رشيده حجاب به هاڻ ناهي رهي

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    رشيده حجاب به هاڻ ناهي رهي!!

    اظھر امر

    سنڌ ڌرتيء ڪئي انمول ڪردارن کي جنم ڏنو آھي تنھين مان ڪنھن ڪنھن جا نانء کڻجن جنھن جنھن جو نانء کڻنداسين تنھن تنھن جي هڪ الڳ سڃاڻپ آھي هي الڳ مقام آھي. تنھين پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪم سچائي سان وڏي دلچسپي سان ڪيو آھي. وڏي چاھ سان ڪم ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو مقام جوڙيو آھي جنھن شخصيتن مان هن امر ڪردار سنڌي ادب لاء وڏو ڪم ڪندڙ
    60 کان مٿي افسانا لکندڙ سُٺي ڪهاڻيڪاره پروفيسر ڊاڪٽر رشيده حجاب جو جنم به سنڌ ڌرتيء جي ڪُک مان ٿيو. سندس جنم سنڌ ڌرتيء جي پراڻي شھر شڪارپور ۾ ٿيو. شڪارپور شھر به ڪئي انمول ڪردارن کي جنم ڏئي چُڪو آھي جنھن مان سنڌي شاعري جو مھان ڪوي شيخ اياز به شڪارپور واسي هيو. رشيده حجاب جو اصل نالو رشيده آھي. سندس جنم 31 آڪٽوبر 1943ع تي شڪارپور شھر ۾ نور محمد مغل جي گهر ۾ ٿيو. هن پرائمري ۽ مئٽرڪ جي تعليم کانپوءِ 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايس. سي ڪري 1969ع ۾ نباتات (Botany) جي مضمون ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. رشيده حجاب سنڌ يونيورسٽيءَ مان سائنس جي مضمون ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪندڙ پهرين شاگردياڻي هئي. ڊاڪٽر رشيده حجاب 1956ع ڌاري لکڻ شروع ڪيو ۽ اپريل 1956ع ۾ سندس پهريون افسانو ’بد صورت‘ ماهوار نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيو، جنهن کانپوءِ هوءَ مسلسل لکندي رهي. هيءَ سنڌيءَ جي پهرين سائنس فڪشن رائيٽر آهي. اسان جي وڏي بدقسمتي اُھا آھي هن وقت تائين سندس افسانن جو ڪو به مجموعو شايع نه ٿي سگھيو آھي، پوءِ به رشيده حجاب جي ادبي حيثيت کي وساري نٿو سگھجي. جولاءِ 1992ع ۾ مارئي فورم رشيده حجاب کي سندس ادبي خدمتن جي مڃتا طور گولڊ ميڊل ڏنو ته ان موقعي تي انهي تقريب ۾ شيخ اياز صدارتي تقرير ڪندي چيو هو تي ”حجاب، سراپا حجاب آهي.“ سندس ڪهاڻين ۾ سنڌي ماحول جي عڪاسي گھٽ آهي، پر انهن ۾ هڪ آفاقيت آهي، جنهن کي پنهنجي ڪشش آهي ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جي هيل تائين اوسر کي خيال ۾ رکجي ته انهن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. ڊاڪٽر رشيده حجاب سنڌي ادب کي 60 کان مٿي افسانا ڏنا، جن ۾ سندس فني ۽ فڪري پختگي موجود آهي. هوءَ خاص طور ڪردارن کي واضح ڪرڻ ۾ مهارت رکي ٿي. ڊاڪٽر رشيده حجاب علم نباتاب جي پروفيسر، زبيده گرلس ڪاليج جي پرنسپال ۽ ڊائريڪٽر ڪاليجز جي عهدن تي رهي پُڻ چڪي آهي، هن شادي انور راڄپر سان ڪئي، تنهنڪري تعليمي دنيا ۾ رشيده مغل ۽ رشيده انور راڄپر سڏي وئي.
    پر هتي افسوس سان چوڻ ٿو پوي اُھا انمول ڪردار به هاڻ اسان جي وچ ۾ ناهي رهي سندس وڇڙي وڃڻ واري خبر سنڌي ادبي کيتر لاء بيحد افسوس ضدا خبر آھي. سندس ادبي خدمتون نه وسارڻ جھڙيون آھن. انهي امر ڪردار شخيصت پروفيسر رشيده حجاب جي شخصيت کان به اسان محروم ٿي وياسين سندس هو هن وقت ڪيناڊا ۾ وفات ڪري وئي. سندس افسانن جي وڏي هاڪ هوندي هئي کيس افسانا لکڻ تي مڃتا ايواڊ پڻ حاصل ڪري چُڪي آھي.
    13 فيبروري 2019 تي هلال پاڪستان جي ادبي صحفي تي شايع ٿيو
     
    آخري ترميم: ‏15 فيبروري 2019
    عبدالحق سڌايو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو