلا آزمائي دلڪشيءَ جِي لاڄ رکجان،
    نفرتون ۽ دشمنيون ساري شهر ۾ عام آهن،
    تون وفا جا گُلَ پکيڙي دوستيءَ جِي لاڄ رکجان​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هُن مشهور فلم اسٽار مصطفي ا قريشيءَ سان 19 سيپٽمبر 1970ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ شادي ڪئي ۽ ته ”عائشه شيخ“ مان ڦري "رُوبينه قُريشي“ ٿي پئي.
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي راڳ جي مشهور گلوگاره ۽ قابل احترام روبينه قريشي بابت اوهان جو تمام سهڻو ليک۔​
    اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، اسان سنڌ سلامت پاران کيس ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔​
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    19 آڪٽوبر جنهنجو جنم ڏهاڙو هو، اسان سنڌ سلامت جي سائين مُحمد سُليمان وساڻ پاران کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ تي واڌايون ڏيون ٿا۔ سائين جن جو نيٽ تي يادگيري ڪرائڻ جون اهڙيون سمورو ايڪٽيوٽيز اسان لا ۽ پوري سنڌ لا يادگار رهنديون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو