سنڌين سان مخاطب ماءُ ٻولي!

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏27 آڪٽوبر 2016۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڊاڪٽر شاهنواز ايم ڪي دل

    منهنجا پيارا ڳالهائيندڙ!
    آئون هڪ شاهوڪار زرخيز خوشحال ڌرتي جي ٻولي آهيان، صدين جي تاريخ جي امين، امن، ڀائيچاري ۽ وڏن گڻن واري شاهوڪار ٻولي. اڄ ڪلهه مون کي ڪجهه عجيب خوف ورائي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته قومن ۽ ٻولين تي ڪي اهڙا انوکا وقت ايندا آهن، جو انهن جو وجود ڌڏندو ۽ لڏندو محسوس ٿيندو آهي ۽ ان قوم جا فرد ماضي جي شاندار روايتن ۾ زندهه رهڻ جا هيراڪ ٿي ويندا آهن، پر جڏهن حقيقتون انهن اڳيان نکري نروار ٿينديون آهن، تڏهن گهڻو ڪجهه وڃي چڪو هوندو آهي. ٻولين جي بقا ۾ جتي عام ماڻهو کان ويندي تعليمي نصاب، سياسي ڏاهپ ۽ ادبي اڳڀرائي اهم هوندي آهي، اوترو ئي روايتي ۽ غير روايتي ابلاغ جي ذريعن جو پڻ اهم ڪردار هوندو آهي. ٻولي هڪ ورثو آهي، ٻولي هڪ خزانو آهي، توهان کي خبر هجڻ کپي ته ٻولين جي نگهبان ۽ نگران عالمي ادارن جي تحقيق ۽ سروي موجب ڪيتريون ئي ٻوليون آهستي آهستي مري ويون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن ٻولين جي اصلوڪي ڳالهائيندڙن آهستي آهستي عالمي زبانن جي اثر هيٺ ايندي پنهنجي ٻولين کي وسارڻ شروع ڪيو آهي، يا وري نئين آيل ٻوليءَ ۽ ثقافت جي يلغار کي قبول ڪن پيا. توهان کي اها خبر هجڻ کپي ته منهنجا ڳالهائيندڙ سنڌو سڀيتا جا مالڪ سنڌي سٻاجهڙا پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي روزمرهه جي ڪرت وقت ٻين ٻولين جا لفظ ٽنبڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. مون کان منهنجا پنهنجا ئي اوپرا ٿيندا پيا وڃن، ڇاڪاڻ ته جيجل امڙ جي لوليءَ کي وساري ماما، پاپا، ڊيڊي نسل کي اڳيان وڌائي پنهنجي پر ۾ ”وڏ ماڻهپي“ ڏانهن پيا وڌن. هيءَ جيڪا ٻوليءَ جي خلاف يلغار هلي پئي، انهيءَ ۾ پراون سان گڏ پنهنجا به شامل آهن. جڏهن هڪ حڪمران ڌر جي سينيٽر ملڪ ۾ ڳالهائيندڙ سڀني علائقائي ٻولين جي لاءِ قانون ۽ انصاف واري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سنڌي سميت علائقائي ٻولين جي ترقي ۽ بچاءَ وارو بل پيش ڪيو ته انهيءَ کي هڪ حڪمت عملي تحت رد ڪيو ويو.
    آئون توهان کي ٻڌائيندي هلان ته منهنجا ڳالهائيندڙ اديب ۽ دانشور اڄ ڪلهه انهيءَ بحثن ۾ لڳا پيا آهن ته منهنجو وجود پنج هزار سال پراڻو آهي يا اٺ هزار سال پراڻو آهي. منهنجي تاريخ جا نشان ڳوليندڙن کي مصر، ميسو پوٽيوميا، مايا سڀيتائن، سميرين کان ويندي موئن جي دڙي جي آثارن ۽ سنڌو ڪناري لکيل ويدن توڙي سنڌ تي حڪومت ڪندڙ راءِ گهراڻا جڏهن سرڪاري ڪاروهنوار سنڌي ۾ هلائيندا هئا. ويجهي ماضي جي انگريز سرڪار جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن انهن ايندي شرط ٻولي جي استعمال ۽ رتبي لاءِ قانون ٺاهيا ۽ سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو ۽ پنهنجي انگريز عملدارن لاءِ سنڌ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ شرط رکيو هو ته جيڪڏهن اهو سنڌي لازمي ڇهن مهينن ۾ لکي پڙهي نه سگهندو، ان کي واپس ڪيو ويندو. پاڪستان جي قيام جو پهريون ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي سنڌيءَ ۾ پاس ڪرايو. منهنجا ڳالهائيندڙ سوچيو ته، اڄ آئون ڪهڙي وقت مان گذري رهي آهيان. هيترن سارن سنڌيءَ جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ڇپائي جي ادارن جي هوندي ٻوليءَ کي جيڪڏهن چڪاسيو وڃي ته مون سان ٿيندڙ سمورين ويڌنن جون وارتائون عالم آشڪار ٿي اوهان جي سامهون اچي وينديون. سنڌ صوبي جي رکوال سنڌ اسيمبلي ۾ چونڊيل نمائندا ٺهراءَ ٻين ٻولين ۾ پيش ڪن ٿا ۽ پاس ڪرائين ٿا! جيڪي قومون ترقيءَ جي مينار تي ويٺل آهن، اهي قومون پنهنجي ٻولي ۾ دنيا جي سمورن علمن کي اٿلائين ٿيون، شاهڪار لکڻين جا پنهنجي ٻولين ۾ ترجما ڪيا وڃن ٿا، پر اسان جي ٻولي جا ادارا شايد پنهنجا نوازڻ ۾ خوش آهن. توهان هن ملڪ ۾ قومي ٻولي جو درجو ماڻيندڙ اردوءَ ڏي نگاهه ڪندو ته اهي ڪيئن نه سائنس، فلسفي، تاريخ، جاگرافي سان گڏوگڏ طب جا ڪتاب پنهنجي ٻولي ۾ ترجما ڪرائي رهيا آهن. اسان وٽ جيڪي به پرائيويٽ اسڪول آهن، اهي پنهنجي اسڪولن ۾ سنڌي کي ڌڪاري ويٺا آهن، اسان جي سنڌ جي سمورن شهرن ۾ جيڪي ملڪي سطح جا يا ٻاهرين ملڪن جا نصاب پڙهائيندڙ پرائيويٽ اسڪول آهن، انهن سمورن جي شاگردن جي انگ کي جيڪڏهن ڳاڻيٽي ۾ آندو وڃي ته اتي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ٻارن جو انگ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو. اهي سمورا پرائيويٽ اسڪول ڪمائن به مون کي ڳالهائيندڙ ماڻهن مان ٿا ۽ اکيون به اسان کي ٿا ڏيکارين. مون کي ڪنهن ٻولي سان ڪو ساڙ نه آهي ۽ نه ڪو حسد آهي، ڀل سموريون ٻوليون ڳالهايون وڃن، لکيون وڃن، پڙهايون وڃن، پر منهنجي ڌرتي تي مون سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ نه ڪيو وڃي. آئون پنهنجي ڳالهائيندڙن سان اڄ احتجاج طور تي ڳالهايان پئي. ڇاڪاڻ ته اسڪول هجن، ڪاليج هجن، روڊ هجن، رستا هجن، واپاري مرڪز هجن، جيڪڏهن اهي همت ڀريي طريقي سان سنڌي ۾ ڳالهائڻ کي اوليت ڏين ته ٻين ٻولين ۾ ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن جي مجبوري ٿيندي ته اهي سنڌي سکن، سنڌي پڙهن ۽ سنڌي لکن، ڇاڪاڻ ته انگريز حاڪم پاڻ تي سنڌي سکڻ لازم ڪري سگهن ٿا ته هن وقت جا هي ٻاهران آيل ماڻهو به سنڌي لکڻ تي مجبور ٿي پوندا.
    سوشل ميڊيا توڙي ابلاغ جي ذريعن تي ٻولي جي لهجي، اچار، صورتخطي کان ويندي مختلف مرحلن ۾ ڌارين لفظن جي يلغار هڪ چتاءُ طور تي اڳيان اچي رهي آهي. اسان جي روڊن، رستن تي گس ڏيکاريندڙ تختيون يا منزل ڏيکاريندڙ پٿر ٻين ٻولين ۾ لکيل آهن. چار ڪروڙ آبادي واري ڌرتي تي هلندڙ مختلف ٽي وي اشتهارن کي عالمي توڙي ملڪي ڪمپنيون سنڌي ۾ آڻڻ بابت نٿيون سوچين.
    shahnawazbest74@gmail.com

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    100
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    مٺڙي ٻولي ٿي ٻاڪاري ...
    ڪوآهي منهنجو لال
    جيڪو
    منهنجي سينڌ سنواري ،
    ٻين جي آڏو آڻي بيهاري ،
    ستل ٻچڙا منهنجا اٿاري ،
    غدارن کي غيرت ڏياري
    اڳواڻن کي اک ڏيکاري
    پوري تن کان پت به پاري
    ويڙهيچن لئه واٽ ويچاري
    ڏيئو ڪوئي ٻاٽ ۾ ٻاري
    سرهائين جو سج اڀاري
    هيڻائين تي هان نه هاري
    ڏونگر سارا ڏاڍ جا ڏاري
    ڪوئي آهي منهنجو لال
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو