سنڌ سلامت آن لائين لائبريري

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    آن لائين لائبريري ڪتاب حاصل ڪرڻ به سولو، پڙهڻ به سولو، ٻئي کي ڏيڻ به سولو، نه کيسي تي خرچ نه ئي ڪو وزن

    مٺل جسڪاڻي

    ڪتاب جي اهميت ۽ ضرورت کان پاڻ سڀ چڱي ريت واقف آهيون. ان ڪري لکيل پڙهيل اڪثر ڪري هڪ نه ته ڪنهن ٻئي ڪتاب جي ڳولا ۾ هوندا آهن. ڪتاب ڪنهن هڪ موضوع تي نه، مختلف حوالن سان، ڪو هڪ نه مختلف ليکڪ لکندا ۽ اشاعتي ادارا شايع ڪرائيندا آهن. ضرورتمند ڳولي، خريد ڪري، پڙهندا به آهن، پاڻ وٽ محفوظ به ڪري رکندا آهن.
    پاڻ وٽ اڳي، ڪي ٻه ٽي ڏهاڪا اڳ تائين، تمام سٺا لکندڙ ۽ سٺا ڇپائيندڙ هوندا هئا، ان ڪري پاڻ وٽ شايع ٿيندڙ ڪتاب به دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ لکجندڙ ۽ پڙهجندڙ ڪتابن وانگر گهڻا اهم هوندا هئا. هاڻي ماحول گهڻو بدليل آهي. ڪتاب ڇپرائيندڙن جي اڪثريت مڪمل طور تي ڪاروباري ۽ جڳاڙي روزگار واري هجڻ ڪري، گهڻو ڪري سٺو ڪتاب گهٽ ڇپرائي ٿي! جيڪي جيڪي ليکڪ، ليکڪ آهن به يا نه، بس، ليڪا پائي، ڪاغذ ڪارا ڪري، پنهنجو ڪتاب پاڻ لکي، پاڻ خرچ ڪري، ڪتاب ڇپرائي، مفت ورهائيندا وتن، انهن ليکڪن ۽ ڪتاب ڇپرائيندڙن، ڪتابن جي اهميت کي، ڪتابن جي ساک کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي.
    پنهنجو ماحول هاڻ ڪجهه اهڙو جڙي پيو آهي، ته جيڪو جيڪو به سٺو ليکڪ آهي، جنهن جنهن جي به لکڻين جي گهرج آهي، ان وٽ ڪتاب ڇپرائڻ جيترو خرچ نه آهي، ان ڪري پنهنجو ڪتاب پنهنجي خرچ تي ڇپرائڻ سندس وس ۾ ئي نه آهي ۽ بازار ۾ اشاعتڪارن جون مانڊڻيون، مالي طور اهڙيون مظبوط نه آهن، جيڪڏهن ڪٿان ڪيئن به ڪري، ڪتاب شايع به ڪرائين، ته اهو وڪڻڻ وڏو مسئلو آهي، تنهن ڪري پاڻ وٽ معياري ڪتاب تمام ٿورو ڇپجي ٿو!؟ اهو هڪ وڏو الميو آهي.
    اڳي جي ڀيٽ ۾ اڄ ڪلهه معياري ڪتاب تمام ٿورڙا شايع ٿي رهيا آهن. جڏهن ته غير معياري ڪتابن جي مفت ورهاست جي ڪري نه صرف ڪتاب ڇپرائيندڙ ادارن، بلڪ ڪتاب وڪرو ڪندڙ دڪاندارن، مانڊڻين ۽ گاڏي وارن کي بي لغام ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن به شريف پڙهندڙ کي، ڪنهن به ڪتاب خريد ڪري پڙهندڙ جي خواهشمند کي، پنجاهه روپين جي ماليت وارو ڪتاب، دڪان توڙي گاڏي تان، ڏيڍ ٻه سئو روپين کان گهٽ نه ملندو آهي! ۽ اهڙي ماحول ۾ ڏندين آڱريون تڏهن اينديون آهن، جڏهن هن مهانگائي جي دور ۾ ۽ گهٽ آمدني وارن پڙهندڙن جي اڪثريت کي، گهٽ ۾ گهٽ 500 روپيا ۽ پوءِ ٻن ٽن هزارن جي قيمت وارو ڪتاب ڏيکاري، کين پڙهڻ لاءِ اتساهيو ويندو آهي!
    پاڻ وٽ خراب ڪتاب کي به، ڪتاب جي رونمائي تقريب، اها به هڪ دفعو نه، هڪ کان وڌيڪ دفعا مهورت ڪرائي، ڪتاب تي تبصرا لکرائي ۽ ڇپرائي، تمام سٺي ڪتاب طور مشهور ڪيو ويندو آهي، جيڪو ليکڪ جي ترجيح وارن کي مفت ۾، خريد ڪري پڙهندڙن کي وٺڻ لاءِ گهڻو مهانگو پئجي ويندو آهي!
    بهرحال، پاڻ وٽ سچ به ته سٺو ليکڪ به پريشان آهي ۽ سٺو پڙهندڙ به پريشان آهي. اڪثريت جا مالي وسيلا محدود ۽ ضرورت کان گهڻي گهٽ آمدني آهي، ان ڪري ڪتاب ڇپرائڻ ته هونئن ئي وڏو مسئلو آهي، ”خبرون کاڌن کان پڇو“، پر سٺو ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ به ڪو گهٽ مسئلو نه آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ وٽ جيڪي ڪتبخانا يعني لائبرريون آهن، انهن جي حالت، صورتحال به عجيب، روئارڻ جهڙي آهي.
    اهڙي ماحول ۾، جڏهن ڪتاب خريد ڪرڻ مسئلو هجي، ٿوري خرچ تي ڪتاب ملڻ ممڪن نه هجي، جيڪڏهن ڪنهن به لکيل پڙهيل انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ پڙهندڙ کي، انٽرنيٽ تي سندس عام معمول واري خرچ ۾، ڄڻ ته مفت ۾ پڙهڻ لاءِ ڪتاب ملي وڃي، ته ڪيئن ٿا ڀانيو؟
    ”سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام“ نالي هڪ فلاحي اداري، انٽرنيٽ تي علمي، ادبي، ثقافتي، سائنسي ۽ سماجي پهلوئن تي مفيد معلومات مهيا ڪرڻ جو ڪم ڪندڙ سٿ، هڪ ٻيءَ تمام سٺي وک کڻي، ڊيسڪ ٽاپ. ليپ ٽاپ ۽ انٽرنيٽ هلائي سگهندڙ موبائيل سيٽ تي ”سنڌ سلامت ڪتاب گهر“ مهيا ڪيو آهي. جنهن کي اوهان اهڙي صاف سٿري، خاموش، جتي جتي به انٽرنيٽ هلي سگهي، اتي ملي سگهندڙ اهڙي لائبرري چئي سگهو ٿا، جنهن تان پنهنجي پسند جو ڪتاب پاڻ وٽ محفوظ ڪري، اوهان ان وقت پڙهي سگهو ٿا، جنهن وقت اوهان وٽ انٽرنيٽ جي سهوليت به نه هجي!؟ ۽ اهو سڀ ڪجهه مفت ۾! صرف اوهان جي عام انٽرنيٽ خرچ عيوض!
    ”سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام“ جي ”سنڌ سلامت ڪتاب گهر“ ۾ موجود ڪتاب حاصل ڪرڻ به سولو، پڙهڻ به سولو، ٻئي کي ڏيڻ به سولو، نه کيسي تي خرچ نه ئي ڪو بار ڀري، پر ڪتاب… ڪو هڪ ٻه ٽي نه، في الحال سَوَنِ جي تعداد ۾، جيئن پوءِ تيئن انهن ڪتابن جو تعداد وڌي به رهيو آهي. ممڪن آهي هڪ سال اندر اتي هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب ملي سگهن.
    ”سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام“ جي ”سنڌ سلامت ڪتاب گهر“ مهيا ڪندڙ سٿ جي سمورن ساٿين سميت محمد سليمان وساڻ کي شابسون هجن. واڌايون هجن. ڪتاب پڙهڻ جا خواهشمند، ضرورتمند، شوقين، عادي، ٿوري ٿوري ساهي يا مهيني سوا جي وقفي سان ”سنڌ سلامت ڪتاب گهر“ گهمندا رهن، پنهنجي پنهنجي پسند جو ڪتاب مفت ۾ حاصل ڪري پڙهندا رهن. ان طرف ڌيان نه ڏين ته اتي ٻيا ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب ڇو آهن؟ ڇو ته هر ڪتاب جا پنهنجا پڙهندڙ آهن. اوهان پنهنجي ضرورت وارو ڪتاب پڙهو، ٻئي جي ضرورت وارو ڪتاب، اتي موجود هجڻ کي برداشت ڪريو.
    ”سنڌ سلامت ڪتاب گهر“ ۾ هي ٻه اکر لکڻ وقت 325 ڪتاب موجود آهن، جن ۾ 52 شاعري جا، 39 ڪهاڻين جا مجموعا، 30 ناول، هڪ آتم ڪٿا، الطاف شيخ ڪارنر ۾ سندس 29 سفرناما به آهن، پر 11 ٻيا ڪتاب مختلف ليکڪن جي سفرنامن جا به آهن. 40 ڪتاب تاريخ، فلسفي ۽ سياست تي، 34 ڪتاب لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيقي تي، 26 ڪتاب شخصيتن ۽ خاڪن تي، 21 ڪتابن جو موضوع مذهب، 16 ڪتاب مختلف موضوعن تي، سنڌ شناسي تي 06 ڪتاب، ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل به 06 ڪتاب، 03 ڪتاب لطيفيات تي، 03 ڪتاب تعليم ۽ 03 ڪتاب ٻاراڻي ادب جي حوالي سان آهن، ٻه ڪتاب سيلف ڊولپمينٽ، 02 ڪتاب سائنسي علم تي ۽ 01 ڪتاب ڏاهپ، اخلاقيات تي آهي. انهن ڪتابن مان ڪجهه ڪتاب 43455 ماڻهن ڊائون لوڊ ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪيا آهن، پڙهيا آهن ۽ سنگت ساٿ ڏانهن پڙهڻ لاءِ موڪليا آهن. انهن 325 ڪتابن کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ وارن جو تعداد 130680 آهي.
    اهو سڄو ڪم، بنا معاوضي، علم جي روشني ڦهلائڻ جي لاءِ، شعوري سگهه وڌائڻ لاءِ محمد سليمان وساڻ، عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم، عبدالحفيظ لغاري، گل حسن لاکو ۽ سجاد علي سرانجام ڏئي رهيا آهن. سندن هن عملي ڪم تي کين شاباسون هجن.


    عوامي آواز سنڊي ميگزين 6 نومبر 2016
     
  2. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    تمام بهترين مضمون سنڌ سلامت جي محنت ۽ جدوجهد تي
     
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
  4. انجينئر

    انجينئر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2021
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    آئون سلام ٿو پيش ڪيان سليمان وساڻ،عبيد ٿهيم،عبدالحفيظ لغاري،گُل حسن لاکو ۽سجاد علي کي جيڪي بنا ڪنهن معاوضي جي سنڌ سلامت جي پليٽفارم تان هي ڀلائي جو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن.سائين جن حقيقت ۾ سنڌ جي نوجوانن توڙي هر هڪ پڙهيل لکيل ماڻهون لاء تمام گھڻيون سولايون پيدا ڪيون آهن...
    مونکي سنڌ سلامت جي اڱڻ آئي ٿورا ئي ڏينهن ٿيا آهن پر يقين پڇو تمام گهڻو لاب مليو آهي مونکي هن پليٽفارم تان.
    بس توهان سڀني لاء نيڪ تمنائون، سدا خوش هجو ۽ ايئن ئي اڳتي ڪاميابيون ماڻيندا رهو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو