چار موسمون ... ڏکن پويان سک

'سنڌي ادب' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ
    هڪ موسم جي ڏک کي پنهنجي زندگيءَ جي سمورين موسمن تي قبضو ڪرڻ نه ڏيو

    هڪ ئي جڳهه تان مختلف موسمن ۾ ورتل چار تصويرن کي غور سان ڏسو

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    زندگيءَ جو سبق

    هڪ ماڻهونءَ کي چار پٽ هئا، سندس خيال آيو ته پنهنجن پٽن کي قدرت جو قانون سمجهائي ... سو هن سڀني کي ڌار ڌار موسمن ۾ ناشپتيءَ جي وڻ جي مشاهدي لاءَ موڪليو ...

    پهريون پٽ سياري جي موسم ۾ ، ٻيو بهار ۾، ٽيون اونهاري ۾ ۽ چوٿون سرءَ ۾ ويو...

    جڏهن سڀ موٽي آيا ته کين پيءُ سڏايو ۽ سوال ڪيو ته هنن ڇا مشاهدو ڪيو؟ ...

    پهرين پٽ چيو ته وڻ بڇڙو، بي ڍنگو، سڙيل ۽ چٻو ڦڏو آهي، ٻي چيو ته وڻ سائو ۽ ڦلدار هو، ٽين پٽ ٻنهي کان اختلاف ڪندي چيو ته اهڙو سهڻو وڻ مون زندگيءَ ۾ نه ڏٺو آهي، وڻ تي تمام سهڻا گل هئا جن جي خوشبو روح کي خوشي ۽ ساوڪ اکين کي تازگي ڏيندڙ هئي، چوٿين چئني سان اختلاف ڪندي چيو، وڻ ته ميوي سان ڀريل هو ۽ مڪمل تازگيءَ سان زندگيءَ جو ڏيک ڏئي رهيو هو ...

    تنهن تي پيءُ کين چيو ” اوهين سڀ صحيح آهيو جو اوهان سڀ ان وڻ جو مشاهدو ڌار ڌار موسمن ۾ ڪيو آهي ... ۽ اوهان صرف هڪ موسم جي ڏسڻ سان ان وڻ جي زندگيءَ جو ڪاٿو يا ساڻس انصاف ڪري نٿا سگهو ... ساڳيءَ طرح ڪنهن به ماڻهونءَ جي زندگي ۾ آيل خوشي يا ڏک جو ڪاٿو انجي آخرت مان ئي ڪري سگهجي ٿو جڏهن هو زندگيءَ جون سڀ موسمون گذاري وڃي“

    جيڪڏهن اوهان سياري جي ٿڌ جي تڪليف ۾ ڏئي وٺي بيهندا ته پوءِِ زندگيءَ ۾ ايندڙ بهار جي خوشين ، اونهاري جي خوبصورتي ۽ سرءُ جي پتجهڙ کي وڃائي ويهندا ....

    حاصل مقصد؛
    پنهنجي هڪ ڏک کي پنهنجي باقي حياتيءَ تي اثرانداز ٿيڻ نه ڏيو ... ڪنهن هڪ تڪليف سان سموري زندگيءَ جو ڪاٿو نه ڪريو ... ۽ پڪ ڄاڻو ته انڌيري کانپوءِ روشني ضرور ٿيندي ۽ ڏک جي پويان خوشي ضرور ايندي ... رات جي اونده صبح جي اچڻ جو پيغام هوندو آهي ...

    ياد رکو!
    خالق حقيقي ڪمال مهارت سان هر شئي کي مختلف وقتن ۾ مختلف حالتن مان گذاري ٿو ...
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين توهان جي ان شيئرنگ جي ڪهڙي نموني تعريف ڪجي ؟
    لاجواب شيرئگ آهي ادا
     
  4. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    ادا توهان بلڪل درست فرمايو
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا فقير سائين ۽ ڀائڙا وحيد
    جي اگهي ته پاءُ نه ته مڻن کي ئي موٽ، هي به اهڙي ئي قسم جو ليک آهي، گهوڙن جا ٻه قسم آهن، هڪ ٽٽون ۽ ٻيو تازي ... چوڻي آهي ته ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو ... اسين انسان به ڪجه اهڙن ئي قسمن ۾ آهيون ڪي ته اشاري سان ئي سمجهي ويندا آهن ۽ ڪي ته سڄي قصي ٻڌڻ کانپوءِ پڇندا آهن ته زليخا مرد هئي يا عورت !!!

    اڄ ئي ادا علي علي جو موڪليل سائين شمشير جو موڪليل هي شعر ان موضوع سان پڻ مطابقت رکي پيو ...

    ميخانهءِ جھان ۾ لٽائي شراب زيست،
    اي دوست! زندگيءَ جي بهارن جي ڳالھ ڪر.
    pasand
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني ادا نثار ابڙو، مُنهنجي خيال ۾ اها ئي زندگي آهي، سڄو سارو انسان اشرف الخلوقات انهيءَ پروسيس مان گُذري ٿو، چئني موسمن مان ماڻهو گُذري ٿو، گرمي ۾ سرديءَ جي ڳالهه ڪري ٿو،ائين وري جڏهن سيارو پنهنجي ڦوهه جواني ۾ هوندوآهي ته اونهاري کي پيو واجهائيندو آهي، اهڙي، طرح بهار خزان، ٻئي هڪ ٻئي جو ضد آهن، مٺا نثار ابڙا مونکي ته پنجين موسم پيار جي وڻندي آهي، پيار ۾ ڏُک ڏاکڙا ملندا آهن، تڏهن به عاشق ويچارو پيو گد گد ٿيندو آهي، پيار ڪرڻ واري کي نه سرديءَ جي پرواهه ۽ نڪو گرميءَ جي اون، بس مُنهنجي اها دلي دعا آهي، ته پيار ڪرڻ جي موسم هر پيار جي پانديئڙي جي دل مٿان ڇانيل هُجي، ۽ اسان جهڙا ۽ توهان جهڙا ان موسم جي هُڳاءُ ۽ ٿڌاڻ حاصل ڪندا رهن. توهان جي مهرباني جو توهان اهڙي بهترين حڪايت اسان سان شيئر ڪئي.​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين نثار ابڙو صاحب۔۔
    توهان پنهنجي خوبصورت لکڻي کي تصويرون لڳائي اصل موهي ڇڏيو۔۔۔۔
    ڳالهه جيڪڏهن موسم جي آهي ته ٻالڪپڻ ۾ ته هر موسم لاجواب هوندي آهي نه ڏک جو پتو نه سُور جي خبر بس هر موسم رنگين ۔۔۔۔
    جواني جي موسم جي خبر ته سائين نثار احمد ناز جن جي خوبصورت لفظن سان ظاهر آهي۔۔
    عمر جا باقي سال ته دل جي موسم تي هوندا آهن ڪڏهن ته سرء ۾ به جهومڻ تي دل چوندي آهي ۽ ڪڏهن بهار جي رنگيني ۾ اداسي ڇانيل هوندي آهي۔۔۔
    توهان جي ٻڌايل موسمن ۾ هڪ اضافو سائين نثار جن ”پيار جي موسم“ جو ڪيو ۽ هڪ اضافو مون ”دل جي موسم“ جو ڪيو۔۔۔ پر سچ ۽ اصل نچوڙ ته توهان جي آخري لفظن ۾ آهي۔۔۔
    اهڙي ڀلوڙ لکڻي کي مان سڀئي سٽار لڳائي فل ريٽنگ ڏيندس
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ماندي ٿيءُ نه مارئي

    ادا ناز ۽ ڀاءُ رشيد
    حق موجود
    سهڻا سائين ... چئو ته اوهان به صحيح ٿا، انسان جي زندگيءَ جو هر پل هڪ نئين موسم کان گذري ٿو ... ”سامان سئو سالن جو پل جي خبر نه“ جي مصداق انسان ويچارو هلندو ئي رهي ٿو، پر اصل ۾ ڪامياب ۽ سهڻي زندگي گهارڻ نه فقط سماجي ضرورت پر حڪم الاهي پڻ آهي ... ڪڏهن ڪڏهن هيئن به ٿيندو آهي ته؛ ”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن“

    ڪن انسانن جي در تي خوشقسمتي کڙڪا ڪري ڪري واپس هلي ويندي آهي، پر مجال جو همراه کي ڳالهه سمجه ۾ اچي ... ڪجه ڏينهن اڳ هڪ فلم ۾ هڪ مقالمو ٻڌم ته ” خوشقسمتي هڪ دفعو در کڙڪائي هلي ويندي آهي بدقسمتي تيستائين در کڙڪائيندي رهندي آهي جيستائين در کلي نه وڃي“ سو ادا اسانجو ڪم آهي پاڻ ۽ پنهنجي سماج کي انهن بڇڙين بلائن کان خبردار ڪندا رهون ته جيئن ” کس ڪم جهان پاڪ“ واري ڳالهه سگهاري ٿئي ... ڀلو ٿئي سنڌ دوستن جو ... باقي ته واڳ ڌڻيءَ وس

    ماندي ٿيءُ نه مارئي، تنهنجو الله به آهي
    سئو ڏينهن جا ڏکڙا، هڪ لحظي منجه لاهي

    جي پرچي ته پٽ ڀري، جي رسي ته به ڏي ...

    وڌيڪ ته اوهان پاڻ سياڻا آهيو ...
    سدائين گڏ
    نثار ابڙو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    پنج تارن جو ملهه

    ادا رشيد
    حق موجود
    يار هڪ ڳالهه ته اوهان جو هن ليک کي پنج تارن جو ملهه ڏيڻ جو مطلب ته ڳالهه مندائتي ۽ ڪارائتي آهي ... مهربانيون .... پنجن تارن واري مُلهَه ڏيڻ جون ...
    سدائين گڏ
    نثار ابڙو
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا، نثار توهانجي هن لکڻي جي لاءِ هن ناچيز وٽ لفظ ناهن جو انهي جي تعريف ڪري، اهڙي لکڻي جي لاءِ هن ناچيز وٽ اهي تعريف ڪرڻ وارا لفظ ئي ناهن۔
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مهرباني ڀاءُ عبدالوهاب
    اوهان دوستن جي ذريعي ويٺا چڱائيءَ جي پرچار ڪيو ... من ڪو سڻائو واءُ گهلي ۽ اسين سنڌي ڪنهن صحيح ۽ سچ جي راهه تي هلي پئون ...
    تون حبيب تون طبيب، تون درد جي دوا
    جانب منهنجي جيءَ ۾، آزار جا انواع
    صاحب ڏيج شفا، ميان مريضن کي
     
  12. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سائين نثار ابڙو صاحب، اوهان جا ٿورائتا آهيون جو اوهان ايڏي وڏي ڳالهه اسان کي سمجهائي اها به هڪ تصويري انداز ۾ جنهن سان نه رڳو موسمن جي خبر پئي آهي پر هڪ نصحيت به آهي۔۔۔۔ باقي اوهان جي ڏنل تحرير جي جواب ۾ ٻين ساٿين جا جواب ڏسي ڪري تمام خوشي ٿي۔۔۔ جو اسان کي هڪ پنجين موسم جي به ڄاڻ حاصل ٿي، جيڪا سائين نثار احمد ناز صاحب کان متعارف ٿي، مان ته ائين پيو سمجهان ته سائين نثار صاحب انهي پنجين موسم جو پوڄاري آهي،


    انهي سان گڏوگڏ مون کي محترم سائين مرحوم استاد بخاري جو شعر پيو ياد اچي۔

    اسان جو مذهب ڌار، دنيا جي دستور کان،
    استاد اندر سانڍيو سونهن ڀريو سنسار،
    جنهن جو نالو پيار، تنهن جي پوڄا پئي ڪبي۔
     
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا زاهد
    حق موجود؛
    خوشي ان ڳالهه جي ته گهڻي عرصي کانپوءِ اوهان سان مخاطب پيو ٿجي ... مهربانيون اوهانجون ليک پسند ڪرڻ جون ... باقي جي دوست پيار جا پوڄاري آهن يا پيار جي موسم ۾ ئي رهنٿا سي خوشنصيب آهن ... اهو ته ايئن آهي نه جيئن ڪو تتل اس مان ڀڄي وڃي سرنهن جي گهاٽي وڻ هيٺان پناه وٺي ... سو دوستن کي گهاٽي وڻ جي ڇانوَ نصيب ۾ آهي ته اسانجي دعا آهي ته هو هميشه ان ڇانوَ ۾ رهن ...

    پر هڪ ڳالهه ياد رکڻ کپي ته ان ڇانوري لاءِ جان جسي جي قرباني ضروري آهي ... دوستن کي راءِ ڏياچ کي نه وسارڻ گهرجي ...

    الله ذوالجلال اسانکي پنهنجي پناه ۾ رکي
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نصيحت ڀريا نسخا

    اڄ ڪي پنا ڳولهيندي ادي رشيد جي هن جواب تي نظر پئي ته” پيار جي موسم“ ۽ ”دل جي موسم“ ڏانهن سوچ هلي وئي ۔۔۔ ان سوچ دوران اهو ياد آيو ته اصل ۾ پيار جو تعلق دل سان ۽ دل جو تعلق پيار سان، ٻنهي جي وچ ۾ عقل ته آهي ڪونه سو عقل جي موسم ممڪن الڳ هجي ۔۔۔
    خئير پيار جي موسم هڪ اهڙي موسم آهي جنهن ۾ خزان به بهار ٿيو پوي ۔۔۔ ڏکن جي موسم به خوشين جو خزانو ٿيو پوي ۔۔۔ ۽ لطيف سڳوري ته ايترو چئي سڄي ڳالهه کي وڪوڙي ڇڏيو آهي ته ۔۔۔
    عاشق زهر پياڪ وه ڏسي وهسن گهڻو۔
    ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ،
    توڙي چڪن چاڪ، ته به آه نه سلن عام سين۔

    سو دوست: اڄ الائجي ڇو پاڻ تي به پيار جي موسم جا ڪڪر وسي رهيا آهن ۔۔۔ تتل اس ۾ به مينهن جو مزو اچي رهيو آهي ۔۔۔ محبوب ويجهو ناهي پر دل جي سڀني خانن ۾ ايئن ڦري رهيو آهي جيئن ماٽي منجهه مهي ۔۔۔
    دوست رشيد! اوهانجي ڳالهه سمجهه ۾ آئي پر دير سان ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
    shal judy hujeen
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: نصيحت ڀريا نسخا

    سائين قبلا اوهان جي هر تحرير دلربا هوندي آهي اوهان جي مهرباني جو هي تحرير جيڪا اسان جي اکين کان اوجهل هئي اوهان ان تي ڪلڪ ڪري اسان کي پڙهڻ جو موقعو ڏنو اوهان جيڪو ڪجهه لکيو جيڪي دوستن رايا ڏنا سڀ سون آهن بس موسم بدلبيون پيون اگر محبت جو مچ ٻرندو رهندو ته موسمن جي مونجهه نه منجهائيندي اوهان جي محبتن اندر ۾ مچ مچائي ڇڏيا آهن دل اوهان کي ڀاڪر پائڻ لاء ڪڍندي آهي ليڪن اڃا شايد ڪجهه وقت انتظار ڪرڻو پوندو شال خوش هجو خوشيون ونڊيندا رهو۔۔
     
  16. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نصيحت ڀريا نسخا

    ادا رحيم بخش
    مٺا سائين، هڪ ڳالهه ٻڌايانوَ ته هر 27 رمضان تي موڪل وٺي سنڌ ڇو ايندو آهيان؟ انڪري ته سچل ڳوٺ ۾ عيد نماز پڙهندي الائجي ڪيترن دوستن کي ڀاڪر پائي، چميون ڏئي ايترو ته خوش ٿيندو آهيان جو سال جو وڇوڙو ختم ٿي ويندو آهي ۽ سڀ غم خوشي ۾ بدلجي ويندا آهن ۔۔۔ اوهان سميت سڀني سنڌ سلامت جي دوستن کي ڀاڪرن پائڻ جو شوق ته مان به پاڻ سان کڻي گهمان پيو پر الله مالڪ آهي ۔۔۔ نيٺ ته وصال ٿيندو ۔۔۔ يارن سان ڀاڪر پائبا ۽ ڏک سور به سلبا ۔۔۔ خوشي مان ٽهڪڙا به ڏبا ۔۔۔ بس دعا ڪندا ڪريو ته زندگي ساٿ نڀائي جو موت برحق آهي ۽ پل جي خبر ناهي ۔۔۔
    رب العالمين اوهانکي به پنهنجي سموري ساٿ سميت خوش ۽ آباد رکي ۔۔۔ آمين
    shal judy hujeen
     
  17. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: چار موسمون ... ڏکن پويان سک

    دوستو! هونءَ ته انسان ڪنهن حال ۾ به راضي ناهي هوندو، سيءُ ٿيندو ته گرميءَ جي خواهش ۽ جي گرمي هوندي ته ٿڌ جي خواهش ڪندو آهي ۔۔۔ ڪي الله وارا انسان ئي هوندا اهن جيڪي هر موسم ۾ ڏکن ۾ يا سکن ۾ صبر ۽ شڪر جو دامن نه ڇڏيندا آهن ۽ هر حالت جي اهميت کي سمجهندي رب جي در سربسجود ٿيندا آهن ۔۔۔

    [​IMG]
     
  18. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: چار موسمون ... ڏکن پويان سک

    سائين نثار ابڙا صاحب توهان تمام سٺي ونڊ شامل ڪئي آهي جيڪا مون اڄ پڙهي آهي ان ۾ تمام سٺيون ڳالهيون ونڊ ٿيل آهن جيڪي اڻ کٽ آهن ڇو جو جيترو لکندو ايترو گهٽ آهي چار موسمون ۔۔۔ ڏکن پٺيان سک جي باري ۾ توهان اهڙيون تحريون موڪليندا رهو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. جان زريناڻي

    جان زريناڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 فيبروري 2012
    تحريرون:
    229
    ورتل پسنديدگيون:
    534
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    زراعيت ، بلوچ ڪيبل يارو لنڊ
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد جان زريناڻي لڳ پير پکڙوئي لعل
    تمام بهترين ونڊ ڪئي اٿئو محترم نثار ابڙا صاحب ، هڪ جڳهه جو چار تصويرون سي به چيئن موسمن کي ظاهر ڪري رهيون آهن ، خوب پسند آيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو