آئي فون ۾ سنڌي انسٽال ڪرڻ ۽ اردو فونٽ ختم ڪرڻ

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2018۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ائنڊرائيڊ سمارٽ ڊوائسز ۾ تہ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ڪرڻ کان سواءِ ئي سنڌي ٻوليءَ جا اکر صحي نظر اچن ٿا پر آئي فون ۽ آئي پيڊ ۾ ائين ناھي، ان لاءِ توھان کي سيٽنگ ڪرڻي پوندي. ڇوتہ جيڪو اسان آئي_فون وٺون ٿا تہ ان ۾ اسان ريجن واري آپشن ۾ پاڪستان رکون ٿا، جنھن جي ڪري آئي فون پاڻمرادو اردو ٻوليءَ کي پنھنجي سسٽم ۾ پاڻمرادو داخل ڪريو ڇڏي ۽ آئي فون ۾ تہ وڏو مسئلو اِھو آھي جو آئي فون ڪمپنيءَ پاڪستان جي ساڄي کان کاٻي پاسي طرف لکجندڙ ٻولين جو ڊفالٽ فونٽ نستعليق ڪري ڇڏيو آ جنھن سان سنڌي اکر صحي نظر نٿا اچن، ۽ آئي فون ۾ پنھنجا فونٽ انسٽال ڪرڻ لاءِ ھڪ ايپليڪيشن خريد ڪرڻي پوي ٿِي جنھن جو نالو ۽ تفصيل ھيٺ ڏِنل آھن.. بھرحال! اسان اُھا اپيليڪيشن خريد نٿا ڪريون ۽ نستعليق فونٽ ختم ٿا ڪريون، ڪرڻو ھيئن آھي، سڀ کان پھرين توھان آئي فون جي ”سيٽنگ“ ۾ وڃو، پوءِ جنرل جي آپشن ۾ وڃو ۽ اُتان language and Region جي آپشن تي ڪلڪ ڪريو


    ھاڻ آئي فون ۾ ساڄي پاسي مٿان کان نظر ايندڙ Edit جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو


    ۽ پوءِ اردو ٻوليءَ جي آپشن جي ڀر ۾ ڏنل ڳاڙھي رنگ جي ڪاٽوءَ جي نشان تي ڪلڪ ڪريو ۽ ڊليٽ جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.
    ڪُجهہ ئي گهڙين ۾ توھانجي آئي فون جي سيٽنگ مان اردو نستعليق فونٽ ختم ٿي ويندو ۽ آئي فون جو ڊفالٽ فونٽ ظاھر ٿي پوندو.
    _
    ھاڻ اچو تہ آئي فون ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ڪرڻ سِکون،
    سڀ کان پھرين ايپل جي اسٽور ۾ وڃو ۽ اُتي انگريزيءَ ۾ِ Sindhi Keyboard لکو، جتان توھان کي ڪاري رنگ جي لوگو ۾ ”سنڌي“ لکيل ايپليڪيشن انسٽال ڪرڻي پوندي (لنڪ ھيٺ ڏِجي ٿو)، جئن ئي ايپليڪيشن انسٽال ٿيندي تہ ان ۾ ڪيبورڊ سيٽنگ ڏنل ھوندي پر جيڪڏھن اھا سيٽنگ نظر نہ اچي تہ توھان ھيٺيون طريقو آزمايو.


    1. سيٽنگ ۾ وڃي اُتان General سيٽنگ جي آپشن تي ڪلڪ ڪريو


    2. ڪيبورڊ (Keyboard) جي آپشن تي ڪلڪ ڪريو


    3. Add New Keyboard جي آپشن تي ڪلڪ ڪريو ۽ اُتان کان سنڌي ڪيبورڊ ڳولھا ڪريو ۽ ان تي ڪلڪ ڪريو.


    سنڌي ڪيبورڊ ايپيليڪشن لِنڪ :
    https://itunes.apple.com/…/app/keyboard-sindhi/id1159832760…


    آل فونٽ ايپليڪيشن
    iPhone App : All Fonts
    LINK : https://itunes.apple.com/…/all-fonts-install-…/id1248281769…
    PRICE : 0.66$
    _

    _

    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو