ٽي سو سٺ انگ جو ڳاڻيٺو

'تعارف' فورم ۾ سجاد حسين ساقي طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2018۔

  1. سجاد حسين ساقي

    سجاد حسين ساقي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2018
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    Teacher
    ماڳ:
    ٽنڊوالهيار
    360 جو عدد مختلف شين ۾ خاصو عمل دخل ڪري ٿو. چيو وڃي ٿو ته سال ۾ 360 ڏينهن هوندا آھن. اهڙي طرح ھي به چيو وڃي ٿو ته ” هڪ ماني پچي ڪري ان وقت تائين ناهي ايندي جيستائين ان ماني ۾ 360 ڪم ڪرڻ وارن جو عمل دخل نه هجي“ سڀ کان پهرين حضرت ميڪائيل عليه السلام آھن جيڪي الله تعالي جي خزاني مان تور ڪري شيون ڪڍن ٿا. پوءِ اهي فرشتا آھن جيڪي ڪڪرن تي مامور آھن، پوءِ چنڊ ، سج ۽ آسمان تي ، پوءِ چئو پايو مال ، ان کانپوءِ ماني پچائڻ وارا آھن.
    هڪ حديث ۾ اچي ٿو ته پاڻ ڪريم صلعم جن فرمايو ته ” هر صبح صادق جو هر هڪ ماڻھو جي جوڙ تي هڪ صدقو واجب آھي“ . هڪ ٻي حديث ۾ اچي ٿو ته ماڻھو ۾ 360 جوڙ آھن. اهڙي طرح هن کي هر هڪ جوڙ جي طرفان صدقو ڪرڻ کپي يعني هن ڳالھ جي شڪر ۾ ته حق تعالي شانه جيڪا سمهڻ کانپوءِ مري وڃڻ واري حالت ڏني۽ پوءِ وري هڪ زندگي بخشيائين ۽ ھر هڪ جسم عضوو صحيح سلامت رهيو. اصحابن سڳورن عرض ڪيو ته ” ايترا سارا صدقا ڏيڻ جي ڪير سگھ رکي ٿو“پاڻ ڪريم صلعم فرمايو ته ”هر تسبيح صدقو، لاالاالله ۽ الله اڪبر چوڻ صدقو آھي“. ان کان علاوه ڪنهن رستي تان ڪا تڪليف ڏيندڙ شي کي پري ڪرڻ به صدقو آھي. علامه شمس الدين ذھبي رحمة الله عليه لکن ٿا ته ” هر هڪ انسان کي ٽي سو سٺ جوڙ واري وضاحت ڪندڙ ڪي ماهر جيڪا علم التشريح ڪن ٿا ته مٿي ۾ 11 هڏا، ٻنهي اکين جا 6 هڏا ، نڪ جا چار هڏا، سر واري تالون جا 2 هڏا، جن ۾ ثنايا( اڳيان ٻه ڏند) رباعيات ( اڳ وارا چار دندان ) انياب ( نوڪدار جنهن کي سگِ دندان يعني ڪتي وارا ڏند چيو وڃي ٿو. جڏھن ته ٻنهي هٿن جو تعلق به هڏن سان آھي. اهڙي طرح ٻنهي هٿن جي جي آڱرين جو ڪل تعداد ٿيو ٽيھ .
    هر هڪ آڱر ۾ ٽي ٽي هڏا آھن. پيرن جي پُٺ واري حصي کان 2 هڏيون آهن . هي اهي انسان جي جسم جا هڏا آھن جن جو ذڪر پاڻ ڪريم صلعم جن ڪيو آھي. اهڙي طرح هي سڀ هڏيون بذات خود قائم نه ٿيون ٿي سگهن انهي لاءِ الله تبارڪ وتعالي طرفان ڪجھ اهڙا به جسم پيدا ڪيا ويا آھن جيڪي انهن کي قابو سان جهلي ٻيٺا آھن جن کي ” اوطار ۽ رُباطات“ پڻ چيو وڃي ٿو.
     
    آخري ترميم: ‏23 مئي 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو