ڪبوترن جو شوقين گومل

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ اظهر سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2017۔

  1. اظهر سولنگي

    اظهر سولنگي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 جولائي 2016
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڪبوترن جو شوقين گومل

    اظهر سولنگي / ميهڙ



    گومل پنهنجي شوق کي پورو ڪرڻ لاء پيء جي اڳيان هر هر آزيون ڪري چئي رهيو هيو” بابا صرف هڪ دفعو منهنجي دل جو شوق آ پورو ڪرڻ ڏيو.“

    پڻس کيس هر دفعي اهو چئي ڳالهه کي ٽاري ڇڏي پيو ته تون هنن جو خيال نه رکي سگهندي ۽ داڻي پاڻي لاء ساسي ويچارا وتندا ٻاٿون کائيندا

    پر گومل جو اهو ضد هو ته پنهنجي حسرت پوري ڪري ان ڪري هر دفعي پنهنجي ضد تي بيٺل رهندو هو

    نيٺ پڻس کي مجبور ڪري وڌائين ۽ ڪبوترن جي جوڙي شهر مان وٺي ڏنائين. پر ان اعتبار تي ته هو پکين کي تنگ نه ڪندو.

    ڏينهن جيئن ٿي گذريا ته گومل جي ڪبوترن جي خفتين سان سڄي شهر ۾ ڏيٺ وائٺ ٿيندي وئي. ڪجهه خفتي هن کي دوستي ۾ شوق وڌائڻ لاء ڪبوتر ڏيئي به ٿي ويا. ائين هن وٽ به آهستي ڪبوترن جو تعداد وڌندي ٿي ويو.

    گومل پنهنجي خفت ۾ ٻيا سمورا ڪم ڇڏي ڏنا. جيتري قدر پڻس کي خدشو هيو ته هو اسڪول جي پڙهائي تان شوق گھٽائي ويندو سو خدشو هاڻي هن جو تجربو بڻجي ويو هو گومل واقعي به اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو هو جيڪڏهن پڻس وٺي وڃي اسڪول ڇڏي ٿي آيو ته رسيس مهل اسڪول مان نڪري پنهنجي ساڳئي ڌنڌي سان ٿي لڳي ويو.

    ايتري قدر جو امتحانن اچي ويجهو ٿيا هيا ۽ گومل پنهنجو اسڪولي ڪو به ڪم پورو نه ڪيو هو ائين هن ڀيري امتحانن ۾ سموري ڪلاس جي ٻارن کان گهٽ مارڪون کڻي مس وڃي پاس ٿيو هو.ڪبوترن جي شوق ۾ هن پڙهائي ته ڇڏي ڏني هئي پر هاڻي گهر جا به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنا هئا. پڻس جو به چوڻ آکڻ تي هن ڪا به اک نه ڌري ٿي. هو سڄو ڏينهن ڪبوترن جي پٺيان شرطون رکي وتندو هو گهمندو. ان ڪري هاڻي گهر وارن ۽ پڻس به هن کان بيزار ٿيڻ لڳو هو.

    ڪبوترن جي شوق ۾ کيس پنهنجي خبر به هوندي هئس ته هو ڪٿي آهي. هڪ ٻه ڀيرو ائين ڪبوترن کي اڀ ۾ اڏامندي ڏسڻ لاء نظرون مٿي هيس هن کي اها به خبر نه هئي ته هن جا پير ڪٿي آهن يا پويان ڇا آهي تڏهن خبر پئي ته همراهه گٽر جي نالي ۾ وڃي ڦهه ڪيو. پوء ته ڊوڙي وڃي پاڙي جي هڪ احساس مند ماڻهو ڇڪي ٻاهر ڪڍيس پر هن جا ساٿي همراهه هن مٿان کلي کلي کيرا ٿي پيا، چون“ ڏسو گومل کڏ ۾ وڃي ڪريو آهي”. اها هئي هن جي سنگت.

    پڻس کيس وري به اولاد سمجهي هن کي سڌي رستي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو پر شوق ۽ خفت ۾ هن کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي. هڪ ٻئي دفعي جي ڳالهه آهي ته شهر مان سبزي وٺڻ لاء هن موڪليو ويو. همراهه کي چالاڪي ڪرڻ جو خيال آيو دل ۾... ڇا ڪيئين جو سبزي جي پئسن منجهان ڪوٺي تان هڪ ڀلو ڪبوتر وٺي واپس وريو، هن کي اها سوچ ڪونه هئي ته گهر وارا ڪو منهنجي انتظار ۾ هوندا. هن کي صرف پنهنجي خفت جي هئي ان ڪري هو خفتن سان نڪري ويو. هوڏانهن گهر وارا هن جو انتظار ڪري رهيا هئا. گهڻي دير کانپوء جڏهن گومل گهر واپس پئي آيو ته هن جو سڄو ڌيان ڪبوتر ڏانهن هيو ايتريقدر جو رستي تي گهڻي آمدرفت هجڻ جو به هن کي ڪو شعور نه هيو. اوچتو هڪ پٿر ۾ هن جا پير اٽڪيا ۽ همراهه ٿڙي وڃي روڊ تي پيو. پويان هڪ تيز رفتار ڪار جي بريڪ لڳڻ سان زوزٽ پئجي ويا ۽ ڪار جو پويون حصو اچي هن کي لڳو پر هن جون نظرون اڃا به ڪبوتر ۾ هيون، جيڪو ڪبوتر هن کان هٿ مان نڪرڻ ڪري اڏامي رهيو هو. گومل جي پيرن مان ٽائر چڙهي وڃڻ ڪري رت وهي رهيو هو. ان وقت به شهر جا ماڻهو هن کي ڪم اچي ويا جيڪي هن کي اسپتال پهچائي ملم پٽي ڪرائي رهيا هئا ته مٿان پڻس به اچي پهتو جنهن کي بعد ۾ خبر پئي هئي. گومل کي جڏهن پيء اهڙي حالت ۾ گهر وٺي آيو ته سمورا گهر جا ڀاتي به پريشان ٿي ويا. پر گومل جون نظرون اڃا به گهر جي ڇت تي ويٺل ڪبوترن منجهه هئي.

    گومل جي اهڙي خفت گهر ڀاتين کي گهڻو پريشان ڪري ڇڏيو هو ان ڪري گومل جي پيء گومل جي ڪنهن به خواهش جو خيال نه ڪيو ۽ ڪبوترن جا پر کولي ڇڏيا ۽ ڪبوتر ويچارا جيڪي قيد جون گهڙيون گهاري رهيا هئا گومل جي ان قيد منجهان آزاد ٿي ويا.

    سو پيارا ٻارو! گومل ڪبوترن کي ته قيد رکيو پر پاڻ به خوش رهي نه سگهيو. ان ڪري ڪابه اهڙي خواهش نه رکجي جنهن جي نتيجي ۾ پاڻ کي نقصان پهچي. پنهنجو اعتبار نه رهي ۽ پنهنجي والدين کي به تڪليفون اينديون رهن. ان ڪري پاڻ کي اهڙيون خواهشون رکڻ گهرجن جيڪي والدين جي خوشي جو باعث بڻجي سگهن ۽ ڪنهن کي به ڪو نقصان نه پهچي اهو ئي سٺو ٻار سمجهيو ويندو آهي.
     
    شبير ساگر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو