سائين والي ولايت راءِ جي درٻار صاحب عرف قنبر درٻار

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏4 آڪٽوبر 2016۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    سائين والي ولايت راءِ جي درٻار صاحب عرف قنبر درٻار

    سنڌ، هند ۾ مشهور قنبر جي هيءَ درٻار (هندن جي عبادت جي جاءِ) والي ولايت راءِ، شِوِ والي (عام چوڻيءَ موجب ’شوالي‘) پاڙي ۾، 1885ع ڌاري قائم ڪئي، جنهن ڪچيءَ جاءِ مان پڪي ٺهرائي. والي ولايت راءِ اصل هالا جو هو. هُو 1987ع ۾ قنبر آيو هو. هن درٻار صاحب جا سنڀالُو ولايت راءِ، جيوت سنگھ ۽ وشنداس (ڄم: 1889ع وفات: 1946ع) رهيا آهن. وشنداس چئن ڄڻن جي ٽرسٽ ٺاهي، جنهن کان پوءِ ٽرسٽي مقرر ڪيا ويا، جن ۾ بِرمانند ۽ موهن لعل به شامل هئا. درٻار صاحب جي موجوده ٽرسٽين ۾ سوڀراج وڪيل، اتم چند، مُکي ايسرداس وڪيل ۽ پروفيسر ڌرمپال جيسراڻي شامل آهن، جڏهن ته رکوالو سوڀراج وڪيل آهي.
    هن درٻار ۾ هر سال ڏِيارِي ۽ چنڊ تي 3 ڏينهن ميلو ٿيندو هو، جتي ٻاهريان شبي ۽ راڳي ايندا هئا، جن ۾ سنت ڪنور رام ۽ ماسٽر چندر به شامل هئا. ورهاڱي کان اڳ هتي ڀڳت به ٿيندي هئي. تنهن وقتِ جهڙي ڏياري قنبر ۾ ٿيندي هئي، سنڌ ۾ ٻيو ڪٿي به نه ٿيندي هئي.
    درٻار ۾ والي ولايت راءِ، جيوت سنگھ ۽ وشنداس جون سماڌيون ۽ تصويرون پڻ آهن.
    1992ع ۾ نوجوان شاعر ڪشور ڪمار گيمناڻيءَ هڪ آرتي ٺاهي هئي، جيڪا 14 مصراعن تي مشتمل هئي. اها آرتي روزانو درٻار ۾ پريمي ڳائيندا آهن.
    - رياضت ٻرڙو
     
    شاه محمد سڌايو ۽ عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي
  2. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    100
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    سائين ماڳ مڪان جا ويچار تہ وڻيا پر انهن ۾ تضويرون چار چنڊ لڳائي ڇڏين ها ! . پراڻيون عمارتون ڏاڍيون شاندار هونديون آهن ،ڏسڻ سان ئي من موهجي پوندو آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو