ڪيمانگر (ناول الڪيمسٽ جو سنڌي ترجمو) : پائولو ڪوئلهو (ترجمو : فهيم اختر ميمڻ)

'ناول' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 سيپٽمبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر ٻاونجاهه (52) پرتگالي ٻولي ۾ لکيل زندگيون بدلائيندڙ ناول الڪيمسٽ The Alchemist جو سنڌي ترجمو ڪيمانگر اوهان اڳيان پيش آهي. هن ناول جو سنڌي ترجمو ليکڪ ۽ سنڌ سلامت سٿ جي دوست فهيم اختر ميمڻ پاران ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هي ڪتاب دنيا جي پنجهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيندڙ ڪتاب طور شامل آهي.

    اسان ٿورائتا آهيون پياري دوست فهيم اختر ميمڻ جا جنهن هن ڪتاب جو ترجمو ڪرڻ سان گڏ ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪليو آهي. پياري دوست عمران درويش سومري جا به قرب جنهن ڪتاب جو ٽائيٽل ٺاهي موڪليو. دوست رشيد سمون ۽ عبدالحفيظ لغاري جا به ٿورا جن ڪتاب بابت پنهنجي راءِ لکي موڪلي۔

    ڪتاب مان ورتل ٽڪرو




     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    تمام سهڻو ڪم، انتهائي ڪارائتو ڪتاب پيش ڪيو ويو آهي ۽ سليمان وساڻ سميت سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي واڌايون ...

    جيستائين ان لفظ جو تعلق آهي ته اهو ” ڪيمياگر“ ئي آهي، ... ممڪن ڇپائي دوران ڇپائڻ واري کان غلطي ٿي هجي،؟ پر ڪتاب ۾ ڪجهه ٽڪرا پڙهندي خبر پئي ته هر جڳهه تي ڪميانگر ئي استعمال ٿيل آهي۔ ؟؟؟؟

    پر جيڪڏهن Al Chemist جي سنڌي ڪبي ته صحيح لفظ ” ڪيمياگر ئي ٿيندو.

    خئير غلطي ته ڪنهن کان به ٿي سگهي ٿي، وري به ڪتاب پڙهي ڏسجي ممڪن ترجمي ڪرڻ واري محترم فهيم ميمڻ صاحب ڪا وضاحت ڪئِ هجي۔ وڌيڪ اسانجو دوست ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري ان جي وضاحت ڪري سگهي ته واهه واهه ۔۔۔هڪ دفعو ٻيهر سموري سٿ کي واڌايون، انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ جي کيتر ۾ هڪ شاندار اضافو ۔۔۔۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    جي سائين بالڪل ان لفظ جي ريفرنس سان گڏ وضاحت ڪتاب ۾ شامل آهي۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    وضاحت؛

    هن ڪتاب ۾ سائين فهيم ميمڻ صاحب جي وضاحت هيٺ پيش ڪجي ٿي؛
    ”هن ڪتاب جي نالي ڪميانگر سان ڪو خاص اختلاف ناهي پر 1910 واري پرمانند ميوارام واري سنڌي لغت جيڪا سنڌ جي علمي۽ ادبي منڊل ۾ هڪ مستند سنڌي لغت سمجهي وڃي ٿي ۽ انجو هڪ نسخو برٽس ميوزم ۾ پڻ رکيل آهي. جي معني ڪيمياگر نه پر ڪيمانگر آهي، “

    سائين پرمانند ميوارام جي لغت مطابق The Alchemist جي معني ڪيمانگر ٻڌايل آهي ...

    سنڌي لفظ آهي ڪيماگر جنهنجي معني آهي
    دوائن مان قيمتي شيءِ ٺاهيندڙ). سون يا چاندي ٺاهڻ جي دعويٰ ڪندڙ ... حوالو جامع سنڌي لغات

    انڪري تحقيق کانپوءِ ائين چئجي ته اهو لفظ سنڌي لغت جي حساب سان پڻ صحيح آهي. ڪيمياگر يا ڪيمانگر ... معني مطلب جي حساب سان ساڳيا آهن ...

    لک قرب
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪجهه ڏينهن اڳ ئي هن ڪتاب کي پڙهندي هڪ موضوع جوڙڻ جو خيال آيو۔۔۔ اڃان بحث جاري ئي هو ته خبر پئي ته هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو به ٿي چڪو آهي۔۔ اهو به اهڙي طرح جو جيڪڏهن ان سنڌي ترجمي کي واپس انگريزي ۾ ڪري پائولو ڪوئلهو اڳيان رکجي ته اهو به وار پٽيندي رڙيون ڪندو ته هي ته سندس ناول ئي ناهي۔۔۔
    ڀلو ٿئي اسان جي دوست ادا فهيم ميمڻ المعروف faheemquest جن جو جن ٻڌايو ته ناول جو اصل روح ڪردارن جي تبديلي بجاءِ درست لفظن جي ترجمي سان رهي ٿو۔۔۔ ٿي سگهي ٿو ته پهريون ترجمو ڪندڙ محترم دوست احرار يوسف جو خيال هجي ته ناول ۾ موجود ڏکين لفظن تي مشتمل ڪردارن کي سنڌ جي ثقافتي ڪردارن سان ملائجي ته جيئن پڙهندڙ کي پنهنجي ماحول جي ڪهاڻي لڳي ۽ ان جي دلچسپي وڌي۔۔ پر سچي ڳالهه ته اها آهي ته ڪتاب کي پنهنجي اصل ڪردارن سان درست واقعن تحت پڙهڻ جو ئي اصل مزو آهي۔۔۔
    هن ڪتاب کي انگريزي ۾ پڙهڻ کان پوءِ ان جي سنڌي ترجمي پڙهڻ سان يقينن خيال گذريو هو ته متان اهو لطف نه ملي پر پنهنجي مادري زبان جي لفظن جي جوڙ جڪ ۽ شد مد جو بهترين امتزاج ادا فهيم ميمڻ اهڙو ته شاندار نموني ڪيو آهي جو پورو ڪتاب پهرين ئي نشست ۾ پڙهي پورو ڪيو۔۔۔
    منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته مختصر لفظن سان ساٿين تائين ڪم جي ڳالهه پهتي ڪجي ۔۔ جڏهن هي ناول پڙهيو هو ته ان جي هر صفحي تي ڪم جا جملا پڙهڻ وٽان مليا۔۔ خيال گذريو هو ته انهن جملن کي سنڌي ۾ آڻي ساٿين اڳيان پيش ڪجي پر اهڙن شاندار انگريزي جملن کي سنڌي ۾ به جاندار طريقي سان آڻڻ سولو نه هو پر ادا فهيم اهو سڀ ڪجهه پڻ ڪري ڏيکاريو۔۔۔ آخر خيال گذريو ته پوري ڪتاب جو تت آڻجي۔۔ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اهو به واضح ٿي پيو۔۔ جيڪو ادا سليمان جي چوڻ تي ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي۔۔ اميد ته پڙهندڙ ڪتاب جي ڏنل سمجهاڻي کي روح سان رلائيندا۔۔۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    سنڌ سلامت علم ۽ ادب جي ترقي لا جيڪا جاکوڙ ڪري رهي آهي اها سج جيان روشن آهي۔۔
    هن ڪتاب جو ڪافي عرصي کان انتظار هيو۔۔۔دنيا جي اهم ٻولين ۾ ترجمو ٿيندڙ هي ڪتاب سنڌي ۾ پيش ڪرڻ تي سنڌ سلامت جي سڄي سٿ کي خاص طور تي ادا فهيم ۽ ادا سليمان کي مبارڪون۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ثناالله جروار

    ثناالله جروار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 مئي 2011
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تمام بهترين۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ڪتاب ڊائونلوڊ ڪري ورتو آهي ، وقت سر پڙهبو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    412
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    سنڌ سلامت جي سرواڻ سائين وساڻ صاحب جي ڪوشس آخر رنگ لائي پئي ڪافي دوست سنڌي جي ڪتابن کي اي بوڪ تبديل ڪري دوستن لا آساني پيدا ڪن پيا هڪ دفعو وري سنڌ سلامت جي سٿ کي کوڙ ساريون مبارڪون
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سڀني دوستن جون مهربانيون۔

    سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي ترقي وٺرائڻ اسان جي فرضن ۾ شامل آهي ۽ اسان اهوئي ڪري رهيا آهيون۔ هن ڪم ۾ دوستن ڀرپور ساٿ ڏنو آهي۔ سڀني جا ٿورا۔

    ڪيمانگر جي سنڌي ترجمي جي گهڻي فرمائش هئي جيڪا پوري ڪئي وئي آهي۔ هڪ دفعو وري فهيم ميمڻ جا ٿورا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سڀني دوستن جون مهربانيون۔

    سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي ترقي وٺرائڻ اسان جي فرضن ۾ شامل آهي ۽ اسان اهوئي ڪري رهيا آهيون۔ هن ڪم ۾ دوستن ڀرپور ساٿ ڏنو آهي۔ سڀني جا ٿورا۔

    ڪيمانگر جي سنڌي ترجمي جي گهڻي فرمائش هئي جيڪا پوري ڪئي وئي آهي۔ هڪ دفعو وري فهيم ميمڻ جا ٿورا۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    ادا ٿورا اوهانجا ۽ سڄي سنگت جا جن هن ڪتاب جي دفن ٿيل مسودي کي ڪتاب جي صورت ڏني۔۔ هاڻ ڪوشش اها ئي هجڻ گھرجي ته گھڻي کان گھڻا دوست ان مفت اِي بڪ مان فائدو وٺي سگھن، برازيل جي سُگھڙَ پائولو ڪوئلهو جي علم مان فيض حاصل ڪري سگھن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. شاهنواز شيخ

    شاهنواز شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Karachi, Pakistan
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. شاهنواز شيخ

    شاهنواز شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Karachi, Pakistan
    سنڌ سلامت کي هميشه ٻاهران ئي گهمي رڳو نهاري رمندو ويندو هيس۔ ڪتاب الڪيمسٽ ٻڌل هيو پر پڙهيو ڪونه هيم ، انڪري رڳو ڪتاب تي هڪ اڇاتري نظر وجهڻ ڪارڻ سنڌ سلامت تي هليو آيس۔ ڪتاب ڏسڻ لا اندر گهڙڻ لازم ٿي پيو پر اندر پير پائڻ سان ڄڻ اندرجا ڪپاٽ کلي پيا۔ ڇا ته محنت ڪئي آهي يارن! بهترين بهترين ۽ بهترين۔ ڪتاب پڙهڻ کان رهي نه سگهيس ڏهاڪو پنا پڙهيا اٿم۽ رڳو ان ڪري حالي ڇڏڻو ٿو پئي ته چارجنگ ختم ٿي رهي آهي ،بجلي بند آهي ۽ شابس موڪلڻ چاهيانٿو۔ ناولي هيرو واري ڪاوش آهي۔ مقصد سان انسيت ۽ تڙپ ئي ناول جو ڪارج ڏيکارجي پئي ته سنڌ سلامت جا يار اڳ ئي ان پنڌ جا پانڌيئڙا پيا پسجن جن سونهن ۽ سڪ سان سنڌ سلامت کي سنواري ۽ سنڀائي فيس بوڪ جي سنڌي نيري اڀ تي اهي چتر چٽڻ جو ارنڀ ڪيو آهي جو آسائتو آهيان ته اهو سفر هلندو رهندو ۽ ڪيئي پيڙهيون لاڀ لهنديون۔

    هي ڪتاب منڍ مان ئي پسجي پيو ته سنڌي ڳڀروئن جي ذهني لاڙي کي سجائي پاسي سهنجڻ ۾ ڪارائتو ٿيندو۔ فهيم صاحب جو سنڌي جڙا  اهڙوآهي ٍڄڻ ڪو پوئين پهر ڪينجهرهندوري ۾پيو جهولي۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم شاهنواز سائين لک ٿورا جو اسان جي هي محنت اوهان وٽ قبول پئي۔

    حوصلا افزائي لاء ٿورائتا آهيون۔ سنڌي ٻولي جي انٽرنيٽ تي ترقي ئي اسان جو اولين مقصد هئي ۽ ان مقصد ذريعي اسان سنڌ جي لکيل پڙهيل طبقي ۾ سنڌ پرستي ۽ علم لاء چاهه پيدا ڪرڻ لاء جتن ڪري رهيا آهيون۔ اوهان جهڙا دوست اسان جي رهنمائي ڪندا رهندا ته ضرور ڪاميابين ڏانهن وکون وڌنديون رهنديون۔

    خوبصورت لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪرڻ تي سنڌ سلامت سٿ اوهان جو ٿورائتو آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    تمام بهترين ناول، لک ٿورا ادا وساڻ صاحب۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو