بوٽوڪس انجيڪشن جا جذبن جي اظهار تي اثر

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏22 سيپٽمبر 2014۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ترجمو: خادم رند

    بوٽوڪس انجيڪشن جا جذبن جي اظهار تي اثر​

    ماهرن خبردار ڪيو آهي ته بٽوڪس جي واهپي سان نوجوانن جي جذباتي واڌ ويجهه رڪجي وڃي ٿي.جنرل آف ايسٿيٽڪ نرسنگ ۾ آيل هڪ مضمون ۾ ڄاڻن جو چوڻ آهي ته پنجويهن سالن کان گھٽ ڄمار وارن ماڻهن ۾ کَل جا گهنج ختم ڪرڻ لاءِ بوٽوڪس انجيڪشن جو رواج وڌي رهيو آهي، پر انهن موجب اهي ڄميل چهرا نوجوانن کي سندن جذبن جي مڪمل اظهار کان روڪي سگهن ٿا.

    برطانيا ۾ پلاسٽڪ سرجنن جي تنظيم جو به چوڻ آهي ته نوجوانن کي ٺاهه ٺوهه جي سببن ڪري بوٽوڪس انجيڪشن هڻڻ اخلاقي طور به غلط آهي.بوٽوڪس ۽ ان قسم جا ٻيا مادا انساني چهري جي مشڪن کي عارضي طور مفلوج ڪري گھنج پوڻ واري عمل کي گھٽ ڪن ٿا.هن تحقيق جي مصنفه هيلن ڪوليئر جو چوڻ آهي ته ٽي وِي تي هلندڙ ريئلٽي شو ۽ سيليبريٽي ڪلچر نوجوانن کي هن پاسي مائل ڪرڻ جو وڏو سبب آهن. هن جو چوڻ آهي ته بطور انسان، احساسن کي ظاهر ڪرڻ جو مدار گهڻيءَ حد تائين چهري جي تاثرن تي مدار رکي ٿو ۽ ٻين جي جذبن کي سمجھڻ ۽ همدرديءَ جو اظهار اسان کي زنده رهڻ ۽ ٻين سان ڳالهه ٻول ڪندڙ ماڻهو ٿيڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو. پر ڪوليئر خبردار پڻ ڪيو آهي ته نوجوانن جو بي تاثر چهرن وارو وڌندڙ نسل ڪنهن حد تائين تاثرن جي درست اظهار کان وانجھيل آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جيڪڏهن توهان اهي تاثر ختم ڪري ڇڏيندَو ته انهن جي جذباتي ۽ سماجي واڌ ويجهه رڪجي سگهي ٿي.

    ڪارڊف جي نفسيات جي ماهر ڊاڪٽر مائيڪل لوئيس جو چوڻ آهي ته ’اسان جي جذبن جو پنهنجن تاثرن وسيلي اظهار ڪيون ٿا، تن جذبن کي اسين محسوس ڪيون ٿا. مثال طور اسين کِلون ٿا جڏهن خوش هجون ٿا، پر مرڪڻ يا کِلڻ به اسان کي خوش ڪري ٿو.‘ ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته بوٽوڪس جي استعمال سان ماڻهو مخصوص تاثرن جي اظهار کان قاصر ٿي وڃن ٿا، جنهنڪري انهن جي شخصيت جي جذباتي پاسن تي اثر پئجي سگهي ٿو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سٺي ونڊ سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو