انٽرنيٽ تي وڏيون فائلز ڪيئن موڪلجن؟

'ويب سائيٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏19 سيپٽمبر 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جيڪڏهن توهان ڪا وڏي فائيل انٽرنيٽ تي ڪنهن ڏانهن موڪلڻ چاهيندا هجو ته ان لاءِ عام طور ٻه طريقا ٿيندا آهن..
    • يا ته توهان فائيل اي ميل پيغام سان ڳنڍي موڪليو
    • يا وري جيڪڏهن فائيل وڌيڪ وڏي آهي ۽ اي ميل ۾ ڳنڍجي نه ٿي سگهي ته ان کي ڪنهن هوسٽنگ سرورس ڏيندڙ ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪري ان جو لنڪ وصول ڪندڙ دوست سان ونڊ ڪيو
    هتي اهڙيون سهولتون ڏيندڙ ويب سائيٽس جا تفصيل ڏجن ٿا..
        • ويب ميل سروسز جهڙوڪ جي ميل ۽ آئوٽ لوڪ توهان کي 25 ايم بي جي فائيل اي ميل پيغام ۾ ڳنڍي موڪلڻ جي سهولت ڏين ٿا. پر جيڪڏهن ان ئي طريقي سان توهان وڌيڪ سائيز جي فائيلز کي موڪلڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي فائيلز کي 25 ايم جي ٽڪڙن ۾ ڪري الڳ الڳ اي ميل پيغام سان ڳنڍي موڪليو..
    [​IMG]

    [​IMG]

    فائيلز کي ٽڪڙن ۾ ڪرڻ لاءِ HJ-Split يوٽيليٽي بهترين ۽ استعمال ۾ آسان آهي.. اي ميل وصول ڪندڙ فائيلز جي ٽڪڙن کي ٻيهر ڳنڍي مڪمل اوريجنل فائيل حاصل ڪري سگهي ٿو.
    [​IMG]

        • توهان آن لائين اسٽوريج سروسز جهڙوڪ ڊراپ باڪس، گوگل ڊرائيو يا وري ون ڊرائيو ذريعي وڏيون فائيلز موڪلي سگهو ٿا.. مائڪروسافٽ وارن جي ون ڊرائيو توهان کي 2 جي بي جي هڪ ئي فائيل جڏهن ته گوگل ڊرائيو هڪ ٽي بي (1000 جي بي) جي سائيز واري هڪ فائيل کي اپلوڊ ڪرڻ جي سهولت ڏئي ٿي.. پر جيڪڏهن اڃان ڪا وڏي سائيز رکندڙ فائيل توهان اپلوڊ ڪرڻ گهرو ته اها سهولت ڊراپ باڪس (ڊيسڪٽاپ ايپليڪيشن) مان حاصل ڪري سگهجي ٿي جيڪا اپلوڊ ڪرڻ جي لامحدود سهولت ڏئي ٿي..
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

        • وي ٽرانسفر نالي مفت ويب ايپ توهان کي 2 جي بي تائين جي فائيل برائوزر ۾ رهندي ڪري اپلوڊ ڪرڻ جي سهولت ڏئي ٿي.. ان لاءِ توهان کي ويب سائيٽ تي رجسٽر ٿيڻ جي به ضرورت ناهي.. بس رڳو وصول ڪندڙ جي اي ميل ايڊريس گهربل هوندي آهي.. پر ياد رهي ته اپلوڊ ڪيل فائيل رڳو 7 ڏينهن لاءِ موجود رهندي..
    [​IMG]

        • مٿي ٻڌايل سمورا آپشنس ۾ هڪ ئي ڳالهه سمجهائي وئي ته توهان وڏي سائيز رکندڙ فائلز کي ڪهڙي طرح اپلوڊ ڪندو جو فائل وصول ڪندڙ توهان جو دوست اپلوڊ ڪيل لنڪ تان فائل ڊائونلوڊ ڪري سگهي.. پر جيڪڏهن توهان چاهيو ته توهان پنهنجي فائيل ڪاٿي اپلوڊ ڪرڻ بجاءِ سڌو سئون پنهنجي دوست کي موڪليو ته ان لاءِ جسٽ بيم اٽ بهترين آپشن آهي.. جيڪو فائل منتقل ڪرڻ لاءِ پيئر ٽو پيئر (توهان جي ڪمپيوٽر ۽ وصول ڪندڙ جي ڪمپيوٽر ۾ سڌو سئون فائل جي منتقلي) طريقو استعمال ڪندو آهي.. ان لاءِ توهان رڳو فائيل ڊريگ ڪري جسٽ بيم اٽ جي ويب سائيٽ تي اڇلايو جيڪا توهان کي بغير ڪو لمحو ضايع ڪندي هڪ لنڪ ٺاهي ڏيندي.. جنهن تي جڏهن ڪو ڪلڪ ڪندو ته فائل سڌو سئون توهان جي ڪمپيوٽر تان ڊائونلوڊ ٿيڻ شروع ٿيندي..
    [​IMG]

        • انفنٽ هڪ وڌيڪ بهترين ڊيسڪٽاپ ايپليڪيشن آهي جيڪا پڻ پيئر ٽو پيئر طريقو استعمال ڪندي ڪنهن به سائيز جي فائيل جي ورچوئلي منتقل ڪندي آهي.. ان لاءِ رڳو ڪرڻو اهو پوندو آهي ته فائل کي ايپليڪيشن تي ڊريگ ڪري ڇڏيو وصول ڪندڙ کي پنهنجي رابطن مان چونڊيو ۽ فائيل کي منتقل ڪرڻ شروع ڪريو.. وصول ڪندڙ جيئن ئي ايندڙ فائل کي قبول ڪندو فائيل منتقل ٿيڻ شروع ٿيندي.. انفنٽ ٻنهي ونڊوز ۽ ميڪ آپريٽنگ سسٽم لاءِ موجود آهي.. ۽ يقينن وڏيون ۽ نينڍيون فائيلز منتقل ڪرڻ جو آسان طريقو آهي.. هن جي اضافي خاصيت اها آهي ته هي ڊائونلوڊ دوران رزيوم جي سهولت پڻ ڏئي ٿي.. جيڪو عمل تڏهن انتهائي فائديمند ٿي سگهي ٿو جڏهن ڪا وڏي فائيل ڊائونلوڊ ڪندي توهان جو انٽرنيٽ ڪنيڪشن بريڪ ٿي وڃي يا لائيٽ هلي وڃي.. توهان جڏهن به چاهيو ڊائونلوڊ کي ٻيهر اتان ئي جاري ڪري سگهو ٿا جتان ڊائونلوڊ ٿيڻ رڪيو هو.. ان کانسواءِ جيڪڏهن توهان وٽ لوڪل ايريا نيٽ ورڪ جڙيل آهي ته هڪ ڪمپيوٽر کان ٻئي ڪمپيوٽر ۾ فائيلز کي تيزي سان منتقل ڪرڻ پڻ هن جي اهم خاصيتن ۾ شامل آهي..
    [​IMG]

        • مشهور اسڪائيپ ايپليڪيشن ذريعي پڻ ڊاڪومينٽس، فوٽوز، وڊيوز ۽ ٻين وڏين فائيلز کي پنهنجي اسڪائيپ رابطن ۾ موجود ساٿين ڏانهن آساني سان منتقل ڪري سگهجي ٿو .. ان لاءِ بس رڳو چيٽ سيشن شروع ڪريو يا وري آڊيو وڊيو ڪال جي شروعات ڪريو ۽ فائيل آپشن چونڊيندي منتقلي جي شروعات ڪريو.. اسڪائيپ توهان کي فائيلز جي سائيز لمٽ ۾ قيد نه ٿي رکي توهان هر سائيز جي فائيل کي سندس پيئر ٽو پيئر طريقي تحت منتقل ڪري سگهو ٿا.. ۽ جيئن ته ان منتقلي دوران ڪو سرور شامل نه هوندو آهي ان ڪري فائيل منتقل ٿيڻ جي رفتار پڻ خاصي هوندي آهي..
    [​IMG]


    مٿي ڏسيل سمورن طريقن ۽ ويب سائيٽس + ايپليڪيشنس جي خوبين کي هڪ مختصر ٽيبل نما سمري ۾ پيش ڪريان ٿو ته جيئن ساٿي اڃان وڌيڪ آساني سان سمجهي سگهن.. :)
    سروسفائل سائيز پليٽ فارمخاصيت
    DropBox لامحدود ويب / ڊيسڪٽاپ ڪهڙي به سائيز جي فائيل ڊراپ باڪس ڊيسڪٽاپ ذريعي موڪلي سگهجي ٿي۔
    Google Drive هڪ ٽي بي ويب / ڊيسڪٽاپجي ميل ۽ گوگل ايپس سان ڳانڍاپو۔
    OneDriveٻه جي بي ويب / ڊيسڪٽاپ مائڪروسافٽ آئوٽ لوڪ سان ڳانڍاپو۔
    WeTransferٻه جي بيويب بغير لاگ ان يا سائن اپ ٿيڻ جي فائلز اپلوڊ ڪريو ۽ موڪليو۔
    Infinitلامحدودڊيسڪٽاپونڊوز ۽ ميڪ لاءِ پيئر ٽو پييئر موجودگي۔
    JustBeamItلامحدود ويب برائوزر ۾ پيئر ٽو پيئر موجودگي۔
    Gmail / Outlook25 ايم بيويب سڀ کان سادو ۽ سولو طريقو۔
    Skypeلامحدود ڊيسڪٽاپ ڊيسڪٽاپ تان پيئر ٽو پيئر ذريعي فائل موڪلڻ.


    اميد ته ساٿين لاءِ هي مفصل موضوع لاڀائتو ٿيندو.. :)
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    لاجواب ونڊ.
    اڃا ادا سليمان وساڻ چوي ٿو ته واڍڪو ڪم ڇڏي، ڊاڪٽري ڪريو :) ههڙا مفيد مشورا صرف واڍو ئي ڏئي سگهي ٿو، ڊاڪٽرن جي جا ناهي. ;):)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    بهترين معلومات. ڪُجهه ڏينهن ڪيل عرض هاڻ لاڀائتوٿابت پيو ٿو ٿئي.
    هنن مان آئون ڊراپ باڪس استعمال ڪريان جنهن جو ياهو سان لاڳاپو هُجڻ ڪري ڪافي آساني رهي ٿي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بهترين ادا، پر مون کي ميرا سلطان ڊرامو ڪير موڪليندو؟!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڊراپ باڪس جي خبر هُئي پر لامحدود اسٽوريج جي خبر نه هُئي. هي تمام ڀلو ڪم ٿي ويو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    بهترين ونڊ سائين رشيد صاحب
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. آفتاب احمد سومرو

    آفتاب احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    133
    ورتل پسنديدگيون:
    420
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    343
    ڌنڌو:
    سافٽ ويئر ۽ ويب ڊويلپر
    ماڳ:
    سڪرند
    بهترين معلومات ادا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هي ڪم درين ٺاهڻ کان اڳتي جو آهي .... تنهنڪري قابل قبول آهي.

    تمام سٺو موضوع ، اهڙن موضوعن مان هڪ موضوع جيڪي سنڌ سلامت جي مقبوليت جو سبب بڻجن ٿا
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين ونڊ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا رشيد واه جي شيئرنگ آهي لاجواب

    ادا ٻڌو آهي ته توهان ڪاميڊي وٿ ڪپل ڏسندا آهيو انهي نموني سان ٽڪڙن ۾ ڪري موڪليو ته جيئن مان چيڪ ڪري ڏسان ته خبر پوي o_Oo_Oo_O
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    لاجواب ونڊ
    لک قرب
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا ڀلا ملان جي قول ۽ فعل ۾ فرق ڇو هوندو آ... ؟ مون توهان جي نصيحتن تي عمل ڪندي ڊرامو ڏسڻ ئي ڇڏي ڏنو.. :)

    §§ :) :)

    ادا ڏاهو ٿي ڀاء... اها ڳالهه ته راز هئي ... :)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بس مون کي اهو ئي معلوم ڪرڻو ته ڇا پوزيشن آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو