درد خوبصورت جو سرجڻھار نيار راڄپر

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    "درد خوبصورت" جو سرجڻھار نياز راڄپر!
    اظھر امر

    هن دنيا جي گول داري ۾ هر ماڻھو هر شخص
    پنھنجي ڪم پنھنجي ڪردار سان سڃاتو وڃي
    ٿو, انھي کان سواء هو ڪنھن اداري يا ڪنھن
    شعبي سان واڳيل هجي پنھنجي ڪم ڪار سان
    پاڻ نڀاءُ تي اُھو ماڻھو هميشه امر رهي ٿو.
    هن وقت مان پنھنجي نازق هٿڙن سان
    جنھن ادب دوست جنھن پياري شخص جو ذڪر ڪرڻ وڃي رهيو آھيان انھي لئه منھنجي قلم هن جي لفظ سان عشق تي کيو آھي,
    اُھو آھي "درد خوبصورت" ڪتاب جو سرجڻھار "نياز راڄپر" جنھن جو تازو ئي ڇپجي آيل
    ڪتاب "درد خوبصورت" اڄ منھنجي هٿن ۾
    ڪنھن گلاب جي گلن جي ٽوڪري جيان پيل
    آھي سندس ڪتاب مون جڏھن مطالع ڪرڻ لئه
    کوليو ۽ سندس ڪتاب کي چمي پڙھڻ شروع
    ڪيم منھنجي اکين مان سچ ۾ لڙڪ لڙي پيا
    نياز راڄپر سان منھنجي روبرو ملاقات ڪڏھن
    به ناهي ٿي ساڻ فيس بڪ تي کوڙ ڪچھريون
    ٿيون آھن.
    نياز سندس ڪتاب "درد خوبصورت" ۾ جنھن درد جي ڳالھ ڪئي آھي اُھو درد نياز لئه ڪيڏو
    نه خوبصورت آھي تڏھن تي سندس ڪتاب
    جو نالو ئي درد خوبصورت رکيو اٿس
    نياز راڄپر شاعري ڪھڙي ڪفيت ۾ سرجھائي آھي اُھو درد خوبصورت ڪتاب پڙھندڙ کي ئي پتو پوندو.
    سندس طرفان مون ڏي موڪليل تحفو ڪٿان
    ڪٿان ٿي منھنجي هٿن تائين پھتو اُھو
    منھنجي خوش قسمتي هئي جو ڪتاب
    پيارن سڄڻ جي هٿن جو سينگار بڻجي
    منھنجي هٿن تائين پھتو
    جٿي هن وقت پرنٽ ميڊيا جو دور آھي
    هتي وري ادب ۾ ڪتابن ڇپجڻ ۾ وڌيڪ تيزي آئي آھي,
    هن وقت جڏھن پرنٽ ميڊيا پنھنجي عروج
    تي آھي هتي اسان کي وري شاعري جا گڏيل
    توڙي ذاتي شاعرن جي شاعري جا مجموعا
    وڏي انگ ۾ ملن پيا.
    نياز راڄپر جو تعلق محراب پور سان آھي.
    محراب پور جا ٻيا به کوڙ نالا آھن جن پنھنجي
    پاڻ ملھائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي

    سندس شاعري مان چونڊ:

    مون ڏسي ورتئي سڄڻ صورت لڪائي ڇا ڪندين,
    مون ته دل توکي ڏني پر تون الائي ڇا ڪندين.

    زندگي تنھنجي غمن ۾ مون گذاري آ ڇڏي,
    سور دل جا ھي اڃا ٻيا تون وڌائي ڇا ڪندين.

    وئي دنيا وسري جڏھن, ايندي اڱڻ دلبر ڏٺم!
    پيو جيان ٿو جنھن سھاري سو جاني جگر ڏٺم!

    نيار پنھنجي شاعري جي گلدستي جي ارپنا
    پنھنجي پياري ڀاءُ محترم حاجي پيارو خان
    راڄپر "مرحوم" جن کي ڪئي آھي
    جيڪو 19 مئي 2005 ع اسان کان وڇڙي
    وڃي مالڪ حقيقي سان مليو.
    نياز جي ڪتاب "درد خوبصورت" جو مهاڳ
    نالي واري شاعر ادب جي خادم لکيڪ "اقبال شاھين" لکيو آھي, سندس ڪتاب تي تاثرات محمد ٻارڻ, ناز نصر الله مھر پنھنجي طرفان
    نياز راڄپر بيگ ٽائيٽل وحيد محسن جن لکيو آھي. نياز جو ڪتاب چنڊ پبليڪيشن چودڳي طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آھي.

    30ا آڪٽوبر 2018 تي شايع ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو