مصباح الحق پاران ٽيسٽ ميچن ۾ تيز ترين 50 جو نئون عالمي رڪارڊ

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    مصباح الحق پاران ٽيسٽ ميچن ۾ تيز ترين 50 جو نئون عالمي رڪارڊ

    ابو ظهبي ۾ کيڏي ويندڙ ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٻي اننگز ۾ پنهنجي سلو اسپيڊ سان اسڪور ڪندڙ ٽُڪ ٽُڪ جي نالي سان مشهور پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق پاران ٽيسٽ ميچن ۾ تيز ترين 50 جو نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪيو ويو آهي. آسٽريليا خلاف مصباح صرف 22 بالن تي 52 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ 4 چڪا ۽ 4 ڇڪا شامل هيا. سمٿ جي هڪ ئي اوور ۾ هن 22 رنسون اسڪور ڪيون.

    ان کان اڳ اهو رڪارڊ ڏکڻ آفريڪا جي جيڪ ڪيلس وٽ هيو جنهن 24 بالن تي 50 رنسون ٺاهيون هيون. مصباح الحق پاران سڀ کان گهٽ وقت ۾ 50 اسڪور ڪرڻ جو به رڪارڊ قائم ڪيو ويو. هن صرف 42 منٽن ۾ 50 رنسون اسڪور ڪيون ان کان اڳ بنگلاديش جي محمد الاشرف 27 منٽن ۾ اهو رڪارڊ قائم ڪيو هو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو