هــــــــــــــــــــــــڪ خــــــــط (سليمان وساڻ صاحب ڏانهن لکيل )

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏31 آڪٽوبر 2015۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    اسلام عليڪم سائين محترم سليمان وساڻ صاحب۔(ميمبر سنڌ سلامت فورم )


    ڀاء منهنجا وساڻ صاحب اميد ته خيريت سان هوندا.

    ادا وساڻ صاحب ڪافي وقت کان توهان سان ملاقات ناهي ٿي، ۽ شايد اخري ملاقات توهان جي شادي ۾ ٿئي هئي يا پوء ڊرگ روڊ واري هوٽل سلاطين وٽ آخري ملاقات ٿئي آهي، ادا وساڻ صاحب توهان سنڌي ادب تي جيڪو ڪم ڪري رهيا آهيو اهو ڪم تعريف لائق آهي، ۽ توهان وڃي ٿا جهر جهنگ گهمون ۽ اسان کي صلاح ئي ڪو نه ٿا ڪريو،

    هن ڀيري آرٽ ڪائونسل(09.10.11 نومبر 2015) ۾ به توهان سان ملاقات ٿئي نه سگهي،باوجود توهان جو آرٽ ڪائونسل اچڻ جي، ادا توهان سنڌ سلامت تي جيڪو اليڪٽرانڪ ڪتاب وارو ڪم ڪري رهيا آهيون اهيو هڪ بهترين ڪم آهي، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي،

    وساڻ صاحب توهان سنڌ جي اديبن جي سوانح عمري ۽ آتم ڪهاڻي تي به تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهيو، ان کان علاوه فيسبڪ تي توهان هر شخص جي سالگرهه تي کيس مبارڪ پيش پيا ڪريو، ( سهڻي انداز ڊزائين ۽ تصوير سان ) اهيو به هڪ وڏو ڪم آهي، جنهن لاء توهان ٽائيم ڪڍو ٿا، وڏي ڳالهه آهي، وساڻ صاحب وڏي ڳالهه...........

    ادا اسان جو پڙهندڙ شايدڪنهن به تخليقڪار بابت اهوڄاڻڻ چاهي ٿو ته هن پنهنجي تخليقي عمل کي ڪيئن وقت ڏنو آهي،۽ پنهنجو ڪم ڪهڙين حالتن ۽ لمحن ۾ هن تخليق ڪيوآهي منهنجي علم مطابق دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سائنسدان، سياستدان سرڪاري ڪامورا، ۽ اداڪار پڻ پنهنجون آتم ڪٿائونلکندا رهيا آهن ۽گڏيل نموني اهي به گهڻيون پڙهيون وينديون آهن، سنڌي ادب ۾ به اسان جن ڪيترن اديبن پنهنجون پنهنجون آتم ڪهاڻيون لکيون آهن، مگر انهن جو انداز پنهنجو آهي، مگر سنڌ جي هن عظيم شخصيت ۽ شاعرشيخ اياز صاحب جيڪو آتم ڪهاڻي جو انداز اپنايو آهي اهو ڪجهه الڳ آهي،اياز صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي ڪنهن به ترتيب سان ناهي لکي، پر اياز صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي جو انداز هڪ مولوي واري واعظ جهڙو رکيو آهي، جيڪو هڪ بيان کان ٻئي بيان تائين ڪٿان کان ڪٿي نڪري ٿو وڃي۔۔ اياز جي آتم ڪهاڻي ۾ اياز صاحب نه پنهنجو احوال ترتيب سان ڏنو آهي نه وري پنهنجن دوستن عزيزن جو، بس آتم ڪهاڻي لکندو ويو آهي، شايد ان ڪري ته کيس اهيو ڊپ رهيو ته هاڻ مون وٽ ٽائيم تمام گهٽ آهي، سو آتم ڪهاڻي کي گهمائيندو ويو آهي۔اياز صاحب جي آتم ڪهاڻي جا چارئي جلد مون پڙهيا آهن، ۽ اياز صاحب انهن ۾ پنهنجا عيب ثواب به تمام گهڻا لکيا آهن، عشق محبت مذهب، ۽ عياشي وارن ڪمن جو به ذڪر ڪيو آهي، مذهب تي به پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن،۽ وري اسلام ڏانهن موٽ کائڻ تي پنهنجي دوستن جي تنقيد جو به ڏک ڪڍيو اٿس۔جنهن کي پڙهڻ سان پڙهندڙ کي هڪ دلچسپي پڻ ٿئي ٿي۔ اياز صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي جا ڪجهه قصا پنهنجن هنن ڪتابن ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون ـــــــــــــــــ ۽ ساهيوال جيل جي ڊائري ۾بيان ڪيو آهن۔اياز صاحب جا مون وٽ ڪافي ڪتاب آهن نثر توڙي نظم ۾، اياز منهنجي پسند جو شاعر ۽ نثر نويس آهي، باقي اهيا هڪ حقيقت آهي ته اياز جهڙي شاعري سهڻي آهي اهڙو وري نثر سهڻو آهي۔سندس آتم ڪهاڻي جي مطالع مان اهيا چکي ريت پروڙ پوي ٿي ته اياز جو مطالعو تمام وڏو هو۔ جنهن جا عڪس سندس لکڻي مان ظاهر آهن، اياز صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي لکندي لکندي سنڌ جي سورن جي ڳالهه به تمام سهڻي نموني ڪري ويو آهي۔۽ سنڌ جي عورت تي ٿيندڙظلمبي شـــــرم وڏيــــــرن پـــيـــرن جا.جي روين جي به تمام سهڻي نموني ڳالهه ڪري ويو آهي۔جيڪا ڳالهه سندس شاعري ۾ به نظر اچي ٿي۔


    اڄ لال لَهوءَ جي سَرگم تي، ٿــــي مُنهنـــجي ڌرتي رقص ڪَـــري،
    مُنـــــهن هيڊ ٿيا غَـــــــدارن جا، بي شـــــرم وڏيــــــرن پـــيـــرن جا.
    هِي ماڻــــــهو وِھَه جـــــو ڍُڪّ ٿيا، جئن لُڪ لڳي تئن رُڪ ٿيا،
    اڄ آزاديءَ جي نـــــــعري ســـــان، ســـــڀ درد ويا دلـــــگـــيـــرن جا.
    هَر دوکي جي ديوار ڊَٺي ۽ اُن جــــــي سِـــــرَ ســــــِرَ ســـــان نه ملي،
    اڄ ڊوڙي هـــــــر ڪــــــــــو ديــــــــوانو ٿــو کـــــولي بند اسيرن جا.
    اڄ هر ڪــــــــــــنهن جو هـــــي رايو آ، تو نينهنُ ’ايــاز‘ نڀــــايو آ،
    تو ڳــــــــاتا گيت بغاوت جا ، تو لاٿا زنگَ ضميرن جا .



    ................. ڀاء وساڻ صاحب مان ته اهيو چوندس ته اياز صاحب جو نثر توڙي نظم هر سنڌي کي پڙهڻ گهرجي، وري به توهان کي شابس آهي جو توهان ايترو وقت ڏئي ڪري تمام سهڻو ڪم ڪري رهيا آهيو، ادا وساڻ صاحب اياز صاحب سان ته جيئري ملاقات ٿئي نه سگهي، باقي اگر توهان امر جليل صاحب سان ملاقات ڪرائيندو ته توهان جي مهرباني ٿيندي.امر صاحب سان ملاقات لاء دل تمام گهڻو چوندو آهي، مگر مون ٻڌو آهي ته امر صاحب هر ماڻهون سان ناهي ملندو.وڌيڪ توهان کي معلومات هوندي،
    توهان جو دعاگو ۽ دعا جو طالب
    ممتاز علي وگهيو ڪراچي.
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀاءُ ممتاز وسلام

    سدا سُکيا ۽ سرها رهو ....

    ها ملاقات کي ڪافي وقت ٿيو پر آخري ملاقات ڪجهه ڏينهن اڳ آرٽس ڪائونسل ۾ ٿي هئي مون سان گڏ چاچو ڪريم چانڊيو به گڏ هو. خير پوء به ملاقاتون ڪري سگهجن ٿيون ۽ ڪرڻ به گهرجن. سچل ڳوٺ پري ناهي ڪڏهن به اچو، بلا تڪلف هليا اچو.
    منهنجو ڪم ٻولي جي خدمت آهي جيڪو ان کان اڳ اوهان جهڙا دوست به ڪندا رهيا آهن ۽ مان پڻ سنڌ سلامت جي دوستن کان متاثر ٿي انهن جو ٻانهن ٻيلي ٿي پيس. ڪتاب گهر وارو سلسلو جاري آهي ۽ ان تي ڪم هلي رهيو آهي. هن وقت به ست اٺ ڪتاب ايڊيٽنگ جي مرحلي ۾ آهن ۽ جلد شيئر ڪبا. سچ ته ان ڪم ۾ به ڪافي ساري دوستن جو هٿ آهي، ساٿ آهي،
    امر جليل سان ملاقاتون ته آهن پر ڪا سرسري ڪچهري ناهي. جڏهن سچل ڳوٺ ۾ پروگرام رکيوسين ته اوهان کي به دعوت ڏبي.

    سدا خوش هجو ...
    دعائن ۾ ياد
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    توهان جوپنهنجو

    محمد سليمان وساڻ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    سائين ممتاز جو سائين سليمان لا لکيل خط پيار ڀريو لڳو.
    سائين سليمان نيٽ جي دنيا ۾ ٻولي جي خدمت ڪندي سوشل مڊيا ۾ ھڪ وڏو نالو پيدا ڪيو آھي، سائين سليمان پنھنجي مصروف زندگي مان وقت ڪڍي سنڌي ادب جي ڀرپور خدمت ڪري رھيو آھي، سندن کي سلام آھي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    افسوس جو ڪراچي ۾ 7-8 سال ٿي ويا پر هتي ئي هوندي ممتاز سان ملاقات نه ٿي.
    باقي سليمان وساڻ جي ته آءُ ۽ چاچا ڪريم ڳچي ۾ آهيون. موڊ هُجيس نه هُجيس پر اسان پنهنجي آڏن اُبتن خيالن سميت وڃي پُهچندا آهيون. پوءِ سليمان کي ڊسٽرب ڪري جيڪو مزو ايندو آ اُهو بيان ڪرڻ کان مٿي آهي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاها ......

    چاچو ڪريم ۽ اوهان جيئن به ۽ جهڙي حال ۾ به قبول آهيو ... يارن سان سِرُ لڳي ..... دوست آهن ته مزو به آهي، ڪچهري به ته ٽهڪڙا به ..... دوست سچل ڳوٺ ايندا رهن ٿا، سندن ٿورا آهن.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڪافي ڏينهن اڳ مون به ارادو ڪيو هو ڪراچي ۾ اچڻ جو ۽ توهان سان به ملڻ جو، پر سائين ذيشان رشيد تنهن وقت تمام گهڻو مصروف هُيو ۽ جنهن ڪم لا آيس پئي سو ٽيم_ويوئر تي ڪري ڏنائين، بس پو پير پوئتي هٽجي ويا...
    انشا الله ڪڏهن ڪراچي اچڻ ٿيو ته سچل ڳوٺ جو چڪر ضرور لڳائيندس.. :)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جڏهن به اچو .... اسان جون اکيون ٿڌيون.

    دل سان ڀليڪار ڪبي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام سٺو خط لکيو اٿواَ..... مزو اچي ويو پڙهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو