احمدخان ڀرڳڙي/Ahmed Khan Bhurgri- هڪ بھترين استاد

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ انسان طرفان آندل موضوعَ ‏25 جولائي 2016۔

  1. انسان

    انسان
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 جولائي 2016
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    هل ته اچان ٿو
    ماڳ:
    سنڌ سموري منهنجي
    تحرير : انسان
    قدرت واري هر انسان ۽جاندارالڳ الڳ خوبيون رکيون آهن ۽ هر هڪ کان ڪم به الڳ الڳ وٺندو آهي. ايستائيبن جو سندن جسم فنا ٿي ويندو آهي پر سندن زندگي بيمثال بڻجي وڃي ٿي. ڪي انسان تاريخ ۾ نئين نسل جي آبياري ڪندي خود هڪ تاريخ بڻجي وڃن ٿا. انهن انسانن مان احمدخان ڀرڳڙي پڻ هڪ آهي. اڄ ان سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي محسن بابت ڪجه لکڻ لاءِ دل چيو آهي جيڪو پنهنجي زندگي قوم جي جياپي لاء جاکوڙيندو پيو اچي. احمدخان ڀرڳڙي10جنوري1972ع ۾ سنڌ جي لاڙ واري علائقي بدين شهر ۾ هڪ فقيراڻي گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو مولابخش هو جنهن کي علائقي واسي”ماما“ چئي پڻ سڏيندا هئا. احمدخان ڀرڳڙي ابتدائي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد بدين مان 1982ع ۾ حاصل ڪئي.1987ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان گورنمنٽ هاء اسڪول بدين مان پاس ڪيائين. سال1989ع ۾ گورنمينٽ اسلاميھ ڊگري ڪاليج بدين مان انٽرميڊيٽ ڪيائين. 1994ع ۾B.A جو امتحان سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين ۽ 2006ع ۾ M.Aجي ڊگري به سنڌ يونيوسٽيءَ مان حاصل ڪئي. سال 1997ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان B.Ed ، ۽ 2003ع ۾ M.Ed جي ڊگري پڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورومان حاصل ڪئي.

    پاڻ طبيعت ۾ سادا ۽ ننڍي وڏي سان خوش اخلاقيءَ سان ملن جلن ٿا. پاڻ پڙهڻ ۾ ننڍي هوندي کان ئي هوشيار ۽ چالاڪ هئا. ننڍي هوندي کان ئي بجليءَ جي ڪم سان شوق هوندو هو عام وائرنگ ڪرڻ ۾ ڪنهن کان به استادي نه ورتي پر پنهنجي ذهن سان سکي ويو. جيئن ته اهو سندس شوق هو تنهن ڪري ان کي ڪاروباري طور نه اپنايائين.ڪجھ عرصو بدين ۾ پرنٽنگ پريس تي به ڪمپوزنگ جو شوقيه طور ڪم ڪيائين استاد قادربخش جماليءَ جي زيرِ نگراني خط وغيره جي ڇپائي به سکيو، اهو ڪم به شوقيه طور ڪيائين نه ڪي ڪاروبار سمجھي ڪيائين. ان دؤران ڪجھ سنڌي فونٽ به ٺاهيائين جيڪي فقط پنهنجي استعمال ۾ هوندا هئا.

    ڪمپيوٽر ۾ شارٽ ڪورس آفيس فقط ٽن مهينن جي لاءِ سکيائين، پر جيئن ته بدين ۾ ايترا مستند سکيا مرڪز نه هجڻ ڪري وڌيڪ نه سکيو. ان دؤران سنڌي ڪمپيوٽنگ سان ذاتي دلچسپيءَ ۽ لڳاءُ هئڻ ڪري ڪجھ ڪتاب به ڪمپوز ڪيائين. اخبارن ۾ به ڪجھ مضمون لکيائين ۽ ڪجھ مضمونن جو ترجمون پڻ ڪيائين.

    ننڍپڻ کان ئي شاھ جي بيتن سان شوق هوندو هئس تنهن ڪري ڪافي بيت ياد هوندا هئا زمانن جي لاهن چاڙهن جي ڪري هاڻ ياد ٿيل بيتن مان به گھڻا وسري ويا آهن ۽ ڪجھ ياد به آهن جڏهن ته ڪجھ لکي محفوظ ڪيل پڻ آهن.

    شاعري ۽ راڳ رنگ سان دلچسپي سبب شاھ لطيف ، حمل فقير، سچل سرمست، شيخ اياز، ابراهيم منشيءَ ، استاد بخاري، تاجل بيوس، آسي زميني ۽ ٻين شاعرن جي به ڪافي شاعري ياد هئي. راڳ رنگ ۾ عابده پروين، استاد محمد جمن، استاد مٺو ڪڇي، علڻ فقير، اسلم تنيو، سرمد سنڌي، ٻيجل سنڌي، منظور سخيراڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن کي شوق سان ٻڌو.

    سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن بدين برانچ جو سرگرم ڪارڪن به رهيو ۽ جوائنٽ سيڪريٽري پڻ چونڊيو ۽ دوستن جي هم نظريي نه هئڻ سبب پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏيائين. سگا جي لڳندڙ ڪئمپن ۾ به سدائين سرگرم رهيو.‎الله تعالىٰاحمدخان ۾ ڪيتريون ئي صلاحيتون ۽ خوبيون سمايون آهن.پاڻ هڪ بهترين استاد آهن سندن ڪيترائي شاگرد يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪن پيا، ڪي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ مختلف پوسٽن تي ڪم ڪري رهيا آهن. پاڻ هڪ استاد سان گڏمضمون نگار۽ سوشل ورڪر پڻ رهيو آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 آگسٽ 2016
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    واه واه. سائين اسان جي هڪ دوست جو نالو به احمدخان ڀرڳڙي آهي. ڪٿي انهن جو ذڪر ته ناهي ڪيو ويو؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو