تنهنجون يادون ........... (نامياري راڳي غلام علي سنديلي جي وفات موقعي تي لکيل)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ آصف رضا نظاماڻي طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2014۔

  1. آصف رضا نظاماڻي

    آصف رضا نظاماڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2013
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Khairpur Mirs, Sindh, Pakistan
    تنهنجون يادون ...........

    عبدالغفور سومرو


    جڏهن به ڪنهن سچن سُرن واري صحيح فنڪار جي پرکَ ڪرڻي هجي ته ان ۾ چار خوبيون ڏسڻ گهرجن. سندس آواز خوبصورت هجي، لئه تار جو پڪو ۽ پختو هجي، چهري تي موسيقيت واري مُرڪَ هئڻ گهرجيس ۽ سڀ کان وڌيڪَ ۽ اَهم ڳالهه ته، اهو ڏسجي ته سندس استاد ڪهڙو آ هي؟. اهي چارئي وصفون جنهن ۾ نظر اچن ته پڪ سان سمجھو ته اهو سچو فنڪار آهي. مونکي پنهنجي همعصر فنڪار دوستن مان جي ڪنهن ۾ اهڙيون خوبيون نظر آيون آهن ته انهن ۾ غلام علي سنديلو به شامل آهي ۽ مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين ۽ ڳڻن سان گڏوگڏ الله سائين خوبصورت چهرو به عطا ڪري ته پوءِ ته سبحان الله ۽ قدرت اها مهرباني به غلام عليءَ تي ڪئي هئي. سرمئي چهري سان گڏوگڏ هن جي اکين جا ڪيئي گهايل هُئا. هن جي ڳائڻ محلَ پيشاني ۽ چپن ۽ موسيقي واري مرڪ جڏهن ميلاپ ڪنديون هيون ته ٻڌندڙ بيساخته ٿي لطيف جي لفظن ۾ چوندا هئا:

    وٺ سر ٿيءُ سرهو، مڪي آءُ مَ ڳاءِ

    جا جڪ تو مٿاءِ، ملڪ مڙوئي گهوريو


    مون سندس بئنجو وڄائڻ ۽ ڳائڻ جي تعريف 1976ع ڌاران جيڪب آباد ۾ برڪت علي ۽ فيروز گل بئنجواز کان ٻڌي هئي ٿوري ئي عرصي کان پوءِ ساڻس ملاقات درگاهه ماڙي شريف سائين حاجن شاهه جي ماههِ پهرين جمع رات تي شڪارپور کان ٽانگي ۾ سفر ڪندي ٿي هئي. هن کي لالا اشرف خان پٺاڻ ڳڙهي ياسين وارو وٺيو ٿي ويو، ۽ مونکي محمد رمضان چنو ورتو پئي ويو. ان محفل ۾ غلام عليءَ اهڙو پڪو ۽ پختو ڳايو جو سائين حاجن شاهه پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتل گلن جا هارَ لاهي فقير هٿان غلام علي جي ڳچيءَ ۾ وجھڻ لاءِ اُماڻيا. سڄي محفل نعرن ۽ تاڙين سان گونجي پئي. اهڙو انعام ۽ اعزاز سائين جن سڄي محفل جي فاتح فنڪار کي بخشيندا هُئا. سو يقينن هيءَ محفل ته غلام علي ئي کٽي ويو هيو. ۽ ايمانداريءَ جي به اها ڳالهه آهي ته مون سميت کوڙ سارا ٻيا به فنڪار محفل ۾ تر جيترو به رنگ هن جي مقابلي ۾ نه ڀري سگهيا هاسين. ان صدمي ۽ جيلسيءَ مونکي هڪ ته غلام عليءَ سان ياري رکرائي ۽ ٻيو رياض ۽ محنت ڪرڻَ جو جنوني جذبو پيدا ڪيو. ان کانپوءِ اسان جي دوستيءَ جو سلسلو شروع ٿيو کوڙ سارين محفلن ۾ اڳيان پويان ڳائڻ ۽ گڏ ڪٺي ڳائڻ جا موقعا پڻ مليا. هو اسان راڳين تنظيم ”آسا“ جو وائيس چيئرمين به رهيو. تقريبن ويهارو سال اڳ ٽنڊو ڄام لڳ ڳوٺ موسيٰ کٽياڻ ۾ محمد فقير کٽياڻ جي ميلي تي جيڪو صفر مهيني جي 7، 8 ۽ 9 تاريخَ تي لڳندو هو. هتي ڏينهن جو راڳ رنگ پڻ ٿيندو هو. نامور ڪلاڪارَ ۽ وڄتا گڏ ٿيندا هُئا. ميلي جي پڄاڻي تي گادي نشين فقير دوست علي سائين ۽ ساٿي فقراهه مهمانن کي لڙڪن ۽ سڏڪن جي ڀيٽا ڏيئي موڪلائيندا هُئا. ان سال مونکي، غلام علي ۽ شمن علي ميراليءَ کي ترسايو ويو هيو. ياد رهي ته فقير سائين جن اها آخري محفل مڌڀري رات ڪري ملهائيندا هُئا. خاص راڳ جا ڄاڻو ماڻهو شرڪت ڪندا هئا. ان شامَ جي سج زمين ۾ ٽٻي هئين هئي. رات پنهنجي ڪاري سيني تي ستارن جو ڄار پئي وڇايو ڏهين سفر جو منو چنڊ ستارن جي روشنيءَ کي جھڪو ڪري فقير سائينءَ جي صحن ۾ نور برسائي رهيو هو. صوفين جي پيالن تي بليڪ ليبل جون بوتلون ائين جھڪي آيون هيون جيئن محبوبَ جي پيشاني ۽ پيرن تي سچن عاشقن جا ڪنڌَ جھڪي ايندا آهن. لطيفي وائين، هم اوست جي سر مست شاعرن جي ڪافين، جديد شاعرن جي رومانوي غزلن ۽ گيتن، سر ۽ تار جي جگل بندين، ٻڌندڙن جي اکين ۽ روحن کي آسماني سيرَ پئي ڪرايا. آخر ۾ اسان ٽنهين فنڪار درويشن کي راڻو گڏ ڳائڻ لاءِ فقير صدا هئين ۽ سچ پچ ۽ اهو راڻو اهڙو خوبصورت ۽ يادگار ٿيو جو ان محفل کي ٻڌندڙن به تمام گهڻو ساراهيو ۽ اسين ٽئي جڏهن به ملندا هئاسين. ۽ يادگار لمحن جو ڪو ذڪر نڪرندو هيو ته ان محفل کي به ضرور ياد ڪندا هئاسين.

    هو هن دنيا مان هليو ويو آهي، پر هن جون يادون اسان ۽ توهان سڀني لاءِ مقدس ۽ ساههَ ۾ سانڍڻ جهڙيون تاريخ ساز آهن. هن جي يادن جي حوالي سان مونکي سيد سراج جي غزلَ جا ڪجهه شعرَ ڏاڍا ياد ٿا اچن.


    درد، تصويرون ۽ ڪجهه سامان آ

    عاشقي! تنهنجو وڏو احسان آ


    تو پکيءَ جيئن او سڄڻ! اڏري وئين

    ڳوٺ آکيري جيئن ويران آ


    ڄڻ ته موهن جو دڙو آ من ”سراج!“

    تنهنجون يادون ڪو لڌل سامان آ
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غلام علي سنديلو سنڌ جو سريلو راڳي هيو ...

    سائين عبدالغفور سندس يادن جا ورق ورائي سندس ياد ڏياري ڇڏي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو