جديد جمهوريت

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ عرض سنجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏30 آڪٽوبر 2017۔

  1. عرض سنجراڻي

    عرض سنجراڻي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2017
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    صحافت،ادب،ذاتي ڪاروبار
    ماڳ:
    مهراڻ جو مرڪز ڪراچي
    پاڪستان ۾ صوبا آهن چار لا هو جمالو
    سنڌ ترقي ۾ چوٿو نمبر آ هو جمالو
    سنڌ ڪرپشن ۾ کنئين آ پهرين پوزيشن هو جمالو وهوا جمالو

    سنڌ ۾ سورهن ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ هو جمالو
    سنڌ ۾ پاڻي به ڪونهي پيئڻ جو هو جمالو
    سنڌ ۾ گيس به ڪانهي گهرن ۾ هو جمالو وهوا جمالو

    سنڌ ۾ ماستر به گهڻا گوسڙو هو جمالو
    سنڌ ۾ ست هزار اسڪول بند هن هو جمالو
    سنڌ م ڊاڪٽر نٿا ڊيوٽي ڪن هو جمالو وهوا جمالو

    سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون ڪونهن هو جمالو
    سنڌ ۾ نوڪري نه ملندي آ ميريٽ تي هو جمالو
    سنڌ ۾ پوليس جو آرڊر آ پنج لک روپيا هو جمالو وهوا جمالو

    سنڌ جا وڏيرا سڀ ايم اين اي هو جمالو
    سنڌ جا ننڍيرا سڀ ايم پي اي هو جمالو
    سنڌ جا مرشد اسان جا مريد هن هو جمالو وهوا جمالو

    سنڌ ڀري پئي آ پيرن سان هو جمالو
    سنڌ ڀري پئي آ فقيرن سان هو جمالو
    سنڌ ۾ غريب غفار گهڻا هن هو جمالو
    سنڌ سدائين آهي سورن م هو جمالو
    وري به ووٽ ملندا اسان کي هو جمالو
    اسان کٽي وينداسين خير سان هو جمالو وهوا جمالو
     
    علي گل هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو