سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي اهميت ۽ سنڌي ٻولي لاء ڪيل خدمتون

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 ڊسمبر 2013۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

    اها هڪ حقيقت آهي ته هر انسان کي پنهنجو دور ۽ پنهنجي دور جون ڳالهيون پسند اينديون آهن، ۽ اهيو هڪ فطري عمل آهي ۔
    اهڙي ريت مان وري پنهنجي دور جي ڳالهه ڪندس ۽ اها به حقيقت آهي ته اسان جنهن دور ۾ هلي رهيا آهيون اهو دور سائنس ۽ ٽيڪنالوجيء جو دور سڏجي ٿو ۽ هي اسان جو دور ترقي جو دور آهي .۽ دنيا تيزيء سان تبديليء جي طرف وڌي رهي آهي ۽ انهيء تيزي واري رفتار کي هر شعبي کي ڪمپيوٽر سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجيء تبديل ڪري ڇڏيو آهي . تاريخ جي ورقن کي اٿلائجي ٿو ته پروڙ پوي ٿي ته اها ڪمپيوٽر واري تبديلي دنيا ۾ 1944 ۾ پهرين مڪمل ڪمپيوٽر مارڪ ون جي ايجاد کان بعد شروع ٿي سڀ کان پهريان اهو ڪمپيوٽر ڳڻپ ۽ بزنس جي لاء ٺاهيو ويو ۽ پوء انهيء ساڳي ڪمپيوٽر ايتري ته ترقي ڪئي جو دنيا جي هر شعبي ۾ ڪمپيوٽر استعمال ٿيڻ لڳومثال جي طور تي ميديڪل سائنس ،بينڪنگ ،رجسٽريشن اٿارٽيز، ايجوڪيشن ،انٽرٽينمينٽ اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا وغيره . پر ان ڪمپيوٽر جي استعمال ۾ تيزي 1993 ۾ انٽرنيٽ جي ڪمرشل ٿيڻ کان بعد شروع ٿي ۽ دنيا حيرت انگيز طور تي انٽرنيٽ جي طرف ڌيان ڏنو ۽ وڌڻ لڳي جنهن جي نتيجي ۾ دنيا جو هر شعبو انٽرنيٽ تي پهنجون خدمتون ڏيڻ لڳو۔ ۽ انهيء دنيا جي تيز رفتار ترقي وارين ڪمپيوٽر وارن خدمتن حاصل ڪرڻ ۽ دنيا سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ لاء سنڌي ٻولي کي پڻ اسان جي محسن سائين ماجد ڀرڳڙي انٽر نيٽ جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو، جنهن جي محنتن کي نه ساراهڻ نا انصافي ٿيندي۔ ۽ انهيء ڪمپيوٽر جي صحولت واري صحولت مان سنڌ جي ڪيترن دوستن فائدو حاصل ڪيو جن جو مثال اوهان سڀني جي سامهون آهي۔ ۽ انهن جديد صحولت مان فائدو وٺندي سنڌي ٻولي کي ترقي وٺائڻ لاء ۽ سنڌي ٻولي کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ ۾ سنڌ جي هن فورم سنڌ سلامت جو هڪ پنهنجو ڪردار آهي، جيڪو تقريبن چار سال پهرين اسان جي دوست محترم رشيد سمون صاحب جن پنهنجي هڙان وڙان خرچ سان سخت محنت ڪري پنهنجو ننڊون ڦٽائي ڏينهن رات هڪ ڪري اسان کي مهيا ڪري سنڌي ادب ۽ سنڌي ماڻهن تي ٿورا ڪري ڇڏيا آهن۔ جنهن لاء اسان سندس ٿورائتا آهيون۔
    هون ته سنڌ سلامت جو هر شعبو پنهنجي حيثيت رکي ٿو، جنهن جو معيار ۽ ڪم جي حيثيت پنهنجي آهي، جنهن کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي۔مگر انهن سنڌ سلامت جي شعبن مان سنڌ سلامت ڪتاب گهر وري پنهنجي حيثيت رکي ٿو جنهن جي اهميت ۽ معيار وري پنهنجو آهي جيڪو سلامت جي فورم تي هڪ جسم جي تمام حصن جي مد مقابل دل جي مثال آهي۔۔،۔۔۔ دنيا جي هر معاشري ۾ لائبريري ( ڪتاب گهر ) ئي اصل سرمايو هوندا آهن، ۽ دنيا جي سڌريل معاشري ۾ ڪتاب ۽ ڪتاب گهرن لاء ڪروڙين رپين جون سالانه بجيٽون پڻ رکيون وينديون آهن ۽ دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ ته شهر جي بس اٽاپس تي پڻ ڪتاب گهر موجود هوندا آهن، ته جئين مسافر انتظار ڪرڻ سان گڏ ڪتابن جي اڃ به پوري ڪري سگهي۔ ۽ اها ڪتاب گهر جي روايت صديون پراڻي آهي، جنهن جي پروڙ تاريخ جي ڪتابن ۾ پوي ٿي۔۽ جهڙي ريت سابقه دور ۾ دنيا جي ٻين حصن ۾ وڏيون وڏيون لائبريريون رهيون آهن اهڙي ريت سنڌ جي ماضي واري دور ۾ به سنڌ جي شهرن ۾ وڏيون وڏيون لائبريريون رهيون آهن، جهڙوڪ، مخدوم هاشم رح جي لائبريري، مخدوم معين رح واري لائبريري، مخدوم نوح رح جي لائبريري، مخدوم بلال رح جي لائبريري، مخدوم جعفر جي لائبريري، وغيره، مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته ڪنهن جاء تي سنڌ جي سائين علامه آء آء قاضي رح جن فرمايو هو ته هي لائبريري ۾ پيل مختلف ڪتاب مختلف دور جا ۽ مختلف فڪر جا وڏا دماغ آهن ۽ انهن دماغن سان ڪچهري ڪري انهن مان فائدو وٺڻ گهرجي۔مگر افسوس آهي جو اسان جو سنڌي نوجوان سگريٽن جي دوهين اڏائڻ تي، هوٽل تي ويهي ڪري چانهين تي پاڻ ٻيري گٽڪي تي ته سوين رپيا خرچ ڪري ڇڏيندو آهي مگر هڪ ڪتاب خريد ڪري ان مان فائدو حاصل نه ڪندو آهي۔خريد ڪري پڙهڻ ته پري رهيو مگر مون کي ته اهيو ٿو لڳي ته اسان جا ڪيترائي دوست هت سنڌ سلامت ۽ ٻين سائيٽن تي پيل برقي ڪتاب پڙهڻ جي به ڪوشش ڪو نه ڪندا هوندا۔جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي۔
    ساٿيو اهيا ڳالهه ته توهان به مڃيندو ته ڪجهه سال پهرين جڏهن نيٽ گردي ڪبي هئي ته اسان کي اردو ۽ انگريزي جا ته ڪافي ڪتاب ملندا هئا، مگر سنڌي جا برقي ڪتاب تمام گهٽ ۽ نه ملڻ جي برابر ملندا هئا۔ مگر الحمدالله ٿورئي وقت ۾ اسان جي مٺڙي ٻولي سنڌي جا برقي ڪتاب به نيٽ جي ( ڪافي سائيٽن تي ) موجود آهن، جنهن ۾ وري سنڌ سلامت جو وڏو ڪردار آهي، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي،
    هن سنڌ سلامت جي محنت ۾ اسان جي دوست محترم رشيد احمد سمون ۽ سنڌ سلامت جي گڻ گهري دوست محترم سليمان وساڻ صاحب جي سخت محنت شامل آهي۔ جنهن لاء اسان سڀ سنڌي سندن ٿورائتا آهيون،سنڌ سلامت جا ساٿيو توهان ڏسندو ته الحمدالله هاڻ سنڌ سلامت تي سنڌي ادب، کان وٺي مذهب، سياست، فنون لطيفه، سائنس، ڪمپيوٽنگ، ثقافت، فلسفو، ۽ ان کان علاوه ٻين ڪيترن ئي موضوئن تي توهان کي برقي ڪتاب ملندا۔ جيڪا هڪ وڏي ڪوشش جدو جهد ۽ ڪاوش ۽ ڪاميابي آهي۔ ۽ ان جدو جهد ۽ ڪاميابي ۾ اسان جي دوست محترم سليمان وساڻ صاحب پاڻ ملهايو آهي، ۽ ملهايو به اهڙو ملهايو آهي جو سندس هن محنت ڪوشش ۽ جدو جهد کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويٺل سنڌي ساراهڻ کانسواء رهي نه ٿا سگهن۔سليمان وساڻ صاحب سنڌ سلامت جي لائبريري کي مالا مال ڪرڻ لاء ڪيترن ئي دوستن جون پنهنجو پاڻ ڪوشش ڪري خدمتون حاصل ڪيون آهن۔ بلڪه ڪيترن ڪتابن کي ته پي ڊي ايف فارميٽ ۾ به پاڻ آڻي آندو اٿن۔ جيڪا ڳالهه ان ڳالهه کي ثابت ڪري ٿي ته اسان جو هي دوست سليمان وساڻ صاحبسنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي سان ڪيتري محبت رکي ٿو، اسان جي ته دعا آهي ته رب پاڪ سندس جدو جهد ۽ ڪوششن ۾ آساني پيدا ڪري۔ ۽ هي اسان جي سنڌ جو نوجوان اڃان به ٻيڻي ٽيڻي سنڌي ٻولي لاء محنت ۽ ڪوشش ڪري۔ آمــــــــــين
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ موجود برقي ڪتابن جو مختصر تعارف۔

    سنڌي زبان جيڪا عظيم ٻولي جيان 52 اکرن جي لپي تي مشتمل آهي، تنهن کي مغربي پاڪستان جي علاقائي زبان ۾ پنهنجي قديم ترين ادب آهي، جيڪو ڪيترن حوالن سان برصغير پاڪ و هنڌ جي ڀرپور ادب منجهان هڪ آهي. هن کي پنهنجون لساني خوبيون آهن جن جي سبب کيس دنيا جي ادبي زبانن منجهان هڪ هجڻ جي اهميت حاصل آهي دنيا جي ٻين ٻولين وانگر سنڌي ٻولي به علم جي خزاني سان مالا مال آهي۔.
    ”علم حاصل ڪيو پينگهي کان قبر تائين“۔۔ فرمان رسول الله صلي الله عليه وسلم
    علم ۽ ڪتاب جي اهميت ته هن حضور سائين جي حديث مان ئي ثابت آهي،۔۔​
    علم ( ڪتاب ) جي افاديت ۽ اهميت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگھي علم سان ئي دنيا مان جهالت ختم ٿئي ٿي. علم جو مثال ان خزاني جيان آهي جنهن کي چورائي نه ٿو سگھجي بلڪه خرچڻ سان وڌي ٿو. انسان جي سڀ کان وڌي بدقسمتي سندس علم کان دوري آهي. الله تعالى انسان کي اشرف المخلوقات بنايو آهي ۽ انسان کي صرف اهو شرف علم ۽ عقل جي ڪري ئي عطا ڪيو ويو آهي
    سنڌ سلامت جا ساٿيو ان علم جي روشني کي ڦهلائڻ واري ڪڙي کي اڳتي وڌائيندي هت مان توهان لاء سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ڪجهه ڪتابن جو تعارف پيش ڪيان ٿو اميد ته توهان کي پسند ايندي ۽ اب مان توهان کي ڪجهه لاڀ حاصل ٿيندو۔ ياد رهي ته ڪتابن تي ڪيل تبصرو سليمان وساڻ صاحب جو ڪيل آهي جيڪو وساڻ صاحب هر ڪتاب سان ساڻ گڏ ڏنو ويو آهي۔​
    هي بروشر ”قرآن سمجهي پڙهڻ گهرجي “ حڪمتِ قرآن انسٽيٽيوٽ ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي ۽ سندن ويب سائيٽ تي به ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جي صورت ۾ موجود آهي۔​
    ”مثنوي رومي“ تصوف جي رمزن ۽ اخلاقي هدايتن جو هڪ اهڙو ڀنڊار آهي جنهن مان مسلمان توڙي ٻيا ايامن کان وٺي ڪري علمي ۽ عملي طرح سيراب ٿيندا رهيا آهن. ان جو معروف آکاڻين جي صورت ۾ سمجهائڻ وارو طريقو ايترو ته موثر مڃيو ويو آهي جو صدين گذرڻ پڄاڻان به انهيءَ جو استفادو جيئن پوءِ تيئن سگهارو مڃيو پيو وڃي.​
    روميء جون رهاڻيون (مثنوي مولانا جلال الدين رومي) سنڌيء ۾ نامياري ليکڪ ۽ شاعر محترم احمد آصف خان مصراڻي جون ترجمون ڪيل آهن. جڏهن ته سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايل آهي۔ ڪمپوزنگ بدين جي محترم سيد اريب شاهه ڪئي آهي ۽ وائيس آف سنڌ پاران انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايل آهي۔​
    ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ هڪ وڏو عالم ۽ مقرر آهي( ڊاڪٽر ذاڪر عبد الڪريم نائيڪ18 آڪٽوبر1965ع ڀارت ۾ پيدا ٿيو، پاڻ مذاهب عالم ۾ مناظرن جي حوالي سان سڃاتا وڃن ٿا،عيسائي، يهودي، هندو، بدهمت، سک مت، سان گڏوگڏ پاڻ ڪيترن ئي مذهبن تي عبوررکن ٿا، پاڻ دين جي تبليغ جو ڪم1991ع کان شروع ڪيائين، سندس مشهور تقريرن ۾ ڊاڪٽر وليم ڪيمبل سان ٿيل تقرير شهر آفاق آهي. هُوءُشيخ احمد ديدات جو سڌو سنئون شاگرد آهن. هن وقت اسلامڪ پريچنڱ سينٽر ممبي جا صدر آهيجنهن دين جي علم تي لاتعداد تقريرون ڪيون آهن۔ هي به سندس اهم تقرير آهيجنهن ۾اسلام ۽ ٻين مذهبن ۾ خدا جي تصور جو ذڪر ڪيل آهي۔هن ڪتاب کي ڪمپوزنگڪندڙ دوست محترم عبدالجبار شيخ کي سلام آهي جنهن محنت ڪري هي ڪتاب اسان ساناي بوڪ جي صورت م ونڊ ڪيو آهي ۽ وائيس آف سنڌ ڊاٽ نيٽ پاران هي ڪتابمتعارف ڪرايو ويو آهي۔



    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو چوٽيهون (34) ڪتاب اچو ته نماز سکون حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ ابو الليث غلام محمد ميمڻ آهي جڏهن ته تصحيح فقيه السنڌ مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ صاحب مدير “ماهوار شريعت” سکر جن ڪئي آهي.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي



    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو پنجٽيهون (35) ڪتاب رحمتِ عالم صلي الله عليه وسلم حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ مشهور سيرت نگار سيد سليمان ندوي آهي.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.



    امام غزالي جو ڪتاب ”ڪيمياء سعادت“ انسان جي رهبري لاء بهترين ڪتاب شمار ٿئي ٿو۔ هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو پروفيسر غلام حسين جلباڻي ڪيو آهي، جڏهن ته پهرين حصي جي اِي بوڪ جي ايڊيشن لاء ڪمپوزنگ محترم عبدالرحيم نظاماني جي آهي ۽ سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء پاران سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ويب تان متعارف ڪيو ويو آهي۔


    هي ڪتاب ”انساني شخصيت جي ترقي (قرآن جي روشنيء ۾) “قرآن ڪريم جي آيتن جي روشنيء ۾ انسان ذات جي بهتري جي باري ۾ آهي۔ ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر فاروق عزيز آهي ۽ ان جو سنڌي ترجمو محترم شعيب الرحمان کهڙو ڪيو آهي۔
    هي ڪتاب حڪمتِ قرآن انسٽيٽيوٽ ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي ۽ سندن ويب سائيٽ تي به ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جي صورت ۾ موجود آهي۔


    ڄوڪو ڏينهن17جنوري سنڌ جي عاشق سائينجي ايم سيدجو جنم ڏينهن آهي. جي ايم سيد جنهن سنڌ لاء پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. سندس جنم ڏينهن جي مناسبت سان سنڌ پاران سندس ڊجيٽل ڪتاب پيش ڪجي ٿو.سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاءڊجيٽل بوڪ ايڊيشنمتعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جوپنجويهونڪتابسنڌ ڳالهائي ٿياوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ياد رهي ته هي تاريخي ڪتاب اصل ۾ سائينجي ايم سيد جو پاڪستاني ڪورٽ لاء عدالتي بيان آهي جيڪوسنڌ ڪيسجي نالي سان انگريزيء ۾ به ڇپيو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کانپوء اهو احساس ٿوٿئي ته پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين سنڌ سان ڪيڏا وڏا ڪلور ٿيندارهيا آهن. هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ هڪ ڏکيو ڪم هيو ڇو ته ڪتاب ۾ موجود سنها فونٽ گهڻو پريشان ڪندا رهيا. مان ٿورائتو آهيانعبدالڪريم چانڊيي۽غلام قنمبر وساڻجو، جيڪي ڪمپوزنگ ۽ پروف ريڊنگ ۾ ساٿ ڏيندا رهيا آهن. ٿورا پياري دوستابو واصفجا جنهن ڪتاب جو ٽائيٽل پيج ڊزائن ڪري موڪليو. جيڪڏهن ڪٿي ڪي اڻايون يا پروف جو چڪون رهجي ويون هجن ته رهنمائي ڪجو
    .

    سائين جي ايم سيد جي سالگرهه واري ڏينهن يعني 17 جنوري تي سائينءَ جي جنم ڏينهن جي مناسبت سان سنڌ سلامت پاران سندس ڊجيٽل ڪتاب سنڌ ڳالهائي ٿي پيش ڪيو ويو هو. ساڳئي سلسلي کي جاري رکندي اسان سنڌ جي عاشق سائين جي ايمسيد جو هڪ ٻيو اهم ڪتاب سندس ورسي جي موقعي تي ڊجيٽل ايڊيشن ۾ پيش ڪريرهيا آهيون.سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاءڊجيٽل بوڪ ايڊيشنمتعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جوچاليهون (40)ڪتابسنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِاوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سائينجي ايم سيدجو هي ڪتاب اسان جي هر قدم تي اها رهنمائي ڪري ٿو ته سنڌ هڪ الڳ ملڪ رهيو آهي، تنهنڪري سنڌ هاڻي به هڪ آزاد ملڪ جي ئي حيثيت ماڻي. هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ جو ذميواري مان پنهنجي دل گهريي دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، ليکڪ ۽ سنڌ پرستمحترمآفتاب حسين کوهاريکي سونپي هئي، جنهن پنهنجي دوست ۽ ساٿيعبدالحڪيم سميجوجي ذريعي ڪمپوزنگ ڪرائي پاڻ ئي پروف ريڊنگ وارو ڏکيو ڪم سر انجام ڏنو. پوء به جيڪڏهن ڪٿي ڪي اڻايون يا پروف جو چڪون رهجي ويون هجن ته رهنمائي ڪجو.آفتاب جون مهربانيون جو هن هڪ وڻندڙ ٽائيٽل پيج به ٺاهي موڪليو


    مشهور مفڪر، عالم دين ۽ عظيم سياستدان مولانا ابوالڪلام آزاد جو سڄو نالو محي الدين احمد-بن- خيرالدين ڪنيت ’ابوالڪلام‘ ۽ تخلص ’آزاد‘ هو. هي صديقي خاندان مان هو. سندس والد خيرالدين، مولانا محمد افضل جي ننڍي صاحبزادي محمد هاديءَ جوفرزند هو. محمد هادي مغل-بادشاهه- شاهجهان جي دور ۾ آگري ۾ سرڪاري ملازم هو.
    مولانا ابوالڪلام آزاد جو لکيل هي مضمون ”آزادي“ ان وقت لکيو ويو هو جڏهن سلطنت عثماني جي علائقي قرطاجيا ۾ ترڪ فوج اندر هئي ۽ قلعو دشمن جي قبضي ۾ اچڻ وارو هو۔ سندس هي مضمون ترڪي پهتو ۽ ترڪي ٻوليء ۾ ترجمو ڪري قلعي اندر ورهايو ويو۔ پوء اها پست حوصله فوج ٻيهر ڪيترن ڏينهن تائين وڙهي ۽ قلعو آساني سان نه ڏنو۔آزادي ۽ وطن تي هڪ بهترين مضمون آهي جنهن کي وري وري پڙهي آزادي جو مطلب سمجهڻ جهڙو آهي۔ محترم نور محمد سنڌي هن جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي، ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومرو ڪئي آهي ۽ وائيس آف سنڌ پاران اي بوڪ جي صورت ۾ انٽر نيٽ تي متعارف ڪرايل آهي۔


    سنڌ جي آزاديء لاء ڪيل لڙاين ۽ جدوجهد تي لکيل محترم عبدالواحد آريسر جي مضمونن جو ڪتاب ”سر ۾ سانجهيء وير“ سياست ۽ تاريخ تي اهم ڪتاب آهي۔ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومرو ڪئي آهي ۽ وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ ايڊيشن انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايل آهي


    دُنگي منجهه درياهه : الطاف شيخ
    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاءڊجيٽل بوڪ ايڊيشنمتعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبرستونجاهه (57) سفرنامودُنگي منجهه درياههاوهان اڳيان پيش آهي. هي سفرنامو ناليواري سفرناما نگار ۽ سنڌ سلامت جي محسن سائينالطاف شيخجو لکيل آهي.هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ خيرپور سان تعلق رکندڙ پياري دوست ۽ ادب سان چاهه رکندڙ آصف رضا نظاماڻي جي ڪاوشن جو ثمر آهي. لک ٿورا سائين الطاف شيخ صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلڻ سان گڏ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ارڙهون ڪتابهلي ڏسجي هندستان اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي سفرنامو هندستان بابت ناليواري سفرناما نگار الطاف شيخ لکيو آهي.. اسين ٿورائتا آهيون سائين الطاف شيخ جا جنهن نه فقط هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. هي سفرنامو روشني پبليڪيشن پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.
    سنڌ جي تاريخ تي صحيح نموني ڪم ڪندڙ ناليواري شخصيت پير حسام الدين راشدي جي آتم ڪٿا تي مشتمل ڪتاب هو ڏوٿي هو ڏينهن اوهان سان شيئر ڪجي ٿو. هن ڪتاب ۾ ڪيئي تاريخي ڳالهيون ۽ احوال قلمبند آهنهي ڪتاب فيسبوڪ جي گروپ آنلائين ڪتاب گهر جي دوست محمد قاسم پاران اي بوڪ جي صورت ۾ اپلوڊ ڪيو ويو آهي

    سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي سرگزشت ۽ يادن تي مشتمل ڪتابڪٿي نه ڀڃبو ٿَڪ مسافراوهان اڳيان پيش آهي۔ اميد ته دوستن کي پسند ايندو۔هي ڪتاب آنلائين ڪتاب گهر پاران اي بوڪ جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي آندو ويو آهي۔
    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو 24 هون ڪتاب منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي هڪ تمام وڏي عالم ، تعليمي ماهر ۽ اديب شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽا جي يادگيرين تي لکيل آتم ڪهاڻي آهي۔ سنڌ جي هن مهان شخصيت جي محنت، ذهانت ۽ ڪاوشن کي پڙهي پاڻ ۾ حوصلو پيدا ٿو ٿئي۔ مان سڀني دوستن خاص ڪري شاگردن کي هي آتم ڪٿا پڙهڻ جي اپيل ڪيان ٿو۔
    اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي


    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو اٺٽيهون (38) ڪتاب سنڌ جو املهه هيرو اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي مهان هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب بابت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي جنهن جو سهيڙيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب آهي.اسين ٿورائتا آهيون ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فرزند محترم نادر علي ابڙو صاحب جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.



    سنڌ ۽ هند جون ٻاراڻيون ڪهاڻيون
    انٽر نيٽ تي ٻارن لاء وائيس آف سنڌ پاران هڪ ٻيو ڪتاب سنڌ ۽ هند جون ٻاراڻيون ڪهاڻيون پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن جو مرتب محمد علي ماجد آهي۔ هن ڪتاب جي اي بوڪ ڪمپوزنگ محترم عبدالجبار شيخ (سکر) ڪئي آهي۔ هن ڪتاب ۾ ادل سومرو ، ج ع منگهاڻي سميت مختلف ليکڪن جون اٺ چونڊ ڪهاڻيون شامل آهن۔



    مشهور ڪهاڻيڪاره ۽ ڊراما نگار نور الهدا شاهه جي ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب رڻ ۽ رُڃ جو اتهاس اوهان اڳيان پيش آهي۔ هي ڪتاب روشني پبليڪيشن پاران ڇپايل آهي۔
    ٿورائتا آهيون ڀاء محمد قاسم جا جنهن هي ڪتاب فيسبوڪ جي گروپ سنڌي ڪتاب گهر ۾ اي بوڪ طور پيش ڪيو



    مشهور ڪهاڻيڪاره ۽ ڊراما نگار نور الهدا شاهه جي ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب جلا وطن اوهان اڳيان پيش آهي۔ هي ڪتاب روشني پبليڪيشن پاران ڇپايل آهي۔ٿورائتا آهيون ڀاء محمد قاسم جا جنهن هي ڪتاب فيسبوڪ جي گروپ سنڌي ڪتاب گهر ۾ اي بوڪ طور پيش ڪيو۔​
    علي بابا جو نالو سنڌي ڪهاڻي ۽ سنڌي ڊرامن جي حوالي سان الڳ سڃاڻ رکي ٿو۔ سندس چونڊ ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب منهنجيون ڪهاڻيون اوهان اڳيان پيش آهي۔ هي ڪتاب روشني پبليڪيشن پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي۔
    ٿورائتا آهيون ڀاء محمد قاسم جا جنهن هي ڪتاب فيسبوڪ جي گروپ سنڌي ڪتاب گهر ۾ اي بوڪ طور پيش ڪيو۔


    رشتن جو رقص ( ريٽا شهاڻي )
    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جوپندرهون ڪتاب رشتن جو رقص اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب هندستان جي برک سنڌي ليکڪاريٽا ڪهاڻين تي مشتمل آهي.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسرمحترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.ريٽا شهاڻيءَ انڊيا ۾ سنڌيءَ جي برک ليکڪا آهي، سندس ڪيترا ئي ڪتاب هند ۽ سنڌ ۾ ڇپيا آهن، جن ۾ هڪ سندس يادگيرين (Memories) جو ڪتاب ”سڄاڻ جون سمرتيون“ آهي،

    گل حسن ڪلمتي سنڌ جي انهن ليکڪن مان آهي جن ڪراچي جي تاريخ کي دستاويزي انداز سان سهيڙيو آهي۔ سندس تاريخي ڪتابڪراچي سنڌ جي مارئيانهن ڪتابن مان آهي جنهن ۾ ڪراچي جي اوائلي تاريخ، جاين، ڪردارن ۽ ماڳن بابت ڄاڻ ڏنل آهي۔888 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن ڪاڇو پبليڪيشن پاران2007۾ ڇپايو ويو۔ هي تاريخي ڪتاب اوهان سڄڻن سان محترم محمد قاسم جي مهربانين سان پيش ڪري رهيا آهيون۔

    فطرت ، حسن ۽ زندگيء جي نفاستن بابت روح کي تراوت بخشيندر تصويرڪشيون، خوبصورت دعائون ۽ لاجواب نثري ٽڪرا ملائي شيخ اياز جو ڪتاب ”شاعريء جو سجدو“ ڇاپيو ويو آهي۔اي خدا !تون مونکي ايتري مهلت ڏيندين ته منهنجي شاعري توکي هڪڙو سجدو ڪري وٺي۔هي ڪتاب نور احمد ميمڻ سهيڙيو آهي ۽ اِي بوڪ ڪمپوزنگ مير آفتاب ٽالپر صاحب جن ڪئي اهي ۽ پروف ريڊنگ شاهنواز سومرو جن ڪري وائيس آف سنڌ پاران انٽرنيٽ تي آندو آهي۔

    سنڌ جي مهان شاعرشيخ ايازجي شاعريءَ تي مشتمل ڪتابڪونجون ڪرڪن روح تياوهان اڳيان پيش آهي۔ اميد ته دوستن کي پسند ايندو۔هي ڪتاب آنلائين ڪتاب گهر پاران اي بوڪ جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي آندو ويو آهي۔
    سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف رحمته الله عليه جن جي شاعري جو مڪمل اليڪٽرانڪ ايڊيشن اوهان جي خدمت ۾ پيش آهي هي رسالو جناب عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن جي محنتن جو نتيجو آهي پرفيسر ڪلياڻ آڏواڻي جي مرتب ڪيل شاهه جو رسالو تان مرتب ڪيو آهي ، ماجد ڀرڳڙي صاحب جن هي عظيم ڪم آمريڪا مان ويهي سرانجام ڏنو هو، اميد ته سنڌ سلامت جيلاهي انمول ونڊ لاڀائتي ثابت ٿيندي۔
    استاد بخاري جي شاعري خاص ڪري سندس قطعا هن ڪتاب ”بخاريء جا قطعا“ ۾ شامل آهن۔ مجازي عشق جي بهترين شاعريء سان گڏ قومي شاعريء ۾ به استاد جو هڪ پنهنجو نرالو انداز آهي۔
    جي جهنگ ڪندو تنگ ته ساڙي اچبو،
    هوندو جي بيابان ته لتاڙي اچبو،
    او منزلِ مقصود ، هي واعدو آهي
    آيو جي اڳيان اُڀ ته به ڦاڙي اچبو
    هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ محترمه شبانه ٽالپر ڪئي آهي ۽ وائيس آف سنڌ پاران اي بوڪ جي صورت ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي۔


    استاد بخاريء جي شاعريء جو ڪتاب ”هي گجرا هي گولا“ سندس نج سنڌي ٻولي ۽ آسان لفظن جي استعمال ڪري وڻندڙ آهي جنهن ۾ نظم ۽ ٽسٽا شامل آهن۔ هن ڪتاب ۾ آيل سندس ڪلام پهريان ڪڏهن به ڪٿي ڪونه ڇپيو هو۔​
    ”بخاري، غير حاضر ٿو رهين يارن جي محفل ۾“
    اهو ڇوٿا هڻو ايڏو وڏو الزام ۽ منهن تي
    اوهان ويٺا ته آهيو دوست منهنجي ديد ۾ دل ۾
    هن ڪتاب جي اي بوڪ ڪمپوزنگ محترم آفتاب احمد ٽالپر ڪئي آهي ۽ وائيس آف سنڌ پاران انٽر نيٽ تي متعارف ڪيو ويو آهي۔​
    وليون وڻ ڦلارئا - (ادل سومرو)
    ڊاڪٽر عبدالڪريم (ادل سومرو) جي خوبصورت شاعريء جو هي ڪتاب ” وليون وڻ ڦلارئا “ سندس چونڊ شاعريء تي مشتمل آهي۔ ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم عبداللطيف انصاريء جي ڪاوشن جو نتيجو آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت سٽي سکر پاران اِي بوڪ ايڊيشن انٽرنيٽ تي متعارف ڪيل آهي۔

    استاد بخاريء جي شاعريء جو هي ڪتاب ”ڪاري ڪڪر هيٺ“ سنڌ جو سُر ڪيڏارو آهي۔ جنهن ۾ سنڌ جي لاء ٿيندڙ جدوجهد ، سورمن ۽ شهيدن کي ڳايو اٿس۔ هي ڪيڏارو سنڌ جي ماض، حال ۽ مستقبل جو سنگم آهي۔
    رتو ڇاڻ وهانء، ڪرفيو، ڪاڄ شهر جو،
    ڪهڙا کڻان نانء، سڀئي قاتل سنڌ جا۔
    ڪتاب جي اِي بوڪ ڪمپوزنگ محترم اشفاق احمد ٽالپر جي ڪيل آهي ۽ وائيس آف سنڌجي ويب سائيٽ تان متعارف ڪرايل آهي۔
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ادا ممتاز قيمتي ونڊ، ڪهڙا ڏينهن ياد ڪرائي ڇڏيئي، واھ واھ۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    بيشڪ هي سنڌ سلامت سٿ جون عظيم محنتون آهن جيڪي سدا قائم رهنديون ، سلام انهن قومي هيرن کي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سائين توهان جون مهربانيون ۽ قرب
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي اِي بوڪ جي اهميت کان شايد اسان جا ادارا ۽ ليکڪ اڃان ايترو گهڻو واقف ناهن يا ان جي اهميت سمجهي ناهن سگهيا۔ اهوئي سبب آهي جو بار بار عرض ڪرڻ باوجود به اداران پاران سافٽ ڪاپيون نه ٿيون ملن۔ اڄوڪي دور ۾ ڪتابن کي سنڀالڻ يا انهن کي گڏ کڻي هلڻ هڪ ڏکيو ڪم ٿي ويو آهي۔ مان جڏهن ڪنهن پروگرام مان موٽندو آهيان ته اڪثر هڪ يا ٻه ڪتاب ۽ ڪجهه نوان رسالا وٺيو ايندو آهيان ۽ پوء گهروارن جون ڳالهيون به ٻڌبيون آهن ته هاڻي اهي وري ڪٿي رکجن ۔۔۔۔ ان جي مقابلي ۾ اي بوڪ جا هزارين ڪتاب اوهان نيٽ تي يا ننڍڙي يو ايس بي ۾ کڻي سگهو ٿا ۽ دنيا مان ڪٿان به انهن تي ايڪسس ڪري سگهجي ٿي۔

    ماجد ڀرڳڙي صاحب جا ڪروڙين قرب آهن جنهن سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر تي آڻي آسانيون پيدا ڪيون۔ سنڌ سلامت جي ٽيم انهن ادارن، دوستن، ليکڪن ۽ ويب سائيٽ هلائيندڙن جي ٿورائتي آهي جيڪي اسان تي اعتماد ڪندي پنهنجا ڪتاب موڪلين ٿا۔ انهن دوستن جو به ٿورائتو آهيان جيڪي ڪتاب سهيڙڻ، ڪمپوزنگ ۽ ايڊيڻگ کان ٽائيٽل پيج ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا رهن ٿا۔

    اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌي ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو آنلائين مهيا ڪري سگهون۔ مان ٿورائتو آهيان آنلائين ڪتاب گهر جي محمد قاسم، سائين الطاف شيخ، سکر جي سائين اي جي شيخ، ڪنول پبليڪيشن جي سعيد سومري، سنڌي سنگت جي محترمه آشا چاند، سنڌيڪا جي فضل الرحمان ميمڻ، خيرپور جي آصف رضا نظاماڻي، سجاول جي سارنگ حبيب چانڊيو، ڪوٽڙي جي آفتاب کوهارو، سائين رياضت ٻرڙي، ڪنول پبليڪيشن جي سعيد سومري، عباس ڪوريجي، سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي، وائيس آف سنڌ جي ساٿين جو جن ڪتاب فراهم ڪرڻ ۾ خوب مدد ڪئي آهي۔ مان سنڌ سلامت جي دوستن جو به ٿورائتو آهيان جن ڪتاب ڪمپوز ڪرڻ ۾ ساٿ ڏنو آهي۔ لک قرب درويش، ابو واصف ۽ آفتاب کوهاري جا جيڪي ٽائيٽل ٺاهڻ ۾ مدد ڪن ٿا۔

    انشاء الله اسان ڪاميابي ماڻينداسين ۽ سنڌي ڪتابن جو هڪ وڏو تعداد انٽرنيٽ تي موجود هوندو۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ان شا الله، سلام دوستن جي محنت کي سلام۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مضمون کي پسند ڪرڻ لاء تمام دوستن جي مهرباني۔

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر شيلف ۾ هاڻي ڪتابن جو وڏو تعداد موجود آهي. دوستن کي گهرجي ته ان مان لاڀ حاصل ڪن ۽ هي ڄاڻ ٻين تائين پڻ پهچائن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو