اُٺ ۽ شاگرد

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ شاهجهان ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2014۔

  1. شاهجهان ملڪاڻي

    شاهجهان ملڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2011
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هڪ شاگرد علم مضمون ۾ فيل ٿيو اسڪول جي هيڊ ماستر مضمون نويسي جي استاد کي آفس ۾ گهرائي پڇا ڪئي ته آخر ايتري آسان مضمون ۾ فيل ٿيڻ جو سبب ڇا آهي؟

    استاد جواب ڏنو ته هي شاگرد هميشه اصل مضمون تان توجه هٽائي پنهنجي ٺاهيل مضمون طرف ويندو آهي تنهنڪري مجبورن فيل ڪرڻو پيو

    هيڊ ماستر استاد کي چيو ٺيڪ آهي ڪوئي مثال ته ڏي جيئن مونکي به خبر پوي ته توهان جي ڳاله صحيح آهي.
    ااستاد ٻڌايو، مون هن کي موسم بهار تي مضمون لکڻ لا ڏنو هن لکيو؛ موسم بهار سال جو خوبصورت ترين موسم آهي، هر طرف سرسبز ۽ هريالي نظر ايندي آهي. وڻن ۾ ساوڪ اچڻ تي اُٺن کي چارڻ تمام آسان ٿي پوندو آهي

    اُٺ خشڪي ۾ رهندڙ جانور آهي ۽ بک ۽ اُڄ کي صبر سان برداشت ڪندو آهي . ان جي پيرن جي بناوت ريت(واري) تي هلڻ لاء سٺي هوندي آهي. ان لاء ته هن کي ريگستان جو بادشاه چوندا آهن،

    بدو اُٺ کي نهايت پيار ۽ محبت سان پالين ٿا.اٺ نه صرف کير ۽ گوشت کي حاصل ڪرڻ لاء پاليو ويندو آهي بلڪ ان جي ذريعي مختلف سامان هڪ جڳه تان ٻي جڳه تي پهچائڻ لاءِ سواري طور به ڪم آندو ويندو آهي.

    اُٺ هڪ پالتو جانور آهي ۽..................................................................ان طرح هن شاگرد اصل عنوان کي وساري سڄي توانائي اٺ جي غزل سرائي تي خرچ ڪئي.

    هيڊ ماستر صاحب استاد کي چيو آئون ائين ڪون ٿو سمجهان اصل ۾ توهان عنوان ئي اهڙو ڏنو موسم بهار جي سرسبزي ۽ شادابي جو تعلق زاعت ۽ جانورن جي پالڻ وغيره سان ٿئي ٿو.

    ٿي سگھي ٿو هي شاگرد ان مشابهت جي ڪري اصل مضمون کي وساري ٻي طرف هليو ويو.

    استاد چيو آئون ائين نه ٿو سمجهان، هڪ دفعو مون هن کي جاپان جي مصنوعات ۽ ٽيڪنالوجي تي مضون لکڻ لاء ڏنو.

    هن ڪجه هن طرح لکيو، جاپان هڪ ترقي يافته ملڪ آهي جيڪو خاص طور تي پنهنجي مصنوعات ۽ خاص طور تي ڪارن جي مصنوعات جي ڪري پوري دنيا ۾ مشهور آهي. ڪارون پوري دنيا ۾ انسان جي صفر لاء استعمال ڪيون وينديون آهن

    پر بدو پنهنجي آمدرفت جي وسائل لاء اُٺ کي ئي استعال ڪندا آهن

    اُٺ خشڪي ۾ رهندڙ جانور آهي ۽ بک ۽ اُڄ کي صبر سان برداشت ڪندو آهي . ان جي پيرن جي بناوت ريت(واري) تي هلڻ لاء سٺي هوندي اهي. ان لاء ته هن کي ريگستان جو بادشاه چوندا آهن،

    بدو اُٺ کي نهايت پيار ۽ محبت سان پالين ٿا.اُٺ نه صرف کير ۽ گوشت کي حاصل ڪرڻ لاء پاليو ويندو آهي بلڪ ان جي ذريعي مختلف سامان هڪ جڳه تان ٻي جڳه تي پهچائڻ لاء سواري طور به ڪم آندو ويندو آهي.

    اُٺ هڪ پالتو جانور آهي ۽..................................................................

    هيڊ ماستر استاد کان پڇا ڪئي ڇا توهان وٽ هن ٻن مثالن کان سواء ڪي ٻيا مثال آهن؟

    استاد جواب ڏنو جي ها جناب توهان هن کي ڪنهن به عنوان تي مضمون لکڻ لاء ڏيو هي هڪ ٻه سٽون ان مضمون تي لکي باقي سڄو مضمون اٺ جي تعريف تي لکندو.

    هڪ دفعو مون هن کي هڪ اهڙو عنوان ڏنو جنهن سان هن جو ڌيان اٺ طرف وڄي ئي نٿي سگھيو پر هن ته ڪمال ڪري ڏيکاريو ، مون هن کي دور حاضر جي بهترين ايجاد ڪمپيوٽر تي مضمون لکڻ لاء ڏنو ته هن ڪجه هن طرح لکيو

    ڪمپيوٽر دورِ حاضر جي مفيد ترين ايجاد آهي شهرن ۾ هن کان سواء زندگي جو تصور به ڏکيو ٿيو وڄي پر بدون وٽ ڪمپيوٽر ڪٿان اچي،انهن وٽ ته اُٺ هوندا آهن، اُٺ خشڪي ۾ رهندڙ جانور آهي ۽ بک ۽ اُڄ کي صبر سان برداشت ڪندو آهي . ان جي پيرن جي بناوت ريت(واري) تي هلڻ لاء سٺي هوندي اهي. ان لاء ته هن کي ريگستان جو بادشاه چوندا آهن،

    بدو اُٺ کي نهايت پيار ۽ محبت سان پالين ٿا.اٺ نه صرف کير ۽ گوشت کي حاصل ڪرڻ لاء پاليو ويندو آهي بلڪ ان جي ذريعي مختلف سامان هڪ جڳه تان ٻي جڳه تي پهچائڻ لاء سواري طور به ڪم آندو ويندو آهي.

    اُٺ هڪ پالتو جانور آهي ۽..................................................................

    هيڊ ماستر استاد کي چيو توهان هن کي حق تي فيل ڪيو آهي .پر شاگرد کي پنهنجي فيل ٿيڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ان وزير تعليم کي خط لکيو.

    جناب وزير تعليم صاحب السلام عليڪم ورحته الله وبرڪته آئون توهان جناب جي علم ۾ مون سان ٿيل ظلم جي باري ۾ ٻڌائڻ چاهيان ٿو ائون پنهنجي ڪلاس جي ذهين شاگردن مان هڪ آهيان پوء به مونکي فيل ڪيو ويو آهي،جنهن تي منهنجو صبر اٺ جي صبر جهڙو آهي چو ته ، اُٺ خشڪي ۾ رهندڙ جانور آهي ۽ بک ۽ اُڄ کي صبر سان برداشت ڪندو آهي . ان جي پيرن جي بناوت ريت(واري) تي هلڻ لاء سٺي هوندي اهي. ان لاء ته هن کي ريگستان جو بادشاه چوندا آهن،

    بدو اُٺ کي نهايت پيار ۽ محبت سان پالين ٿا.اٺ نه صرف کير ۽ گوشت کي حاصل ڪرڻ لاء پاليو ويندو آهي بلڪ ان جي ذريعي مختلف سامان هڪ جڳه تان ٻي جڳه تي پهچائڻ لاء سواري طور به ڪم آندو ويندو آهي. اُٺ هڪ پالتو جانور آهي ۽..................................................................
     
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    هاهاهاههاهاهاههاهاهاههاهاهاههاهاهاهههاهاه


    ابول.....واهه جو مضمون ونڊ ڪيو اٿو...پر مان سمجهان ٿو ته ڏوهه استاد جو به آهي جيڪڏهن شاگرد اهڙي ماحول منجهه پليو آهي ته استاد ان جي تربيت ڪري ٿي سگهيو پر استاد به لڪير جو فقير بڻجي ان شاگرد جي نالائقي کي سڌاري ڪين سگهيو...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مھتاب احمد

    مھتاب احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2016
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    363
    ادا صبح صبح دل خوش ڪري ڇڏيوَ. مان سنڌي وڪيپيڊيا تي اٺ جو مضمونن ڪٿا ڪاپي پيسٽ ڪري ٺاھيو ھو، ۽ ان کي گوگل سرچ ۾ ڏسڻ پيو چاھيان پر ٻہ ٽي ورق چورڻ کان بعد بہ سرچ ۾ مضمون نظر نہ آيو نيٺ توھان جي ھن مضمون تي پھتس. عجيب اتفاق آھي. سدا خوش رھو.
     
    اياز علي لغاري ۽ شبير ساگر هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو