حسن درس پکي پرديس جا سُورج پرن پويان لڙي ٿو پيو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل

    حسن درس

    پکي پرديس جا سُورج پرن پويان لڙي ٿو پيو،
    ورڙ ان واٽ تي ويٺل، اڳيان جت رڻ رڙي ٿو پيو.

    لڳي وئي لاڙ سان آ لَنئون، اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون
    اسان کي عشق، سارين جيئن ڇنڊي ڦوڪي ڇڙي ٿو پيو.

    عمر جي آڱرين مان ڏس، ڦلن وانگي ڇڻون ٿا پيا،
    سڄڻ سگريٽ، سستي جيئن سڄو ماڻهو سڙي ٿو پيو.

    پُراڻو عشق پوڙهي جيئن، وڄت نڙ ڦُوڪ مان نڪتو
    ملڻ هي مير محمد جو، جوانن کي جڙي ٿو پيو.

    اوهان مُرڪي ملي آخر، هليا ويا شهر پنهنجي ڏانهن،
    اسان جي ڳالهه جي ڳل تان، اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو.

    وطن ۾ بي وطن معشوق، عاشق جو ملڻ ڪهڙو،
    زمانو زور تي تڙ تان، تماچين کي تڙي ٿو پيو..!​
     
    اشوڪ شرما، عبيد ٿھيم ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    وطن ۾ بي وطن معشوق، عاشق جو ملڻ ڪهڙو،
    زمانو زور تي تڙ تان، تماچين کي تڙي ٿو پيو..!


    واھ سائين درس واھ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    حسَنَ!
    اوهان مُرڪي ملي آخر، هليا ويا شهر پنهنجي ڏانهن،
    اسان جي ڳالهه جي ڳل تان، اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو.

    هئه هئه حسن.....
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. اشوڪ شرما

    اشوڪ شرما
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏11 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    واه واه
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو