ليپ ٽاپ جي مائوس ڪي پيڊ جو مسئلو

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ سلامت جا سڄڻو...
    توهان جي طرفان مليل لقب ”جادوگر“ باوجود توهان کي ٻڌايان ته مسئلا جادوگر کي پڻ منجهائي سگهن ٿا...
    هن وقت منهنجي زيرِ استعمال HP ڪمپني جو ليپ ٽاپ آهي جنهنجو ماڊل 530 آهي...

    [​IMG]

    مٿي تصوير ۾ جيڪڏهن دائرو ڏنل ليپ ٽاپ جي ڪي پيڊ تي نظر وجهو ته توهان ڏسندو ته ڪيبورڊ جي هيٺان مائوس ڪي پيڊ کي اهڙي طرح بڻايو ويو آهي جو پهرين نظر ۾ اها ليپ ٽاپ باڊي جو حصو پئي لڳي ....
    مسئلو اهو آهي ته جڏهن مان ڪي بورڊ ذريعي لکندو آهيان ته منهنجو هٿ يا آنڱر مائوس پيڊ تي لڳي ويندي آهي جنهن ڪري اڪثر مان لکڻ ڪنهن ٻي جاءِ تي چاهيندو آهيان ۽ ڪرسر ڪنهن ٻي جڳهه تي ڪلڪ ٿيڻ ڪري لکجي ڪنهن ٻي جاءِ تي ويندو آهي ... مجبورن لکائي ۾ ڪافي غلطيون ٿي وينديون آهن... دوستو ان جي حل جو سوال ڪريان ٿو... آهي ڪو سنڌ سلامت جو ساٿي جيڪو ان جو ڪو پڪو حل ٻڌائي ...
    توهان جو اڳواٽ احسان مند آهيان....
     
  2. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ليپ ٽاپ جي مائوس ڪي پيڊ جو مسئلو

    سائين رشيد،
    لڳي ٿو، توهان وٽ ليپ ٽاپ، تازو تازو آيو آهي، وقت گذرڻ سان گڏ اهو مسئلو ختم ٿي ويندو۔ نه ته ان مسئلي جو هڪڙو ئي حل آهي ته نوٽ بوڪ بدلائي ڇڏيو۔

    ساٿ سلامت
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ليپ ٽاپ جي مائوس ڪي پيڊ جو مسئلو

    ادا ٻروچ توهان جو چرچو لڳو پوءِ ڀلي ٻئي ڪنهن نه سمجهيو هجي۔۔۔ :D:D
    هڪ مشهور واقعو ياد پيو اچي ۔۔۔ هڪ عورت ڌيء کي چيو ۔۔۔”پٽ وڃ پاڙي واري مائي کان قينچي اڌاري طور وٺي اچ۔۔۔۔“ ٿوري دير ۾ ئي ڇوڪري واپس موٽي ۽ چيائين۔۔۔”امان پاڙي واري ماسي چوي ٿي اسان وٽ قينچي ڪانهي۔۔۔۔“
    عورت اهو ٻڌي ٿڌو ساه ڀريو ۽ چيائين ۔۔۔”ڪهڙو دور اچي ويو آهي۔۔۔ پاڙي وارو پاڙي واري جو خيال ئي نه ٿو رکي۔۔۔ چڱو پٽ وڃ پيتيءَ مان پنهنجي ئي قينچي کڻي اچ۔۔۔ “
    مٿين واقعي مطابق لڳي ٿو هاڻي مون کي پاڻ ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو۔۔۔
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ليپ ٽاپ جي مائوس ڪي پيڊ جو مسئلو

    چوندا آهن ڳولهڻ سان خدا به ملي وڃي ۔۔۔۔ سو ادا هي ته معمولي حل هيو ۔۔۔ مون کي يقين هيو ته ضرور ملندو بس صرف ڳولا جي دير هئي۔۔۔
    ادا ٻروچ هاڻي جيڪڏهن مان ائين چوان ته غلط ته نه ٿيندو نه۔۔۔”لڳي ٿو، توهان ليپ ٽاپ، ڪم ئي نه ڪيو آهي، نه ته اهڙن مونجهارن ۽ حل بابت ڄاڻ ضرور رکو ها۔۔۔۔“
    دوستو جيڪڏهن توهان به ليپ ٽاپ استعمال ڪندڙ هجو۔۔ ۽ اهڙو مسئلو سامهون هجي ته ان جو حل آهي ۔۔۔۔۔۔ هي هڪ ننڍو سافٽويئر TouchFreeze ۔۔۔
    هن کي ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪيو ۔۔۔ انسٽال ٿيڻ کان پوءِ هي سسٽم ٽري (جتي ٽائيم ظاهر ٿيندو آهي) تي ويهي توهان جي مائوس ۽ ڪي بورڊ جي حرڪتن کي نوٽ ڪندو آهي۔۔۔ ۽ جڏهن توهان ڪي بورڊ تي لکندو ته مائوس پيڊ کي فريز ڪري ڇڏيندو آهي جنهن ڪري ٽائيپنگ دوران جيڪڏهن غلطي سان مائوس پيڊ کي آڱر يا هٿ لڳي وڃي ته مائوس پيڊ فريز هجڻ ڪري ڪو ايڪشن نه ڪندو آهي پر جيئن توهان لکڻ ڇڏي مائوس پيڊ کي استعمال ڪندو هي سافٽويئر ٻيهر مائوس پيڊ کي فعال بڻائي ڇڏيندو آهي۔۔۔۔
    ٿوري جستجو سان منهنجو مسئلو ته حل ٿي ويو ۔۔۔۔ ادا ٻروچ حل لاءِ جستجو تي اڪسائڻ جي مهرباني۔۔۔

    TouchFreeze سافٽويئر ڊائنولوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
     
  5. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ليپ ٽاپ جي مائوس ڪي پيڊ جو مسئلو

    سائين، مڃوسين
    ٽِڪي چڙهي، واه جا ملهه ماري توهان۔۔ هار نه مڃڻ بي واجبي ٿيندي سائين۔۔
    مسئلو واقعي معمولي هيو، پر ان ڏانهن ڌيان ڇو نه ويو، ان جي وضاحت ڪرڻ ضروري ڪو نه ٿو سمجهان، اڳ ۾ ئي ڪَچي ٿي پئي آهي۔۔ بهرحال، آئنده ڪوشش ڪري، پنهنجي قئنچي پيتيء کان ٻاهر ئي رکجو ۔۔ hall chari نه ته مون جهڙن افعال پيا وائکا ٿيندا، ٻيلي ڍَڪِي ڀلي۔۔
    wslam
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ليپ ٽاپ جي مائوس ڪي پيڊ جو مسئلو

    سائين منهنجي ليپ ٽاپ ۾ سيم پرابلم هو
    الله تعالي اوهان کي خوش رکي توهان جو ڏنل پروگرام ڊائون لوڊ ڪرڻ کان پو ڪافي بهتر محسوس ٿئي ٿو
    پر منهنجو ڪي پيڊ وارو مائوس ٻارن خراب ڪري ڇڏيو آهي
    ٻاهريون مائوس هلايان پيو
    ان ۾ اهو مسئلو هيو
    ٻيو عرض ته الف همزو ڪهڙي جا تي رکيل آهي هيئر ڇيئن مون لکيو جا “ لا “ آخر وارو الف همزو خبر نه ٿي پوي ته ڪٿي رکيل آهي
    مهرباني ڪندا
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ليپ ٽاپ جي مائوس ڪي پيڊ جو مسئلو

    ادا ٻروچ ۽ مٺا طاهر سافٽويئر پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔
    ادا طاهر Shift+V لکڻ سان ”ء“ لکبو آهي ۔۔۔۔ مهرباني فرمائي سنڌ سلامت ڪي پيڊ يا ايڊيٽر جو تعارف پڙهڻ لاءِ هن لنڪ تي اچو۔۔۔۔

    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=270
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ليپ ٽاپ جي مائوس ڪي پيڊ جو مسئلو

    نوٽ ٿيو
    مهربانيshal judy hujeen
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ليپ ٽاپ جي مائوس ڪي پيڊ جو مسئلو

    :D
    ادا رشيد اوهان اسان غريبن تي پاڻ وارو ليپ ٽاپ ڏيکاري دٻاء ٿا وجهو پر اوهان کي اهو چوندو هلان ته هاڻي زمانو بدلجي ويو آهي :D :D اسان به ترقي ۾ آهيون پاڻ واري جهوني ليپ ٽاپ کي سائيڊ تي ڪري مون به نئون ڪمپيوٽر ورتو آهي ۔
    اهو به ساڍا پنج سو ڊآلر ۾
    هي ڏس شڪل ان جي :Dhall chari

    Asus K50IN

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو