ميلن ملاکڙن تي پابندي سنڌ ثقافت تباهي جي ور

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ Hameed shakeelchandio طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2017۔

  1. Hameed shakeelchandio

    Hameed shakeelchandio
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2017
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ليکڪ،صحافي۽،سوشل ورڪر ۽ ڀلائي جا ڪم ڪرڻ
    ماڳ:
    ڪي اين شاھ
    سنڌ جي ثقافت اسان سنڌين جي اصلوڪي ميراث آھي جنهن کي بلڪل ختم ڪرڻ جا سانباھا ڪيا پيا وڃن جيڪو سراسر ذاتي دشمني تي مبني آھي ذريعن موجب درگاهن پيرن وليئن جي ميلن ملاکڙن ۽ سنڌ جي هر ثقافتي شو تي پابندي لڳائي وئي, خودڪش بم بلاسٽ جي خطرن سبب ميلن تي پابندي هڻي سنڌجي ثقافت کي نقصان پهچايو وڃي پيو, اڳ جي ڀيٽ ۾ ڏٺو وڃي ته هن وقت ڪو به ننڍو يا وڏو ميلو ڪنهن به درگاھ ۾ لڳايو وڃي ٿو ته اتي صرف دڪانداري جون بازارون لڳل هجن ٿيون ته اتي سنڌ جي ثقافت واري ڪاب شئي موجود نه آھي ۽ سنڌ جي ثقافت جو ڪوبه نالو نشان نه هوندو آھي ماضي ڏانهن اک ڦيرائي ڏٺو وڃي ته ميلن جي موقعي تي نڙ بيت, بينون ڳجهارتون اُٺن ۽ گهوڙن جي ڊروڙ, اجرڪ , ٽُڪن واريون رليون, مزاحيه فنڪار, ميوزيڪل شو ۽ سنڌ جي ثقافت جي نالي سان اسٽيج ڊرامن ۾ سنڌي اداڪار پاڻ ملهائي سنڌ کي ڀيٽا پيش ڪندا هئا جنهن سبب پري کان ڪهي آيل ماڻھن کي مزو اچي ويندو هو ۽ لطف انداوز ٿي ڳوٺن ڏانهن واپس وڃي وري اها ڳالھ اتان جي ماڻھن ۾ ورجائيندا هئا,ميلن ملاکڙن مان اهڙا ثقافتي رنگ ختم ڪري هن وقت ميلي تي پابنديون آئد ڪري سنڌ جي تاريخ کي نست نابود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي, اگر جي سنڌ جا حڪمران دل دماغ سان سوچي سمجهي فيصلو ڪري ميلن تان پابندي هٽائي سيڪيورٽي سخت انتظام ڪري ميلا لڳائي دشمنن اڳيان للڪار ٿي بيهندا ته سنڌ جي ثقافت مظبوط ٿي دشمن جي منهن تي چٽو چماٽ ٿي لڳندو , هن وقت خود ڪش حملن ۽ خطرن کي روڪڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آھي زميوار ادارن کي گهرجي ته ميلن ملاکڙن جي سيڪيورٽي سخت ڪري سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري انهن ظالمن خلاف قدم کڻن!!!

    حميدشڪيل
    ڪي اين شاھ

    Mobil:-03000368844
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو