جديديت پڄاڻان ۽ ائبنارملٽي

'مقالا' فورم ۾ غفور ميمن طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2015۔

  1. غفور ميمن

    غفور ميمن
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 آگسٽ 2015
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پروفيسر
    ماڳ:
    گلشن حديد ، ڪراچي
    جديديت پڄاڻان ۽ائبنارملٽي

    ڊاڪٽر غفور ميمڻ

    اسان هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿيا آهيون جيڪو تاريخ جو بلڪل انوکو ۽ اڇوتو دور آهي ، نه ته هن دور ۾ گذارڻ جو اسان وٽ تجربو آهي نه وري منهن ڏيڻ لاٰ گهربل علم آهي. يقينن هن دور کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جون ذميداريون ۽ رويا به نوان هئڻ گهرجن.

    فطري تبد يلين کي قبول ڪرڻ ۽ انهن مطابق رويو پيدا ڪرڻ ته تاريخ ۾ انساني روش رهي آهي پر جڙتو ۽ تمام تيز تبديلين مطابق روين ۽ روش کي تبديل ڪرڻ ايترو آسان ناهي .

    اسان ڪهڙي دنيا ۾ پير پاتو آهي ان دنيا کي سڀ کان پهرئين سمجهڻ ضروري آهي ڇو ته ذهني صحت ان دنيا سان جڙيل آهي.

    ذهني صحت ڇا آهي ؟ ٿورو غور ڪنداسين ته انسان حواسن، عقل ، وجدان ۽ تجربي ۾ جيڪڏهن موجوده زمان و مڪان مطابق صحيح رد عمل ۽ روش اختيار ڪري ٿو ته اهو رويو نارمل يا سالم سڏبو.

    پر جيڪڏهن مٿئين ڪنهن به عنصر مان صرف هڪ عنصر ڪم نه ڪري ته انسان سالم نه رهندو . مثال عقل کان بغير انسان وائڙو ۽ بيوقوف سڏبو ۽ غلط حرڪتون ڪندو. وجدان کان بغير ٿيندڙ واقعن ۽ محسوس ڪرڻ جي سگهه جي تاثير کان محروم رهندو ،جيڪڏهن تجربي مان سکڻ ڇڏي ڏئي ته بار بار هاڃن کي منهن ڏيندو ، جيئن توهان ڏٺو هوندو ته اڄ ڪلهه ماڻهن تجربن مان سکڻ ڇڏي ڏنو آهيcommon sense کي common practice بنائڻ ڇڏي ڏنو آهي مثال روز غلط ڊرائيونگ ڪرڻ سان حادثا ٿين ٿا ، موٽر سائيڪل بي ترتيب هلائڻ سان روڊ تي حادثا ٿين ٿا. سگريٽ پيئڻ سان بيماريون ٿين ٿيون. لالچ ڪرڻ سان ماڻهو ٺڳجي وڃي ٿو پر ماڻهو “ساڳيا لاٽو ساڳيان چگهه” ان مان ظاهر آهي تجربي مان ماڻهن سکڻ ڇڏي ڏنو آهي.

    جيڪڏهن ماڻهو جا حواس ڪم نه ڪندا ته ماڻهو جو نروس بريڪ ڊائون ٿي پوندو.

    پر ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه آهي ماڻهو جو لڳا تار زمان و مڪان سان جڙيل رهڻ ، مثال جي ماڻهو نئين اوپري ماحول ۾ ويندو ته اتي پاڻ کا اوپرو ڀائيندو ۽ پاڻ کي ان مطابق ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو. ان ڪري جيڪڏهن ماڻهو ۾ نئين ماحول کي ساساهڻ جي خاصيت نه هوندي ته اهو به سالم نه سڏبو . هڪ طريقو اهو به سالميت جو آهي ته انسان پنهنجي سالميت ۽ فاعدي جا جزا ماحول مان حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هجي .

    هاڻ توهان غور ڪريو جديديت پڄاڻان ۾ سڀ شيون تبديل ٿي چڪيون آهن . مثال عقل، حرفت ۽ چالاڪيءَ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي . هاڻ عقل جو سڪو هن مارڪيٽ ۾ نٿو هلي. تنهن ڪري جيڪڏهن ڪو عاقل آهي ته ان کي هن مارڪيٽي حرفت ۽ چا لاڪي لاءِ استعمال ڪرڻو پوندو ته ته عقل جو سڪو کوٽو سمجهيو ويندو. تجربو روز نئون آهي پراڻو تجربو ٻي ڏينهن ڪم جو نٿو رهي ڇو ته مارڪيٽ سماج کي روز تبديل ڪري ٿي . تجربي جي بجاءِ روز رسڪ کڻڻ ، مهم جوئي ڏيکارڻ، جانباز بنجڻ ۾ هيرو ازم آهي . وجدان جو تعلق روحانيت سان آهي پر سماج صرف ماديت جو پيش منظر آهي تنهن ڪري احسا س ختم ٿي ويو آهي . حواس ان وقت ختم ٿيو وڃي جڏهن اسان روز اهڙي صورت حال ڏسون ٿا جنهن لاءِ اسان ڪڏهن سوچيو به ناهي ياوري زمان مڪان ايترو تبديل ٿيو وڃي جو اسان جا حواس خطا ٿيو و ڃن .

    اسان جي تاريخ ، ڪلچر ۽ روايتون اسان ۾ روحاني عافيت پيدا ڪن ٿيون ۽ اندر جي انسان کي ٿانيڪو ڪن ٿيون. هر قوم جو هڪ تاريخي ورثو ٿيندو آهي. جنهن ۾ ماديت کان وڌيڪ روحاني وهنوار هوندو آهي انسان روحاني رستي تي لکين سال زندگي گذاري اڄ جي ماديت واري ماحول ۾ پهتو آهي.. تاريخ ٻڌائي ٿي انسان جون لکين activities مادي شين کان بغير هيون . جنهن ۾ انسان to have جي بدران to be جي فڪر تي عمل پيرا هو. جيڪو اجتماعي نوعيت جو هو . جنهن ۾ فرد کي سندس اڪيلي هئڻ جي احساس نه هو ، نه وري کيس زندگي ٿڪائيندي هئي . ان سڄي تاريخي عمل ۾ پيار ، محبت همدردي ، ڀائپي جهڙا احساس ۽ گڻ اهم هئا . انسان جو رشتو انسان سان هو. يعني گهر ۾ ڇنل رلي به نه هجي پائڻ جا ڪپڙا به نه هجن ، کائڻ لاءِ سڪل ماني به نه هجي پر پوءِ به زندگي مان ماڻهو مطعمين هو. بلڪل ائين جو اڄ به ڪنهن جهوپڙي ۾ رهندڙ مسڪين ماڻهو زندگي ۾ وڌيڪ خوش ۽ ٿانيڪو هوندو بنسبت ڪنهن بنگلي ۾ رهڻ واري کان . ڇو ته بنگلي واري امير جو مسئلو آهي مقابلي بازي ۽ انهيءَ دولت ۾ واڌارو ڪرڻ ، انهيءَ ڪري امير ۽ وچيون طبقو مارڪيٽ جي رحم و ڪرم تي هوندو آهي.

    مادي شين جو حصول در اصل “انا” جو حصول آهي، جيترو ماديت جي دنيا ۾ ماڻهو پير پائيندو ايترو پنهنجي چوڌاري “انا”، “ غرور” جو ڄار اڻندو ۽ اڪيلو ٿيندو دشمن وڌندا. سڪون برباد ٿيندو. تان جو اهو ماڻهو ائبنارملٽي ڏانهن ويندو. ڇو ته شين جا انبار ماڻهو کي خوش نٿا رکي سگهن ، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي سپر اسٽور ۾ بند ڪري ڇڏجي ته باقي زندگي اتي ئي گذار ته رڙيون ڪندو چريو ٿي پوندو . ڇو ته زندگي لاءِ فطرت جو کليل ماحول کپي ، رشتا ناتا کپن، ميل ميلاپ، روايتون، يادون ، پيار ۽ انساني سرگرمي کپي.

    پر هتي مسئلو اهو آهي ته انا (ego) انسان کي هلڪو ڦلڪو نٿي رکي بلڪ اڪيلو ڪري ڇڏي ٿي . انا جي مونجهاري ۾ ماڻهو ڦونڊجي عجيب حرڪتون ڪري ٿو . چريائپ صرف اها ناهي ته ماڻهو رڙيون ڪري ۽ پٿر هڻي پر چريائپ اها به آهي ته ماڻهو بسڪٽ به ٽشو پيپر سان کائي ، چريائپ اها به آهي ته ماءَ پنهنجي ٻار کي ٽوڪري ۾ وجهي کڻي هلي . چريائپ اها به آهي ته انسان کان سندس غربت جي ڪري نفرت ڪجي ، چريائپ اها به آهي ته ڪتي سان سيڪس ڪجي، ۽ اسان وٽ ته چريائپ جا مثال عام جام ملن ٿا جنوري 2015 ۾ هڪ ماڻهو پنهنجا پنج ٻار ڪهي ڇڏيا. روز طلاقن جي شرح وڌي رهي آهي . نشو خطرناڪ حد تائين وڌي پيو. ماڻهو اکين ڏٺو موت قبول پيا ڪن . اها سڀ چريائپ ته آهي جو برداشت جي حد ختم ٿي ويئي آهي. صبر نٿو اچي.

    دراصل هر مادي شيءَ جي هڪڙي قيمت پئسن ۾ اسان ادا ڪريون ٿا ٻي قيمت اسان انا ، غرور ۾ ڦونڊجي ادا ڪريون ٿا جنهن ۾ اسان ماڻهو کان ڪٽجي رهيا هوندا آهيون، خلوص ، پيار ، ماڻهپو ختم ڪري رهيا هوندا آهيون. ڇو ته هي واپاري سماج توهان کي هڪ اڻ کٽ مقابلي بازي ۾ مبتلا ڪري چڪو آهي. توهان هر وقت ٻين جي حصول تي نظر رکو ٿا، ڪنهن ڪو عهدو يا مرتبو ماڻيو ته توهان احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿي وڃو ٿا، ڪنهن بنگلو ورتو ته توهان کي پنهنجو گهر جهنم لڳي ٿو ، ڪنهن وڏي ڪار ورتي ته توهان پاڻ کي گهٽ سمجهڻ لڳو ٿا ، ٻي جي خوبصورت زال ڏسي توهان زندگي بي مزه ۽ بيڪار لڳي ٿي ، توهان روز جلن ۽ حسد جا شڪار ٿيو ٿا، وري ٻي طرف جنهن ڪا شيءَ حاصل ڪئي ته انهِيءَ سڀني کي مات ڏئي ڇڏي اندر ۾ هڪ تسڪين ۽ غرور پيدا ٿيندس . تان جو اها مقابلي بازي ماڻهو کي ا ذيت پسند بنائي ڇڏي ٿي ، منجهانس پيار ، سڪون ڀائپي ، انسانيت، همدردي سڀ ختم ٿي وڃي ٿي .

    جديديت پڄاڻان اهڙي صورت حال آهي جنهن صرف پنهنجي ماضي سان رشتو ختم ڪري ڇڏيو آهي اهو ماضي جنهن سٺائي خرابي جا معيار هئا، سچ ۽ ڪوڙ جو تصور هو. انسان جي نارملٽي ۽ سالميت لاءِ سچ ۽ ڪوڙ ،سٺائي ۽ خرابي جو معيار ضروري آهي نه ته سڀ جائز آهي ۽ بلڪل جديديت پڄاڻان ۾ سڀ جائز آهي.

    جيڪڏهن توهان ڪو پاڇو ڏسو يا شڪل شبيهه ڏسو جيڪا عام رواجي نه هجي ، حقيقي نه هجي توهان کي ڊاڪٽر چوندو ته توهان کي شيزوفرينا ( schizophrenia ) ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن توهان رات ڏينهن هڪ ڳالهه جو هورا کورا ڪريو ته ڊاڪٽر چوندو توهان کي فوبيا ۽ ماليخوليا ٿي پئي آهي. جيڪڏهن توهان هر وقت وڙهڻ لاءِ تيار هجو ، موت جو رسڪ کڻڻ ۾ نه گهٻرايو ته ڊاڪٽر چوندو توهانکي mania ٿي پئي آهي .

    پر جديديت پڄاڻان ۾ حقيقت کان مٿهانين حقيقت کي ايترو اڀاريو ويو آهي جو سماج ۾ اصل حقيقي ڪجهه به نه رهيو آهي سب ڪجهه جڙتو آهي ، پر ايترو حاوي آهي جو هر ماڻهو ان جڙتو کي حقيقي سمجهي قبول ڪري ٿو ، يعني ڪو ماڻهو اڄ کان 50 سال اڳ چوي ها ته هن صرف ڪاغذن جي هيرا ڦيرا ڪندي اربين رپيا ڪمايا ته ماڻهو ان کي چريو چون ها، يا چوي ته هن هڪ بند ڪواب پنج هزار رپين ۾ کاڌو ته ماڻهو ان کي چون ها هن جو دماغ ڦري ويو آهي، جيڪڏهن چوي ها ته هن پنهنجي شڪل و صورت بدلائي ٻي ٺهرائي آهي ته ماڻهو هن کي ته ڪو خواب ڌٺو اٿس يا دماغ ۾ خلل اٿس ،جيڪڏهن ڪو ماڻهو 50 سال اڳ چوي ها ته هن جي زال بهترين جسم جي نمائش ڪري اربين رپيا ڪمايا ته ماڻهو ان کي پنهنجي ڀت برادري مان ئي ڪڍي ڇڏين ها، يا سندس ڌيءَ روز بواءِ فرينڊ بدلائيندي آهي ته ماڻهو ان کي بيغرت چون ها ، . جديديت پڄاڻان ۾ اهي سڀ تصور جائز آهن ۽ اهي ئي حقيقي آهي، تنهن ڪري چريائپ جو معيا به بدلجي ويو آهي ،اڄ جيڪڏهن ڪو ، شين جي نمائش نٿو ڪري پنهنجي چوگرد دولت جا انبار لڳائڻ لاءِ حرفت بازي نٿو ڪري ، بي وقوفانه مقابلي بازي ۾ حصو نٿو وٺي يا عورت پنهنجا نقش نگار جي نمائش نٿي ڪري ته ان کي چريو سمجهيو و ڃي ٿو .

    ڇا چريائپ جو ڪو وجود آهي؟ يا اسان جي چريائپ آهي ته چريائپ موجود آهي. ان لاءِ توهان کي هڪ مثال ڏيان ٿو . هالي ووڊ وارن هڪ فلم اسٽار ٽريڪ جي سيريز ۾ ٺاهي هئي . ڪهاڻي هن ريت هئي ته هڪ ڪيپٽن پنهنجي ٽيم سميت هڪ سياري تي لهندو آهي ، جتي هڪ قسم جو ڪيميڪل جنهن کي لڳندو آهي اهو چريو ٿي پوندو آهي. اهو چريو مار ڌاڙ رڙيون پيو ڪندو آهي، آهستي آهستي سڀ چريا ٿي ويندا آهن سواءِ ڪيپٽن جي . هاڻ هڪ طرف سڀ چريا ٻي طرف اڪيلو ڪيپٽن .

    ڪيپٽن سوچيندو آهي ته ڪٿي آئون ته چريو ناهيان متان هي سڀ ٺيڪ هجن ۽ آئون ائبنارمل هجان. يا وري منهنجي نارملٽي اڪثريت کي قبول ناهي ته پوءِ اها به ائبنارملٽي چئبي . تنهن ڪري مون کي به چريو ٿي وڃڻ گهرجي . اها ئي نارملٽي آهي. ته سڀ هڪ جهڙا هجن. نه ته پوءِ خطرناڪ اذيت ڀوڳڻي پوندي. پر ٿوري دير لاءِ ڪيپٽن سوچيندو آهي ته پهريان اهو تسليم ڪرڻ گهرجي ته ائبنارملٽي جو جيئن وجود آهي تئين نارملٽي به ڪا شيءَ آهي . معنيٰ مون کي پهرين اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته هي سڀ چريا آهن. ۽ آئون چريو ناهيان . ته پوءِ مون کي ڪو بلو ڪرڻو پوندو. هڪ ته پاڻ بچائڻو پوندو، ٻيو ته هنن جو به علاج ڪرڻو پوندو. آخر ڪار ڪيپٽن هنن جو علاج ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي. ۽ سڀني کي ٺيڪ ڪندو آهي. ۽ پوءِ انهيءَ سياري تان هليا ويندا آهن.

    بلڪل ائين اسان جو سماج آهي . جنهن ۾ ماڻهو مايا جي موه ۾ ڀٽڪي ويا آهن . چريي جو مطلب اهو ناهي ته ماڻهو پٿر هڻي ، گهگهه ڳاڙهي، رڙيون ڪري ، چريائپ اها به آهي ، ماڻهو رات ڏينهن دولت حاصل ڪرڻ جي جنون ۾ گم رهي. ماڻهو رات ڏينهن ڪرپشن ڪري پنهنجي اولاد کي ناجائز دولت تي عياشي ڪرائي . مذهب جي نالي تي قتل عام ڪري، ڏيکاءَ بازي ۾ عزت ، غيرت نيلام ڪري ، غرور تڪبر ڪرڻ ٻي کي گهٽ ڪري ڏيکارڻ به ائبنارملٽي آهي. نارملٽي وچ ٿرائپ جو نالو آهي ، جنون چريائپ جو نالو آهي ۽ توهان ٿورو غور ڪريو . اسان جي سماج ۾ هر طرف جنون آهي. چو طرف هڪ تماشو لڳو پيو آهي ، انسان هڪ خطرناڪ جانور جو روپ اختيار ڪيو آهي، هر طرف افرا تفري آهي ذرو ذري کان ڌار آهي. دريدا انهيءَ کي (Play) چوي ٿو ، اها چال ڏيئي دريدا هر ماڻهو کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي . ته هر ماڻهو پاڻ کي آزمائي نوان رستا ڳولي ، ڪامياب ٿئي ۽ ڪاميابي صرف مادي حصول ۾ آهي . جيڪو ماڻهو انهيءَ مارڪيٽي ڪلچر کي نٿو مڃي ، پاڻ کي انهيءِ بيوقوفاڻي مقابلي ۾ شامل نٿو ڪري ،سادگي سان رهي ٿو ، ايمانداري ، عزت، شرافت ، حيا جي ڳالهه ڪري ٿو ، اهو چريو سڏجي ٿو . انهيءَ کي جديديت پڄاڻان Paranoiac چئي ٿي . هاڻ اهڙو ايماندار ماڻهو موجوده مانڊاڻ کي ڏسي ڪڏهن اهو سوچي ٿو ته واقعي آئون چريو آهيان؟ يا هي ماڻهو سڀ چريا آهن . بلڪل ائين جيئن ڪيپٽن هڪ منٽ لاءِ سوچيو ته ڇا هو چريو آهي؟ جديديت پڄاڻان جي مطابق ته هو (Paranoiac) هو . پر ڪيپٽن پاڻ سنڀالي ورتو.

    در اصل Paranoiac هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن ۾ ماڻهو کي اهو احساس ٿيندو آهي ته هن سان سڀ ڪجهه غلط ٿي رهيو آهن ، ٻيا ماڻهو هن کي تڪليف پيا پهچائن ، هن کي نقصان پيا رسائن ، ٻيا سڀ هن جا دشمن آهن ، سڀ هن کي بيقوف پيا ٺاهين، اهڙي بيماري وارو مريض دنيا ۽ پاڻ جو رشتو ٺاهي نه سگهندو آهي ۽ اڪيلو رهجي ويندو آهي.

    جديديت پڄاڻان ۾ سماجي طور رشتن ۾ Paranoia عام هوندي آهي ڇو ته هن سماج جو بنياد شڪ تي رکيل آهي ، زال مڙس جي لاءِ Paranoiac آهي ، ملازم آفيسر لاءِ Paranoiac آهي ، هڪ ذات ورو ٻي لاءِ ، اهڙي طرح هي سڄو سماج Paranoiac بڻجي وڃي ٿو . ويڳاڻپ ۽ اڪيلائي وڌي وڃي ٿي . ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ مادي شين ۾ ڳولي ٿو ، اهو بي روح عمل بار بار ماڻهو کي دل شڪسته ڪري ٿو . ماڻهو ۾ اذيت پرستي وڌي وڃي ٿي ، آهسته آهسته خود ئي انهيءَ کيل ۾ شامل ٿي اهڙي سماج کي قبول ڪري ٿو . جتي سماجي رتبن ماڻڻ ۾ لذت آهي ، عزت ، پيار ، همدردي جهڙن قدرن کي درگذر ڪري ماڻهو پاڻ کي وکر بنائي ڇڏي ٿو . انهيءَ سماج جون خوشيون به وقتي ، رشتا به وقتي ، مثال لاٽري کلي ته خوشي ملي، شراب پي خوشي ماڻي، پگهار مليو ته خوشي ٿي ، نئون موبائل ورت ته خوشي ٿي ، ميلاد ڪرايو ته خوشي ٿي ، انڊين ڊرامي جي هيروئن ڪا چالاڪي ڪئي ته خوشي ٿي ، ٻي جي ڦرلٽ ٿي ته خوشي ، ٻي جو نقصان ٿيو ته خوشي ٿي ، تان جو خوشي اذيت پرستي ۾ ملڻ لڳندي ، اهو سلسلو جبلت موت جو طويل رستو کولي ٿو . جنهن ۾ جبليت حيات ماڻهو ڇڏي ڏند شيڪي بگهڙن وانگر پاڻ ۾ نهارين ٿا ته اجهو اڳلو ڪريو.

    جديديت پڄاڻان جو دور جيڪي به نوان قدر ۽ تصور اڀاري ٿو ، اهي ماڻهو کي جيتري دير قبول ڪرڻ ۾ لڳي ٿي اوتري دير ۾ ٻيا تصور اچي وڃن ٿا ، تنهن ڪري ماڻهو اکيون مهٽي اڃان شيءَ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ، تيستائين شيون پنهنجو روپ بلايو وٺن ، تنهن ڪري ماڻهو کي پاڻ تي اعتبار نه رهيو آهي ، ماڻهو جهنجلاٽ ۾ ورچي پوي ٿو ، جنهن ڪري وٽس ڏيکاءَ پرستي وڃي رهي آهي ، جيئن شين ۾ هو ٻي کان گوءِ کڻي وڃي . ڏيکاءِ پرستي جو بنياد ميڊيا آهي، ميڊيا هڪ اهڙو طبقو پيدا ڪري چڪي آهي ، جيڪو مارڪس جي انهيءَ کدڙي کان وڌيڪ تيز آهي جيڪو پنهنجي مالڪ جي ستل شهوت کي جاڳائڻ جي لاءِ طرح طرح جا نخرا ڪري ٿو ، پر سرمائيدار پنهنجي شيون وڪڻڻ لاءِ سياست ڪار پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ ، ايجنسيون پنهنجن منصوبن لاءِ ميڊيا جا کدڙا پيدا ڪري چڪيون آهن. توهان غور سان ڏسو ته دنيا هڪ جنون ۾ وٺجي چڪي آهي ، مذهبي جنون ، فرقي پرستي جو جنون، ذات پرستي جو جنون، خاندان پرستي جو جنون، ڪرپشن جو جنون، هوس پرستي جو جنون تان جو انسان جنون ۾ جيئي ٿو جنون ۾ مري ٿو . .

    ٻي طرف نفسيات دانن جو چوڻ آهي ته جهڙي طرح فرد بيمار ٿيندا آهن اهڙي طرح سماج به بيمار ٿيندا آهن . اڄ ڪلهه پوري دنيا ائبنارملٽي ڏانهن وڃي رهيو آهي . ڪئين طرح جا نفسياتي روڳ موجود آهن ،

    هر طرح جو جنون، قتل و غارت، گهريلو ناچاڪيون، آفس ۾ سازشون،، ٿوري ڳالهه تي جهيڙو، برداشت جو مادو نه هئڻ ، غصو، بي چيني، خود ڪشي، نشو واپرائڻ، سڀ ائبنارمٽيز آهن . اها صورتحال ٻڌائي ٿي ته ماڻهو اڇلجي چڪو آهي. کيس ڪابه شيءَ ٿانيڪو نٿي ڪري،

    اهڙي ئي سماج ۾ اسان پير پائي چڪا آهيون ، جنهن جو ڪو به سرو نٿو ملي ، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هن بحران مان نڪرڻ جو ڪو گس آهي؟ بلڪل آهي. پر پهرين اسان کي قبول ڪرڻو پوندو ته اسان بيمار آهيون، پوءِ علاج جا اپاءَ وٺڻا پوندا، هر سماج جا پنهنجا مسئلا آهن انهن مسئلن جو حل به آهي، سڀ کان پهرين جهموريت ختم ڪرڻي پوندي ، ميڊيا جي ڇڙواڳي ختم ڪرڻي پوندي ، سياست واري سماج کي مڪمل ختم ڪرڻو پوندو ، ان کان پوءِ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي ڇڙواڳي ختم ڪرڻي پوندي ، اسان وٽ قانون صرف ڪتابن ۾ آهن عملن ڪو به قانون ناهي جيڪو ڏاڍو سو گابو واري ڳالهه تي عمل پيو ٿئي . لوفر کي ختم ڪرڻ بجاءِ پوري سماج کي لوفر ٺاهي ڇڏجي، ڪرپشن ختم ڪرڻ بجاءِ پوري سماج کي ڪرپٽ ڪري ڇڏجي واري پاليسي تي اسان عمل پيرا آهيون، ڇو ته عالمي سرمائيداري کي اهڙي ڇڙواڳ سماج جي ضرورت آهي ، جڏهن سوويت يونين قائم هو ته سامراج جون پاليسيون جمهوريت خلاف هيون آمرانه هيون ، پر سوييت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ پاليسي اها آهي ته سڄي سماج کي مردن جي ڇڙواڳي وارو سماج ٺاهي ڇڏجي. دنيا جي ڪابه نارملٽي ، ڪو به سماج، هڪ بهترين ڊسيپلين کان سواءِ ممڪن ئي ڪونهي، پر سامراج اربين ماڻهن کي ڇڙواڳي جي خطرناڪ بٺي ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. اهو صحيح آهي ته دور بدلبا آهن رويا بدلجي ويندا آهن . تبدليلون اينديون آهن ۽ تبديليون قبول ڪرڻ گهرجن . پر سوال اهو اهي ته ڇا مثبت تبديليون آهن؟ ۽ دنيا مثبت ماڻهن جي هٿ ۾ آهي. هر باشعور ماڻهو اهو ئي جواب ڏيندو ته دنيا ساڃاهه وند مثبت ماڻهن جي هٿ ۾ ناهي .

    هن وقت سماج کي بچائڻو آهي ته هڪ اهڙو ئي پرفيڪٽ ڊسيپلين ۽ آمرانه قانون تي عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي. جيڪو هن خريد و فروخت واري سماج ، سياست جي گند ۽ جمهوريت ۾ ممڪن ڪونهي.
     
  2. Hyder Ali Sarmad Bhayo

    Hyder Ali Sarmad Bhayo
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 فيبروري 2016
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    نهايت بهترين
     
  3. fareeda talib

    fareeda talib
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2017
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڊاڪٽر صاحب توهان هڪ بهترين ۽ بلڪل نئين موضوع جو انتخاب ڪيو آهي، جديديت پڄاڻان اسانجي سماج ۾ اڃان هڪ نئين شي آهي، اڃان عام ماڻهو جي سمجھ کان ٻاهر آهي، هن قسم جي موضوعن تي بحث ۽ مباحثا هجڻ گهرجن ته جيئين هي موضوع عام ماڻهن جي سمجھ ۽ توجھه جو مرڪز بنجي.
     
  4. fareeda talib

    fareeda talib
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 فيبروري 2017
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو