دادو جو نوجوان ليکڪ ۽ سماجي ورڪر دريا خان جهتيال

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ Hameed shakeelchandio طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2018۔

  1. Hameed shakeelchandio

    Hameed shakeelchandio
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2017
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ليکڪ،صحافي۽،سوشل ورڪر ۽ ڀلائي جا ڪم ڪرڻ
    ماڳ:
    ڪي اين شاھ
    انسان پنهنجي عقل، دماغ ۽ڏاھپ ذريعي ساروڻيون سِٽن ۾ سٽيندو آھي جيڪي تاريخ بڻجي دنيا تائين ڦھلجي وڃن ٿيون، انهن مان ڪي ماڻھون مزاحمتي ۽ انقلابي طور تي ظاهر ٿين ٿا، اهڙي طرح درياھہ جي ساڄي ڪنڌيءَ ۽ دادو ضلعي سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ سماجيورڪر دريا خان جهتيال نئين ٽھي جو نوجوان قلمڪار پنهنجي قلمي فن ذريعي سنڌ جي حال ۽ مسقبل جو اڀرندڙ نئون سج بڻجي رهيو آھي،دريا خان پنهنجا ڏک سور، درد، پيڙاهہ سيني ۾ دفن ڪري سنڌ ڌرتي واسين لاء دردن جو درمان بڻجي سورن، سختين، پريشانين جي پرواھہ نہ ڪندي اوجاڳيل اکين مان وهندڙ رتاون ڳوڙھن کي قلم جي مس بڻائي سونن ورڪن مٿان مسڪين اٻوجھہ ماڻھن سان ٿيندڙ ناانصافين لاءِ جڏھن مضمون، خط آرٽيڪل ۽ ڪالم لکي ٿو تہ ان مهل سندس لڱن ۾ ٿڌاڻ پيدا ٿيندي آھي، کڻي ايئن چئجي تہ هن جي روح کي سرور ملي وڃي ٿو، جنهن وقت اعلي ايوانن تائين قلم وسيلي مسڪين ماروئڙون جو آواز پهچي ٿو، جيڪي ڳاڙھين ماڙين جي ديوران ۽ حويلين ۾ گونجن ٿا، کاهوڙي ۽ جاکوڙي ڪردار دريا خان جهتيال جون لکڻيون هميشہ ساراھہ جوڳيون ۽ قابل تعريف رهيون آھن، هن جي لکڻين ۾ سگھہ ھوندي آھي پنهنجي تجزيي کي اهڙي نموني پيش ڪري لکي ٿو جو عام ماڻھون بہ ان جي درد ڀري ڪهاڻي سمجهي سگهي ٿو، هن جي لکڻ جو انداز سڀ ڪنهن کان مختلف ۽ نرالو هوندو آھي، هر روز نئين موضوع ، حق ۽ سچ تي ٻڌل نون خيالن سان پڙھندڙن کي اخباري دنيا ۾ ملي ويندو آھي، چاهي اهو پوليس جي ظلمن خلاف هجي يا ڪرپٽ ڪامورن خلاف، يا ڪرپشن،پٺ تي پيل علمي تعليمي اداران، زراعت جو پاڻي وقت سر تي نہ ملڻ خلاف، عوام کي سرڪاري اسپتالن مان لاڀ حاصل نہ ٿيڻ، ترقياتي ڪمن ۾ مسڪين ماڻھن جي گهٽين، پاڙن کي نظرانداز ڪرڻ، ڌرتي ڌڻين کي زندگي جون سهولتون مهيا نہ ٿيڻ، سنڌ ۾ دهشتگردي ،ظُلم،جبر، ڏاڍ، سماجي بُرائين سميت سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هڻندڙن ۽ پنهنجي جنم ڀومي جي معدني وسيلن سان هٿ چراند ڪندڙن خلاف پنهنجي قلم کي حق سچ تي هلڻ لکڻ جو عادي بڻائي ڇڏيو آهي، دريا خان جهتيال مسڪين، اٻوجھہ ۽ بي سهارا ماڻهن جو آواز بڻجي عوام جون دليون کٽي ورتيون آهي، جنهن جي لکڻين مان عام ماڻھون سبق حاصل ڪندو رهي ٿو ۽ھن جا لکيل آرٽيڪل چاهي اخباري هجن يا سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ٿيل ھجن ٿا تہ انهن ۾ وڏي سمجهاڻي سان گڏ مظلوم ماڻھن جو درد ڀريو آواز سمايل هوندو آھي، هن نوجوان ليکڪهلندڙسماج ۾ ريتن. رسمن، رواجن، سوچن، خيالن ۽ سماجي قدرن جو عڪس آھن جيڪي هڪ اهم حيثيت رکن ٿا، انکان علاوه ڪچهري جو مور ۽ محبتن جون محفلون مچائي کِل خوشين سان دوستن سان روح رهاڻيون ڪرڻ ھڪ محبوب دوست سان گڏ سچو انسان قول فعل تي پورو لهڻ سڪ چاھہ مُحبت سان پيش ايندڙ درياھ دل هر ماڻھون جيدِل جو مرڪز رهي ٿو، انسان ذات جي خدمت ڪرڻ وقت ڪڏھن بہ نہ ڪيٻايو آھي، هن جو قلم ۽ لکڻ سان ايڏو تہ چاھہ ھوندو آھي جيئن ساھ ۽ جسم جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو هجي، وري ايئن ئي ناليوارن اديبن، شاعرن، محققن، ليکڪن ۽ اديبن جا ڪتاب مطالعو ڪري پنهنجي سيني ۾ سانڍي خوب خوش ٿيندو آھي، هوئن بہچوڻي ۾ آھي تہ سچ يا حق جو ڦڙو مسلسل فڪر ۽ تجربي کانپوءِ علم پرائڻ نفس ۽ اخلاق جي درستي بعد اچي ٿو جنهن جي سبب جي ڪري ئي ماڻھون ڪامياب ٿيئي ٿو، دريا خان جي ڪاميابي انهن اهم جزن جي ڪري ٿي اها ڪاميابي هر ڏکيائي ۽ للڪار کي قبول ڪري سڀني ۾ آزار جا عنوا رکڻ جي باوجود کلي آڌر ڀاءُ ڪري منهن تي هر وقت مرڪ آڻي مرڪندو رهي ٿو، سچائي،ايمانداري، انسانيت، ديانتداري هر انسان جي وجود ۾ ناهي هوندي ڪنهن ڪنهن ماڻھون جي اندر ۾ اهڙيون ڪيفتيون جنم وٺنديون آھنجيڪي کيس تخليڪاريءَ ۾ مختلف انداز ۾ ظاهر ٿينديون آھن، ادب جي وڏي نالي ڊاڪٽر قربان جهتيال جو ڀاڻج ۽ فقير منش، سادي طبيعت رکندڙ ۽ انسانذات جي خدمت ڪندڙ سينيئر صحافي محترم غوث جهتيال جو فرزند دريا خان جهتيالاهڙن سچن سپوتن مان هڪ آهي جنهن ۾ ڪيترائي گڻ ۽ خاصيتون آھن، هڪ باصلاحيت جاکوڙي ڪردار انسان دوست، ھمدرد، ايماندار،محبتون ونڊڻ ۽ جنهن جي مرڪڻ سان گلابن جا گل ٽڙي مهڪي پوندا آھن، هن جا پرستار تہ سون جي تعداد ۾ آھن جن ۾ مان بہکيس محبتن ۾ گهريل مڻين مان هڪ مڻيو آهيان، هن درياهہ دل انسان هر وقت پنهنجن دوستن سميت سڀني ماڻھن کي سٺن ڪمن لاء اتساهيو آھي ۽ ڪيترائي نوجوان پنهنجا شاگرد ٺاهيا آهن جيڪي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيا آھن
     
  2. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    دادو جو دلبر اسان جو سهڻو درياء
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو