VLC ميڊيا پليئر جون مزيدار ۽ فائدي واريون ٽپس..

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    يوٽيوب وانگر وي ايل سي پليئر پليئر به دراصل هڪ تعليمي پروجيڪٽ هو.. جيڪو ڪجهه شاگردن ملي ڪري بڻايو هو.. پر اڄ اهو پروگرام وڏي ۾ وڏو اوپن سورس ميڊيا پليئر آهي... هي هاڻي نه رڳو ڪامياب ميڊيا پليئر آهي پر هن جي بهترين فيچرس ذريعي ميڊيا فائيلز کي مختلف فارميٽ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، ڪنهن وڊيو جي هلندي اسڪرين شاٽ وٺي سگهجي ٿي، ڪنهن به وڊيو ته واٽر مارڪنگ ڪري سگهجي ٿي ۽ وڊيو جي سڪرين ريڪارڊنگ ڪري سگهجي ٿي.. ته پوءِ اچو ته هن موضوع ذريعي وي ايل سي ميڊيا پروگرام جون ڪجهه دلچسپ ۽ بهترين شيون سمجهون...

    ***********************​
    وڊيو کي هڪ فارميٽ مان ٻئي فارميٽ ۾ تبديل ڪريو...
    Media > Convert / Save تي اچو.. (اهو ڪم توهان Ctrl+R پريس ڪندي به ڪري سگهو ٿا) .. هاڻي کلندڙ ونڊوز منجهان Add بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.. ۽ پنهنجي مطلوبا وڊيو کڻو... ان کان پوءِ Convert/Save بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو..


    [​IMG]

    جنهن کان پوءِ ڊراپ ڊائون مينو منجهان پنهنجو گهربل ڪوڊيڪ چونڊيو .... فائيل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪمپيوٽر جي لوڪيشن ڏيو ۽ آخر ۾ Start بٽڻ تي ڪلڪ ڪندي تبديلي جو عمل شروع ڪريو... :)


    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    وي ايل سي تي وڊيو هلائيندي پنهنجي پسند جو حصو وڊيو کان الڳ ڪري محفوظ ڪريو...

    View > Advanced controls تي اچو ۽ Advanced controls آپشنس تي چيڪ لڳايو... جنهن سان وڊيو پليئنگ ڪنٽرول بٽڻ جي مٿان هڪ آپشن بار ظاهر ٿيندو... هاڻي وڊيو کي پنهنجي پسند واري حصي تي پهچايو ۽ ان بار مان ريڪارڊنگ بٽڻ دٻايو .. ان کان پوءِ جنهن جاءِ تي روڪڻ چاهيو ساڳي بٽڻ کي دٻائي وڊيو ريڪارڊنگ کي روڪيو.. (وڊيو کي ريڪارڊ ڪرڻ لاءِ شارٽ ڪٽ ڪي Shift+R ۽ روڪڻ لاءِ ٻيهر Shift+R استعمال ڪري سگهجي ٿي..)


    [​IMG]

    جنهن کان پوءِ توهان جي ريڪارڊ ڪيل وڊيو ونڊوز جي ڊيفالٽ وڊيو فولڊر ۾ محفوظ ٿي ويندي پر جيڪڏهن توهان اها لوڪيشن تبديل ڪرڻ چاهيندا هجو ته Tools -> Preferences ->Input&codecs تي اچي ۽ Record directory or filename واري حصي ۾ لوڪيشن ڏيو...


    [​IMG]
     
    اي جي شيخ، عرس پريو، منصور سرور ۽ 5 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    ڏاڍو معلوماتي ليک هميشه جيان. پر اسان انهن خفن ۾ پئون ئي ڪونه
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڪثر اهڙن دل ٽوڙيندڙ جملن اسان کي اڃان تائين گوگل ٽرانسليشن جو پروجيڪٽ ئي مڪمل ڪرڻ ناهي ڏنو... :)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    وي ايل سي ذريعي اسڪرين ريڪارڊ ڪريو..
    Media > Capture Device تي اچي Play بٽڻ دٻايو..
    ان کانپوءِ کلندڙ ونڊوز مان ريڪارڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪري اسڪرين ريڪارڊ ڪرڻ شروع ڪريو... (ياد رهي ته ريڪارڊ بٽڻ کي ڪلڪ ڪندي ئي ان ونڊوز کي منيمائيز ڪريو ته جيئن پنهنجي سرگرمين کي درست طور ريڪارڊ ڪري سگهو... ) اسڪرين ريڪارڊنگ کي بند ڪرڻ لاءِ توهان کي ٻيهر ريڪارڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو.. ائين ڪرڻ سان توهان جي ريڪارڊ ڪيل وڊيو... ونڊوز جي ڊيفالٽ وڊيوز فولڊر ۾ محفوظ ٿي ويندي...


    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    وي ايل سي کي ويب ڪيم ريڪارڊر طور استعمال ڪريو...

    media > Open capture device تي اچو ۽ capture mode کي Directshow طور رکو.. جنهن کان پوءِ Play بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو... جنهن کان پوءِ جيئن ئي ويب ڪيم هلڻ شروع ٿئي ... Record بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو...


    [​IMG]

    ياد رهي ته View>Advanced controls تي چيڪ لڳل هجي ته جيئن ريڪارڊنگ بٽڻ ظاهر هجي...


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    وڊيو جي آڊيو ۽ وڊيو ڪوائلٽي کي بهتر بڻايو...

    Tools > Effects and Filters تي اچو (ڪي شاٽ Ctrl+E) تي اچو جتي آڊيو ۽ وڊيو لاءِ ڪافي سارا آپشنس موجود آهن...


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    وڊيو ۾ واٽر مارڪ شامل ڪريو...

    جيڪڏهن توهان کي وڊيو ايڊيٽر استعمال ڪندي ڪو واٽر مارڪ وڊيو ۾ شامل ڪرڻ ڏکيو لڳي ته توهان اهو ساڳيو ڪم وي ايل سي ذريعي پن ڪري سگهو ٿا... بس Tools > Effects and Filters تي اچو ۽ video effects ٽيب کولي پوءِ overlay ٽيب کوليو.. هتي برائوز ڪندي پنهنجو لوگو شامل ڪريو.. جنهن کي ٽاپ ۽ ليفٽ پڪسل جي سيٽنگ استعمال ڪندي پوزيشن ڏيو.. هڪ دفعو لوگو شامل ڪرڻ کان پوءِ وڊيو هلايو ۽ ريڪارڊ ڪريو.. جنهن کي محفوظ ڪريو ته محفوظ ڪيل وڊيو ۾ واٽر مارڪ شامل هوندو...


    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي

    هل!!!!!! اهڙي زبردست فيچر جي هوندي به آئون ڪجهه ڏينهن اڳ ڏاڍو پريشان ٿيو هئس، ڪافي سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪيا هئم پر سڀ بيڪار ثابت ٿيا..!
    هاڻي ان کي آزمائبو.. :)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب ادا هميشه جيان سهڻي ونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    تمام بهترين ۽ ڪارائتيون ڳالهيون. جس لهڻو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    وي ايل سي ذريعي سنيپ شاٽ وٺو.....

    وي ايل سي جو هي فيچر مزيدار ۽ انتهائي آسان آهي... وڊيو هلائيندي جيڪڏهن توهان ڪو منظر پسند اچي وڃي ته رڳو Shift+S پريس ڪريو.. ۽ ان طرح وڊيو جي اسڪرين شاٽ ونڊوز جي ڊيفالٽ پڪچر فولڊر ۾ محفوظ ٿي ويندي...


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    واه سائين
    تمام بهترين ونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پنهنجي وڊيو ۾ سب ٽائٽل شامل ڪريو...

    اڪثر اسان جا دوست مشهور فلمون ان ڪري نه ڏسندا آهن ته اهي مارڪيٽ ۾ هندي يا اردو ۾ ڊبنگ سان نه آيل هونديون آهن... جڏهن ته انگريزيءَ ۾ مووي ڏسڻ سان انگريزي جي تڪڙي ۽ فعال انگريزي غور سان به سمجهڻ سولي نه هوندي آهي.. :)
    اهڙي صورت ۾ ساڳي مووي جا سب ٽائيٽل سب ٽائيٽل بينڪ تان ڊائونلوڊ ڪري وي ايل سي ۾ شامل ڪري ڏسي سگهجن ٿا... ان لاءِ Subtitle مينو تي ڪلڪ ڪري Add Subtitle File تي ڪلڪ ڪريو...


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪنهن ميڊيا سورس ويب سائيٽ بجاءِ سڌو سئون وي ايل سي ذريعي وڊيو ڏسو....

    يوٽيوب سميت مختلف ميڊيا سورس ويب سائيٽس تان ڊائريڪٽ وڊيو ڏسڻ لاءِ وڊيو جو يوآرايل ڪاپي ڪري Open URL آپشن Media مينو مان کولي ڪاپي ڪيل يوآرايل پيسٽ ڪريو.. وڊيوز کي سڌو سئون ڏسو...


    [​IMG]
     
  16. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪجهه تڪڙيون ٽپس...
    وڊيو ڏسندي جيڪڏهن ڪنهن جاءِ تي توهان کي وڊيو کي اسپيڊ سان هلائڻو پوي ته ڪيبورڊ تان [ پريس ڪرڻ سان هر دفعي وڊيو جي سپيڊ ۾ 0.1x ۽ وري سپيڊ کي ڊيڪريز ڪرڻ لاءِ ] پريس ڪريو...
    جيڪڏهن توهان ڪا ڊبڊ مووي ڏسي رهيا آهيو جنهن جون هڪ ئي وقت ۾ 2 زبانون شامل آهن ته انهن جي وچ ۾ سوئيچ ڪرڻ لاءِ ڪيبورڊ تان B دٻايو...
    جيڪڏهن توهان وٽ ڪا وڊيو زپ ٿيل آهي ۽ توهان ان وڊيو کي هارڊ ڊسڪ ۾ اسپيس گهٽ هجڻ ڪري ايڪسٽريڪٽ ڪري هلائڻ نه ٿا چاهيو ته ان زپڊ فولڊر کي وي ايل سي ۾ شامل ڪريو وي ايل سي ان وڊيو کي ايڪسٽريڪٽ ڪرڻ کان سواءِ ئي هلائيندي..
    ڪروم برائوزر وانگر وي ايل سي ۾ به هتي ڪلڪ ڪري ايڊان شامل ڪري ميڊيا پليئر جا فيچرس وڌائي سگهجن ٿا..
    وي ايل سي جي ڊيفالٽ ٿيم کي تبديل ڪندي توهان هتي ڪلڪ ڪري ڪافي سارا مفت جا ٿيم ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪري سگهو ٿا...
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    تمام بهترين ٽپس آهن. پڙهي ڪري دل خوش ٿي ويو. نيون شيون سکڻ لائي مليون آهن. مهرباني.
    سدا سلامت ۽ خوش هجو.
     
  18. سجاد علي خاصخيلي

    سجاد علي خاصخيلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2013
    تحريرون:
    76
    ورتل پسنديدگيون:
    133
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    هڪ سٺي نوڪري جي ڳولا
    ماڳ:
    نواب شاه
    ادا تمام بهترين................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو