ڪلياڻ آڏواڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]

    ڪلياڻ آڏواڻي مشهور عالم ۽ اديب 10 ڊسمبر 1911ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو، ورھاڱي کان پوءِ ڀارت ھليو ويو ۽ بمبئي ۾ وڃي رھيو. ھن جي تحقيقجو موضوع سنڌي زبان جا 3 باڪمال شاعر شاھ، سچل ۽ سامي رھيا. ورھاڱي کان اڳ سندس مقالا ۽ مضمون مخزن ڦليلي، رسالي ”سنڌ“ ۽ لطيف ٻاري ۾ شايع ٿيا. انھن کان سواءِ 1946ع ۾ سنسڪرت جي مشھور ڊرامه نويس ڪاليداس جي جڳ مشھور ڊرامي ”شڪنتلا“ جو ترجمو ڪيائين. جنھن تي کيس سنڌ سرڪار طرفان انعاممليو. ورھاڱي کان پوءِ سندس ٽي مشھور ڪتاب ڇپيا. جن ۾ ”شاھ“ (1951ع)، ”سامي“ (1953ع) ۽ ”سچل“ (1954ع) شامل آھن. ھنن ڪتابن ۾ شاھ، سچل ۽ ساميءَ جي شعرن جو ڳوڙھو تنقيدي اڀياس ڏنو ويو آھي. 1958ع ۾ شاھ جو رسالو مرتب ڪيائين، جنھن ۾ ھربيتجي معنيٰ ۽ سمجھاڻيانبيت جي سامھون ڏنائين، جنھنڪري ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته انکان اڳ شاھ جي رسالي جي سولي سمجھاڻي ڏنل نه ھئي ۽ ڪن رسالن ۾ ته مک لفظن جي معنيٰ به ڏنل ڪا نه ھئي. ھن رسالي تي مرتب ۽ محقق کي سنڌي ساھت منڊلبمبئيطرفان 1958ع ۾ گولڊ ميدل مليو،ان کان پوءِ ڪلياڻ آڏواڻي شاھ جو رسالو مڪمل صورت ۾ مرتب ڪري 1966ع ۾ ڇپايو. ان رسالي تي کيس 1967ع ۾ سنڌي سميلن بئنگلور طرفان گولڊ ميدل ڏنو ويو. سچل جي ڪلام جي سلسلي ۾ ڪتاب ”سچل“ کان سواءِ ٻيو ڪتاب ”سچل جو چونڊ ڪلام“ به لکيائين، جيڪو ساھتيه اڪادمي نئين دھلي 1979ع ۾ ڇپيو. مذڪوره ايوارڊن ۽ انعامن کان سواءِ 1968ع ۾ ساھتيه اڪادمي نئين دھليءَ طرفان ”شاھ جو رسالو“ تي کيسانعاممليو. 1970ع ۾ ڀارت سرڪار جي تعليمکاتي کيس روس ۽ فرانس جو دورو ڪندڙ ڊيليگيٽس ۾ شامل ڪري دوري تي موڪليو. اھا ڊيليگيشن صرف3 اديبن تي مشتمل ھئي،انکانسواءِ ڪيترن ئي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تعليمي ادارن جو اعزازي ميمبر ٿي رھيو، جن ۾ ساھتيه اڪادمي دھليءَ جو سنڌي صلاحڪار بورڊ، ڀارتي گيان پيٺ جو سنڌي صلاحڪار بورڊ ۽ بمبئيبمبئي۽ پونا يونيورسٽين جي سنڌي شعبي جو بورڊ آف اسٽڊيز شامل آھن. ”شڪنتلا“ جي ترجمي کان پوءِ ڀارت ۾ 1973ع ۾ ديوان محي الدين جو فارسي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايائين.ان کان علاوه سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”راز و نياز“ 1960ع ۾ ڇپيو، جڏھن ته ”روحاني مشاھدا“ 1979ع ۾ ڇپيو.ڪلياڻ آڏواڻيءَان کان علاوه ڪتابن جا مقدما ۽ مھاڳ به لکيا ۽ تنقيدي نوعيت وارا مضمون به تحرير ڪيائين، جن ۾ ”ميگھدوت“ (نانڪ رام ميرچنداڻي 1947ع)، ”ساميءَ جا سلوڪ“ (سامي/1947ع) ۽ ”سڪ جي سوغات“ (رام پنجواڻي/1959ع) شامل آھن.تشريحي تنقيد ۾ ”شاھ جو رسالي جون تشبيھون“ (سنڌو/ فبيروري 1944ع)، ”سامي جي سلوڪن جون تشبيھون“ (سنڌو/ مئي 1944ع ۽ ”شاھ جو عاشقانه ڪلام“ (سنڌو/ سيپٽمبر 1946ع) شامل اٿس. جڏھن ته سوانح حيات تنقيد۾ ”سھڻوانسان عزيز“ (نئين دنيا/سيپٽمبر 1971ع) شامل آھن. ڪلياڻ آڏواڻي17 مارچ 1994ع ۾ ديهانت ڪري ويو. ڏنل شاهه جي رسالي منتخب ۽ مفصل جا سنڌ ۾ ڪاٺياواڙ ڪتاب گهر، برهان ڪتاب گهر، روشني پبلڪيشن، سنڌي ساهت گهر وغيره ڪيترائي ايڊيشن ڇپايا آهن ۽ سنڌ ۾ سندس شاهه جي رسالي ڇاپي ۽ وڪري ۾ رڪارڊ ٽوڙيو آهي.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو