پير محمد اشرف شاھ قريشي رح ڪامارو شريف وارو

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ PIR TAJ MUHAMMAD طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2017۔

  1. PIR TAJ MUHAMMAD

    PIR TAJ MUHAMMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جنوري 2014
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    سالڪ منجھ سڀن . ڪامل پير قريشي​

    ان اوليائي تحت قبائي پڙھڻ اي پڙھڻ . جِن انسان توڻي ڪي ٻيا مدحون ملڪ چون

    قادر ڪئيڙو ڪرم سان غوث سندو غوثن . حاضر پويان جي ٿيا اوليا تابع سڀ سڻجن

    موجون ملتاني ڪري مٿي مريدن . سڏيو ڏينھڪ ڏڏن کي ڏوڙا ڏان ڏين

    ”اشرف“ چوي اوڏھين اکيون آس رکن​

    اسلامي سال جو ربيع الاول مھينو اسان سڀني مسلمانن لاءِ انتھائي اھم ۽ مبارڪ مھينو آھي جو ھن مھيني جي ٻارھين تاريخ تي رحمت العالمين، خاتم النبين حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي ولادت باسعادت ٿي، جن جي نور سان سڄي دنيا ۾ اسلام جي روشني پکڙي. ربيع الاول جي انھي ڀلاري مھيني جي ٻارھين کان چوڏينھن تائين ٽنڊوالھيار جي ڳوٺ ڪاماروشريف ۾ حضرت پير محمد اشرف شاھ قريشي رحجو ساليانو فقيراڻو عرس مبارڪ منقعد ڪيو ويندو آھي. جتي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختليف علائقن مان سوين مريد ۽ معتقد گڏ ٿي درگاھ تي حاضري ڏئي دعا ڪندا ۽ سندن چيل ڪلام ۽ معلود بنا سازوسرور جي ٻڌندا آھن.

    پراڻن وقت ۾ سنڌ جون خانقاھون ۽ درگاھون عام ۽ خاص ماڻھن جي ديني ۽ دنياوي اصلاح جو مرڪز ھينون جتي روحاني فيض ۽ دين جي تبليغ ذريعي لکين ڀٽڪيل انسان دين جي سڌي رستي تي آيا. پير محمد اشرف شاھ قريشي رح اھڙن روحاني رھنمائن مان ھڪ ڪامل بزرگ ۽ ولي الله ٿي گذريو آھي. جن جي ولادت 1214 ھجري مطابق 1799 عيسوي ۾ بدين ضلعي جي ڳوٺ ڪرم خان ۾ ٿي. سندن والد جو نالو محمد غوث قريشي رح اسدي الھاشمي ۽ طريقت جو سلسلو سھروردي ھو. نسبي ۽ روحاني طريقت سان سندن سلسلو شيخ الاسلام حضرت غوث بھاوالدين زڪريا ملتاني سان چوڏينھن پڙي ۾ ملي ٿو. جن جوخاندان حضرت ھبار رضه سان ملي ٿو جيڪو اسد جو پۡٽ ۽ ھاشم جو پوٽو ۽ عبدالمناف جو پڙپوٽو آھي .حضرت غوث بھائوالدين جو روحاني فيض سنڌ ۾ سندن اولاد جي ذريعي پھتو. حضرت پير محمد اشرف، سندن والد پير محمد غوث ۽ سندن قريشي خاندان انھي غوثيه باغ جا سھڻا گل ھئا.

    سائين پير محمد اشرف شاھ ننڍي ھوندي کان ئي فقيريت ۽ صوفيت ڏانھن راغب ھئو. ظاھري علم جي حصول سان گڏ باطني ۽ روحاني علم جي تڪميل کان پوءِ پاڻ پنھنجي والد پير محمد غوث جي ھٿ تي بيعت ڪيائون. جيڪو پڻ وقت جو عالم ھو. سائين پير محمد اشرف شاھ جي ظاھري تعليم قران شريف ۽ سنڌي ھئي پر باطني طرح پاڻ وقت جو عارف، ولي الله ۽ ڪشف جو صاحب نظر آيو. سندن روحانيت جو فيض سنڌ جي ھر ڳوٺ ۽ واھڻ تائين پھتو.

    پنھجي والد جي وفات کانپوءِ پاڻ موجوده ڪاماروشريف جي علائقي ۾ اچي سڪونت اخيتار ڪيائون. جتي سندن والد کي دفن ڪيو ويو ھو. ان وقت ھاڻوڪو ڪاماروشريف جو علائقو ھڪ ننڍڙو واھڻ ۽ دڙو ھو. ڪاماري شريف جي دڙي وٽ ان وقت ڪوبه آباد نه ھو. پر دڙي جي اڀرندي طرف گھلو واھ جي اترين ڪپ تي ڪجھ گھر آباد ھئا. ڪاماري شريف ۾ سندن آمد آس پاس جي ماڻھن لاءِ رحمت ۽ برڪت ثابت ٿي. سندن روحاني فيض ۽ دين جي تبليغ جي ڪري ڪامارو شريف جو ھي ننڍڙو واھڻ ۽ ڳوٺ وڌي وڏن شھرن کان به وڌيڪ مشھور ٿيو. ڪامارو شريف ۾ اچڻ کان پوءِ سڀ کان پھرين پاڻ ھتي مسجد جي تعمير شروع ڪرايائون. انھي تعمير دوران پاڻ به پنھنجي فقيرن سان گڏ ڪم ڪندي سرون وجھندا ھئا. مسجد 1263 ھجري ۾ ٺھي راس ٿي. ڪيترين ئي قومن جا ماڻھو جن ۾ ٿيٻا، شيدي، قاضي، دل، مستوئي، خاصخيلي، لغاري، ھاليپوٽا، سمان، حجام، کٽي، ڪوري ۽ ٻيا ڪيترائي پنھنجي اھل و عيال سان لڏي اچي مرشد جي پاڙي ۾ رھڻ لڳا.

    پاڻ ڪامارو شريف کان سفر ڪري پنھنجي جماعت جي اڳواڻي ڪندي سنڌ جي مختيلف علائقن مان ٿيندي ملتان تائين ويندا ھئا. انھي سفر دوران سوين ماڻھون سندن ھٿ تي بيعت ڪري دين جو رستو اختيار ڪندا ھئا. سندن انھن سفرن دوران ڪيترائي غير مسلم ماڻھو سندن ھٿ تي ڪلمو پڙھي مسلمان ٿيا.

    سائين پير محمد اشرف شاھ کي الله سائين ھڪ فرزند 1235 ھجري بمطابق 1820 عيسوي ۾ عطا ڪيو. جنھن جو نالو پنھنجي والد جي پويان محمد غوث رکيائون. جنھن کي ڏاڏي جي احترام ۾ غلام غوث جي نالي سان سڏيندا ھئا. جنھن کي قران شريف، علوم شريعه، سنڌي ۽ فارسي جي تعليم ڏياريائون. سندن فرزند کي اوڻيھن سالن جي عمر ۾ ڪجھ حاسد دشمنن لاڙ مان واپس ايندي راڄو خاناڻي ويجھو حملو ڪري سخت زخمي ڪري وڌو. زخمن جي ڪري نوجوان فرزند پنجن ست ڏينھن ۾ 1235 ھجري مطابق 1820 عيسوي ۾ وفات ڪري ويو. نوجوان پۡٽ جي وفات تي کين تمام گھڻو صدمو پھتو. پر پاڻ رب جي رضا تي راضي رھندي نوجوان فرزند جي قاتلن کي بخش ڪري ڇڏيائون. فرزند جي قاتلن مان ھڪ جي وفات سندن حياتي ۾ ٿي. تنھن جي وصيت تي سندس جنازي کي سائين پير محمد اشرف شاھ جي سامھون اچي پيش ڪيائون. پاڻ پنھنجي ھٿ سان پۡٽ جي قاتل جي ڪفن دفن جو بندوبست ڪري ڪامارو شريف جي قبرستان ۾ دفن ڪيائون.

    پير محمد اشرف شاھ ڪشف جو صاحب ھو. سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون مشھور آھن. پاڻ پنھجي جماعت کي شريعت جي ارڪانن پورائي جو درس ڏيندا ھئا. پاڻ پنھجن مريدن کي ھميشه ھن دنيا جي عارضي زندگي جي خلاف درس ڏيندي آخرت جي دائمي زندگي ياد ڏياريندا ھئا.

    پاڻ چيائون ته

    ھي تان ڏيھ ٻيو . تون پنھنجو ڏيھ سنڀار . اڏر پکي پرڏيھي

    قالوا بليٰ جو قول قلب سان . ويھي تون ويچار

    ٻئي جائي تي چيائون ته

    دنيا دار فنافي الحقيقت وھم اصل ڏي وار

    عھدالستي قالو بليٰ ڪيئي ”اشرف“ عشق اجار


    سائين پير محمد اشرف شاھ کي نبي پاڪ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم سان خاص لڳاءُ ھو. پاڻ چيائون ته

    آيو محمد عربي وسيلو خلق جو حق سو ھلايو

    ياسين طهٰ واليل والضحيٰ . قادر قران ۾ ڪوڏايو

    لولا ڪ لما خلقت الافلاڪ . صاحب شفيع جو شان وڌايو


    سائين پير محمد اشرف شاھ کي مديني پاڪ جي لاءِ به ڪا خاض حب ھئي. پاڻ مديني پاڪ کي ياد ڪندي چيائون ته

    پسان پيرين پنڌ ڪري وڃي پڃرو شاھ شفيع جو

    ڏسان ڏوري ڏيھ سڀئي وڃي حجر وھوت حبيب جو

    ملان مديني ملڪ مڪي جت روضو پاڪ رسول جو

    رب جي ذڪر کان پوءِ جيڪو وقت بچندو ھو تنھن ۾ خلق جي خدمت انجام ڏيندا ھئا. پاڻ جماعت جي تعليم ۽ درس کانسواءِ سندن تڪرارن ۽ مسئلن جي حل لاءِ سندن فيصلا ڪندا ھئا. مريدن ۽ عام و خاص ۽ مسافرن لاءِ سندن ننگر خانو ھروقت جاري و ساري رھندو ھئو، جنھن جي ھاڪ سموري علائقي ۾ ھوندي ھئي. پاڻ ھڪ مدرسو به قائم ڪيائون جتان ڪئي طالب علم پڙُھي عالم ۽ فاضل ٿيا.

    پاڻ ھميشه ضرورتمندن جي مدد ۽ دعا لاءِ حاضر رھندا ھئا. چيووڃي ٿو ته الله سائين کين مينھن جي واڳ ھٿ ۾ ڏني ھئي. کين سنگھارن ”ڀاڳين مال وارن جو پير“ ڪري ڪوٺيندا ھئا. پاڻ مال وندن جي لاءِ الله سان کان مينھن گھرندي ھيٺيون ڪلام چيائون

    جئين ٿو وڃي واء تيئن واحد مينھن وسايئين . سارنگ سري سنڌ تي چوڏس رکي چاء

    وسن ڪل ولايتون ڪيو خيت خداء . موليٰ ڳائي مکڻ جو پئسي لايين پاء

    سڀڪوئي سکي ٿيي سڀت ھوء سواء . ڏٻرين جو ڏيھ ڌڻي باري ڪر بچاء

    ڪريم تون ڪرم ڪر ته ڏور ٿين ڏولاء . راحم رب رحيم ڌڻي ڏي سڀو سڌ سماء

    محبن سان ميڙاء ، ڪر الاھي اشرف جو

    سائين پير محمد اشرف شاھ رح الله سائين جي رضا تي راضي رھندي ۽ دين اسلام جي شريعت جي تلقين ڪندي 63 سالن جي عمر ۾ 14 ربيع الاول 1277 ھجري مطابق 1861 عيسوي ۾ آچر جي رات سمھڻي جي نماز کانپوءِ وفات ڪيائون. ھر سال 12 کان 14 ربيع الاول تائين سندن فقيراڻو عرس لڳندو آھي. جتي سنڌ جي ٻين درگاھن جي برخلاف عام رواجي رسمن ۽ بدعات کان پاسو ڪيو ويندو آھي. ھر سال عرس جي موقعي تي ھزارين مريد اچي گڏ ٿيندا آھن ۽ روحاني فيض حاصل ڪندا آھن.


    سھڙيندڙ ” پير تاج محمد قريشي“

    مددي مواد ” رسالو پير محمد اشرف شاھ“ ۽ ”ڪلام اشرف شاھ مرتب نياز ھمايوني“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو