تنهنجو لهجو ... مجيب سنڌي

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ مجيب سنڌي ڪورائي طرفان آندل موضوعَ ‏23 نومبر 2017۔

  1. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    [​IMG]

    غزل. مجيب سنڌي

    تنهنجو لهجو ماکيءَ جي لارن جيان آ
    تنهنجي گفتگو چنڊ تارن جيان آ

    تنهنجي پيار لاءِ آءُ سڪندو وتان
    منھنجي آھ ھر هڪ پڪارن جيان آ

    توکي ئي ڏسي پيو ڏسان يار هر دم
    تنهنجي سونهن سنڌوءَ ڪنارن جيان آ

    پري تو کان رهجي مگر ڪيئن رهجي
    بنان تنهنجي جيون ويچارن جيان آ

    جڏهن کان ڏٺو توکي آهي "مجيب"
    تڏهن کان ئي رهندو خمارن جيان آ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو