شب برات ؛ گناهن کان آجپي جي رات.

'مذهب' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪرﷲ تبارڪ وتعاليٰ شعبان المعظم جي پندرهين رات کي هڪ خاص فضيلت عطا فرمائي آهي.نبي ڪريم صلي ﷲ عليه وسلم جن فرمايو ته ﷲ تعاليٰ پندرهين شعبان جي رات دنيا جي آسمان تي نزول فرمائي ٿو ۽ بنو ڪلب جي ٻڪرين کان به گھڻڻ ماڻهن جي بخشش فرمائي ٿو.(بنوڪلب قبيلي وٽ سمورن عربن کان وڌيڪ ٻڪريون هيون)

    حضرت ابو موسيٰ اشعري کان روايت آهي ته رسول ﷲ صلي ﷲ عليه وسلم جن ارشاد فرمايو ته ﷲ تعاليٰ پندرهين شعبان جي رات متوجه ٿئي ٿو ۽ سموري مخلوق جا گناهه بخش ڪري ڇڏي ٿو سواء شرڪ ڪرڻ واري ۽ ڪينو رکڻ واري جي.

    حضرت علي بن ابي طالب رضه فرمائين ٿا ته رسول ﷲ صلي ﷲ عليه وسلم جن ارشاد فرمايو ته جڏهن اڌ شعبان جي رات اچي ته رات جو عبادت ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن تي روزو رکو ان ڪري جو ان ۾ سج لهڻ کان سج اڀرڻ تائين ﷲ تعاليٰ دنيا جي آسمان تي نزول فرمائي ٿو۽ پڪاريندو آهي ته آهي ڪو معافيء جو طلبگار ته آئون ان کي معافي ڏيان.آهي ڪو روزيء جو طلبگار ته آئون کيس روزي ڏيان.ڪو بيمار ته ان کي شفا ڏيان ايستائين جو فجر ٿئي ٿو.

    حضرت عطاء بن يسار کان روايت آهي ته رسول ﷲ صلي ﷲ عليه وسلم جن ارشاد فرمايو ته جڏهن شعبان جي پندرهين رات اچي ٿي ته ملڪ الموت کي هڪڙو ڪتاب ڏنو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته جن جا نالا هن ڪتاب ۾ آهن انهن جا روح قبض ڪر.انسان باغ لڳائي رهيو هوندو آهي،شاديون ڪري رهيو هوندو آهي ۽ عمارتون اڏي رهيو هوندو آهي ۽ (هن کي معلوم نه هوندو آهي ته) هن جو نالو مرڻ وارن جي لسٽ ۾ لکجي چڪو هوندو آهي.مٿين حديثن مان ثابت ٿئي ٿو ته شب برات رحمتن،بخششن ۽ مغفرتن جي رات آهي.ڪجهه بدنصيب اهڙا به هوندا آهن جن جي بخشش هن رات ۾ به نٿي ٿئي جيستائين اهي سچي توبهه نه ڪن. ﷲ تعاليٰٰ ان رات فرشتن کي سڄي سال جي اهم معاملن جو پروگرام ڏيئي ڇڏيندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن دعائن جي برڪت سان ﷲ تعاليٰٰ پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان بندي جي باري ۾ پنهنجن فيصلن ۾ تبديلي به ڪرڻ فرمائيندو آهي.ان ڪري بندي کي گھرجي ته ان رات ﷲ تعاليٰٰ کان دنيا ۽ آخرت جي ڀلائين ۽ برڪتن جي دعا گھري ۽ رب ڪريم جي درگاهه ۾ دنيا ۽ آخرت جي مصيبتن ۽ پريشانين کان نجات جو سوال ڪري.

    علامه ابن الحاج مالڪي رحه فرمائين ٿا ته ان رات جون وڏيون فضيلتون آهن ۽ اها وڏي ڀلائيء واري رات آهي ۽ اسان جا بزرگ ان رات جو وڏو احترام ڪندا هئا ۽ ان جي اچڻ کان پهرين ان جي تياري شروع ڪندا هئا.علامه ابن تيميه جا شاگرد ابن رجب حنبلي فرمائين ٿا ته شام جا مشهور تابعي خالد بن لقمان رحه ۽ ٻيا ان رات جي گھڻي تعظيم ڪندا هئا. ۔علامه اين نجيم جي نزديڪ ان رات جاڳڻ مستحب آهي.شيخ عبدالحق محدث دهلوي رح لکن ٿا ته ان رات جاڳڻ مستحب آهي ۽ اهو ئي امام اوزاعي رحه جو قول آهي.فتاوا محموديه ۾ آهي ته شب قدر ۽ شب برات جي لاء شريعت عبادت،نفلن، تلاوت،ذڪر،تسبيح، دعا ۽ استغفار جي ترغيب ڏني آهي.

    هن رات کي شب برات ان ڪري چيو وڃي ٿو جواها رات دراصل گناهن۽خطائن کان توبه ڪري بري يعني آجو ٿيڻ جي رات آهي.قرآن ڪريم جي “سورت دخان” جي شروعاتي آيتن ۾ ارشاد فرمايو ويو ته

    “ قسم آهي هن کليل ڪتاب جو ته اسان انهيء کي نهايت ئي ڀلي ۽ برڪت واري رات ۾ لاٿو آهي ڇو ته اسان ماڻهن کي خبردار ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو.هيء اها رات آهي جنهن ۾ هر معاملي ۾ اسان طرفان حڪمت ڀريو فيصلو صادر ڪيو وڃي ٿو. بيشڪ اسان هڪڙو رسول موڪلڻ وارا هئاسين.”

    انهيء برڪت ڀري رات جي باري ۾ حضرت عڪرمه رضه ۽ ٻين مفسرن جو خيال آهي ته اها شعبان جي پندرهين رات آهي.(معارف القرآن) حديثن ۽ ٻين آثارن مان به شب برات جي عظمت ۽ فضيلت جا دليل ملن ٿا.حضرت عائشه رضه فرمائين ٿيون ته مون حضور ڪريم صلي ﷲ عليه وسلم جن کي فرمائيندي ٻڌو ته ﷲ تعاليٰٰ ڀلائيء کي چئن راتين ۾ گھڻو وڌائي ڇڏي ٿو.عيدالاضحيٰ جي رات، عيدالفطر جي رات،شعبان جي پندرهين رات ۽ نائين ذوالحج جي رات.انهن سمورين راتن ۾ صبح جو فجر جي اذان تائين خير ۽ برڪت نازل ٿيندي رهي ٿي.(ابن ماجه) حضرت معاذ بن جبل رضه کان روايت آهي ته حضور ڪريم صلي ﷲ عليه وسلم جن ارشاد فرمايو ته شعبان جي پندرهين رات ﷲ تعاليٰٰ سموري مخلوق جي طرف متوجه ٿئي ٿو ۽ پنهنجي سموري مخلوق جي مغفرت فرمائي ڇڏي ٿو،سواء شرڪ ڪندڙ ۽ ڪينو رکندڙ جي.(طبراني،بيهقي)

    هن ڀلاري رات بني آدم جو هر اهو شخص جيڪو پيدا ٿيڻو آهي يا جيڪو ان سال مرڻو آهي اهو به لکيو ويندو آهي ۽ انهيء رات بندن جا عمل مٿي موڪليا ويندا آهن ۽ انهيء رات بندن جو رزق لهندو آهي. (مشڪوات شريف)

    حضور نبي ڪريم صلي ﷲ عليه وسلم ان مبارڪ رات جنت البقيع جي قبرستان ۾ وڃي مومنن ۽ مومنياڻين ۽ شهيدن لاء مغفرت جي دعا ڪندا هئا ۽ اتان واپسيء تي گھر موٽي اڪيلي نفل نماز جي نيت ٻڌي رب ڪريم جي سامهون سربسجود ٿي سجدي ۾ اها دعا گھرندا هئا ته آئون تنهنجي سزا کان تنهنجي معافيء جي پناهه گھران ٿو ۽ تنهنجي ناراضگيء کان تنهنجي رضامنديء جي ۽ توکان تنهنجي (يعني تنهنجي ڪاوڙ ۽ عذاب کان) پناهه گھران ٿو.تنهنجي ذات مٿانهين ۽ اعليٰ آهي،آئون تنهنجي شان مطابق تنهنجي تعريف نٿو ڪري سگھان،تون بيشڪ اهڙو ئي آهين جهڙو تو پاڻ پنهنجي ذات جي باري ۾ ٻڌايو آهي.(شعب الايمان)
    امت مسلمه کي گھرجي ته هن رات ۾ اجاين غير شرعي رسمن ۽ بدعتن کان پاسو ڪندي نفلي نماز، روزي،ذڪر،تلاوت،دعا،توبهه ۽ استغفار ۾ گذاري ڇوته اهي ئي عمل صحابه ڪرام،تابعين ۽ اڳوڻن بزرگن کان ثابت آهن. صاحب در مختار عيدالفطر،عيدالاضحيٰ،رمضان المبارڪ جي آخري ڏهن راتين ۽ پندرهين شعبان جي رات جاڳڻ ۽ عبادت ڪرڻ مستحب ٻڌايو آهي.ياد رکڻ گھرجي ان رات جي حوالي سان اسان جي مسلم سماج ۾ ڪيتريون ئي فضول قسم جون رسمون جهڙوڪ ڦٽاڪا وغيره ٻارڻ ،سالن کان را ئج آهن عالمن سڳورن جي گڏيل راء مطابق قرآن،حديث،صحابا سڳورن ۽ اوليا ڪرام جي تعليم جي روشنيء ۾ انهن جو ڪو جواز ۽ ثبوت نظر نٿو اچي ان ڪري بنان شڪ شبهي جي اهي شيون غيرشرعي ۽ غيراسلامي آهن جن کان ضرور پرهيز ڪرڻ گھرجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو