فرمائشي پروگرام .

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Shabir Ahmed Qureshi طرفان آندل موضوعَ ‏9 اپريل 2016۔

  1. Shabir Ahmed Qureshi

    Shabir Ahmed Qureshi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    فرمائشي پروگرام .
    چور رات جو بازار مان ڪپڙي جي دوڪان ۾ چوٿون دفعو کاٺ هڻندي چوڪيدار هٿان پڪڙجي پيو .پوليس جج آڏو پيش ڪيس.
    جج .... توتي الزام آهي ته هڪ رات ۾ ڪپڙي جي دوڪان ۾ تون چار دفعا چوري ڪئي .
    چور ....جي قبله درست آهي.
    جج .... ڇو ؟
    چور .قبله پهرين چوري ۾ جيڪو ٿانُ هٿ لڳو سو ريشمي ڪپڙي جو هئو.گھر ويس ته زال چيو مئا مون کي ڪاٽن گھربل هئي .وري واپس آيس
    ٻي چوري ۾ لون (Lawn) جو ٿان هٿ آيو . اها سنهي هئي زال کي نه وڻي.... وري ٽيهر دوڪان جو تالو ڀڳم. هن دفعي ڪاٽن جو ٿانُ
    مليو جنهن جو رنگ نيرو هئو ....وري مائي ڪاوڙجي وئي ته مون کي گلابي رنگ پسند آهي.... لاچار رنگ مٽائڻ لاء موٽيس .هاڻي ٻڌايو ته هڪ رات ۾ چار دفعا دوڪان ۾ گھڙبو ته آخر ڪار موچڙا ته کائبا نه سرڪار.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو