ڪمپيوٽر تان سنڌي ٻولي ختم ڪانه پئي ٿئي

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 نومبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪمپيوٽر تان سنڌي ٻولي ختم ڪانه پئي ٿئي

    محمد سليمان وساڻ

    ڪجهه ڏينهن کان، خاص ڪري گذريل ڏينهن ته ميسينجر ۽ واٽس ايپ تي سوين ميسيج مليا آهن ته سنڌي ٻولي گوگل جي سرچ انجڻ ۽ ڪمپيوٽر جي ڪمپيوٽنگ مان خارج ٿي رهي آهي.
    خبر ناهي اها خبر ڪنهن ۽ ڇو ڏني آهي؟ کا ان جي پويان ڪو مخصوص گروپ آهي جيڪو سرڪاري ادارن کي بليڪ ميل ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ ٿو چاهي؟
    جيڪڏهن ان خبر ۾ ڪا صداقت آهي ته اڃا تائين اسان وٽ ان جا ڪي ثبوت سامهون ناهن آيا، جيئن ان اداري سان رابطو ڪري سگهجي.
    ٻوليءَ جي انجڻڪاري، ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ ۽ ٽرانسليشن سسٽم کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن وقت سنڌي ٻولي ڪمپيوٽر تي شاهوڪار ٻولين ۾ شامل ته ناهي پر الاهي سارا ڪم به ٿيا آهن جن ۾ دوستن جون ذاتي ڪاوشون ادارن جي ڀيٽ ۾ وڏيون آهن.
    گوگل هڪ بزنس گروپ آهي ۽ ڪروڙين استعمال ڪندڙن جي ٻوليءَ لاءِ ڪاوشون ڪندو. يونيسڪو ڪڏهن به اهڙي ٻوليءَ جي خاتمي جي حمايت نه ڪندو جنهن جا ڪروڙين ڳالهائيندڙ ۽ استعمال ڪندڙ هجن.
    اسان وٽ ٻوليءَ جي انجڻڪاري، ترجميڪاري واري سرشتي کي سمجهڻ ۽ ان کي سلجهائڻ وارا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو به ناهن. ۽ افسوس جو انهن کي ڪير به نٿو سڃاڻي يا کين ڪو به پروموٽ نٿو ڪري. سرڪاري ادارا يا ته اسان وٽ فنڪشنل ناهن جي آهن ته انهن ۾ ويٺل سربراهه هن سرشتي کان اڻڄاڻ آهن ۽ هن ڪم کي اهميت ئي نٿا ڏين. سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي ۾ ميڊم فهميده حسين ئي هئي جنهن هن ڳالهه کي سمجهندي ان تي سنجيدگي سان ڪم شروع ڪرايو هو پر پوءِ ايندڙن جو ترجيحون ڪجهه ٻيون رهيون.
    سردار شاهه گذريل دور حڪومت ۾ ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگيوئيج انجنيئرنگ منظور ڪرائي عمارت جو ڪم به شروع ڪرايو پر اڃا نه ته ان جي ايس اين ئي منظور ٿي آهي نه وري فنڊ رليز ٿيا آهن. ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ جو مواد سموري مواد جو هڪ پرسينٽ به ناهي. ان جو مطلب اسان وٽ ويب سائيٽ، ڊڪشنريون، سنڌي فورم، سنڌي بلاگ ۽ سنڌي پيجز ايترا ناهن، جي آهن ته اتي ڪمپوز يا يونيڪوڊ بيسڊ مواد گهٽ آهي جنهن تي سڀني کي سوچڻو ۽ ڪم ڪرڻو آهي.
    هن وقت به سڀ کان وڏو سنڌي ڊيٽابيس ۽ ڪارپس سنڌ سلامت جو آهي. اسان ته سنڌي اسپيل چيڪر به لانچ ڪيو آهي جيڪو سنڌي ٻولي اختياري حوالي ڪيوسين جن ان کي رديءَ جي ٽوڪريءَ حوالي ڪيو. اهو ته ٺهيو پر اسان کي ميڊيا به نظر انداز ڪري رهي آهي. اسان ته ڪتابن جو خزانو يونيڪوڊ بيسڊ آندو آهي جنهن ۾ 800 ڪتاب موجود آهن، اسان ته لفظيڪار جهڙو سنڌي ڪارپس آندو آهي، اسان ته قرآن شريف جا پنج سنڌي ترجما ڪمپوز فارميٽ ۾ جاري ڪيا آهن، اسان ته ڪيئي سنڌي بلاگ جوڙيا آهن پر اهو سڀ ڪجهه ڪري نه ته ڪنهن تي ٿورو ڪيو آهي نه وري ڪو قلعو فتح ڪيو آهي. اسان فرض ادا پيا ڪيون جنهن لاءِ اڃا کوڙ سارا ڪم ڪرڻا آهن. سنڌ سلامت ڪنھن گروپ بندي يا ڪنٽراورسي جو حصو ٿيڻ نٿي چاهي. اسان ته خاموش خدمتگار آهيون. نه دهل وڄايون نه نعرا لڳايون، نه سرڪار ڪڏهن ڀلجي مدد ڪئي آهي. پر افسوس آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا ادارا سنجيده ناهن خاص ڪري اتي ويٺل اديب ۽ ٽولا....
    اسان وٽ زراعت، سائنس، ادب، کوجنا ۽ تحقيق، ٻاراڻي سکيا، صحت، ماحوليات، ڪامرس سميت هر فيلڊ جا سنڌي فورم ۽ ويبسائيٽون هجڻ گهرجن. اخبارن ۽ ميڊيا گروپن کي گهرجي ته پنهنجو سمورو مواد تصويرن يا اميجز بجاءِ ڪمپوز ڊ ۽ يونيڪوڊ بيسڊ رکن جيئن سنڌي ٻوليءَ جي ڊيٽا بيس جو خزانو وڌي. سرڪاري ادارا انهن نوجوانن يا گروپن جي مالي سهائتا يا أخلاقي مدد ڪن جيڪي سنڌي ٻوليءَ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن.
    سنڌي ميڊيا کي گهرجي ته انهن نوجوانن ۽ فورمن تي ڪالم، تعارف لکن يا سندن انٽرويوز ڪري عام ماڻهن تائين پڄائين جيئن انهن کي سنڌي اپليڪيشنز ۽ سنڌي ۾ ٿيل ڪم جي ڄاڻ حاصل ٿئي ۽ ان جي استعمال بابت کين آگاهي ڏجي.
    باقي نيٽ تي ويهي مرثيا پڙهڻ سان سنڌي ٻوليءَ جي ڪابه ترقي نه ٿيندي .... پر اهڙي ڳالهه به ناهي جو مايوسي پکيڙجي ...
     
    بر ڪت علي، عرس پريو ۽ فاروق احمد سنڌي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فاروق احمد سنڌي

    فاروق احمد سنڌي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2018
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ادا توهان بهترين ڪم ڪيو آهي ۽ ڪريو پيا... الله پاڪ خوش رکي اوهان کي...
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو