اسانجا ڪم ڏسو!

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    يار اهو پپني جو پي ڪاڪو آچار وڏو اُستاد آهي رڳو منهنجي ڳالهه لکڻ ته منهنجي پُٽ جو وليمو آهي همراهه هينئر کان ئي پنهنجي اهل و عيال سميت ٺڪا اچي ٽنڊو محمد خان ۾ ڪيو اٿس، ٽنڊو محمد خان جي مين بس اسٽاپ تي ڪجهه دوستن کي خدا حافظ ڪرڻ ويس ته همراهه اتي ڪوسٽر مان لٿو پي ۽ لهڻ شرط سڀ کان پهرين مونکان ئي منهنجو پتو پڇيائين ! يار ڪو هڪڙو همراهه هُجي سڄي ساري ڌڻ ٻچن سميت هو! گهڻي گوٿ ناٿ ڪيم ته ڀڄي جان ڇڏايان پر منهنجي مٿي تي سنڌ سلامت وارو پٽڪو پري کان پڌرو سو ڪاڪي آچار فوري مونکي سُڃاڻي ورتو، سڄي ساريون ٻه چنچيون ڪرائي تي ڪري اچي گهر ڀيرو ڪيو اٿمانس، مون وارِي مولائڻ ماسات سڳوري چيو ته درويش هي ڪهڙي فلم ايڊوانس ۾‌ هتي وٺي آيو آهين شادي ۾ ته اڃان پنجويهه ڏينهن دير آهي۔ چيومانس ماسات ڪاڪو آچار گهوٽيتن مان آهي، ڇو جو منهنجي پوري فيملي سنڌ سلامت آهي، سو سنڌ سلامت جي ٻيو ڪير ميمبر دوست پنهنجي پُٽ علي جي شادي ۾ اچي نه اچي ڪاڪو آچار، پنهنجي گهر وارِي مائي پوپٽي پرديدار ۽ ٻارن جي ڌڻ سميت اچي حاضر ٿيو آهي۔ ڄاڃي ٿي۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!


    سائين نثار ناز، ڪاڪي آچار ڏٺو ته لاڙڪاڻي جي گهٽين ۾ رلي رلي مٿو ڦري ويندو سو ڏٺائين ته سنڌ سلامت جي مکيه جي پٽ جي شادي آهي سو ڇونه اهل عيال سان ڪجهه ڏينهن وڃي پيٽ گذر ڪريان، ۽ ها ڀلا هڪ سوال ته؛ پوپٽي پرديدار اها ئي مائي آهي نه جنهن سان ڪاڪي آچار تازو شادي ڪئي آهي ۔۔۔؟ ٻار تي کيس پهرين پتنيءَ مان آهن، حرڪتي به ڏاڍا آهن، خيال ڪجو گهر جا مٽڪا، دلا ۽ ٻيون شيشي جون شيون سنڀالي رکجو، ۽ ها مائي پوپٽي پرديدار ڪا پوڙهي مائي ناهي تازي شادي ٿي اٿس، سڪايل به آهي سو انجو به خاص خيال ڪندا ۽ سندس ضرورتون پوريون ڪندا ۽ پنهنجي پرائي کان بچائي رکندا، ڪاڪي آچار جي عزت بچائجو ۔۔۔ نه ته پپنو ويندو ادي مست وٽ دانهي ٿي ۽ پوءِ مست جي مستيءَ جي ته خبر اٿوَ ۔۔۔

    دعا آهي ته عليءَ جي شادي خئيرن سان ٿي وڃي ۔۔۔<:p
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    لڳي ٿو ته ڊبل نثار هاڻي ڪاڪي آچار جي ڪڍ لڳا آهن انهيءَ‌کي قربان ڪري ئي پچر ڇڏيندا۔۔ سائين ڪاڪو آچار ته ويچارو هڪ ئي مائي پرڻيو سا به اهڙي جنهن هن کي دنيا لاءِ‌ ڪاڪو ڪري ڇڏيو، انهيءَ‌کان پوءِ ڪاڪي آچار توبهه ڪئي ٻي شاديءَ‌کان ۔۔۔ سائين نثار ناز صاحب خيال ڪجو متان اهو ڪاڪو آچار نه پر ڪاڪو ڪانڊيرو هوندو، جيڪو هيڏي ساري مخلوق وٺي نازل ٿيو آهي اوهان جي در تي۔۔۔
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اسانجا ڪم ڏسو!

    بابا مست اها ته توکي خبر ته ڪاڪي آچار ڪيتريون شاديون ڪيون آهن ۽ اها به توکي خبر ته پوپٽي پرديدار جوان آهي يا پوڙِهي، مائي مسلسل گهونگهٽ ۾ آهي اها به توکي خبر هوندي ته ڪاڪو آچار آهي يا سندس ڀاءُ ڪانڊيرو، هتي ته سُڃ ڪري ڇڏي اٿن، سڀئي دلا مٽ ڀڃي پٽ ڪري ڇڏيا اٿن۔ صُبح جو ٺڪر جي مٽ دلن جي بدران اسٽيل جا هيل وٺي آيو آهيان، ڪاڪي آچار جي هڪڙي ڇوري شايد نالو اٿس لالو لٺ باز مونکان پڇيو پي ته چاچا ناز اهي اسٽيل جا هيل (دلا) ڪيئن ڀڃبا، صرف چپن تي آڱري رکي چُپ جو اشارو ڪيو اٿم ۽ ها ٿوري دير پهرين چاچو آچار يا خبر ناهي ڪانڊيرو پاڙي جي دوڪاندار کان منهنجي نالي تي اُڌار ايمبسي سگريٽ وارو پاڪيٽ ۽‌ ماچس وٺي آيو آهي۔ توکي خبر هُئڻ کپي ته منهنجي گهر ۾ ڪو به فرد سگريٽ وغيره ڪونه پيئندو آهي، ان ڪري ڪو اهڙو گُر ٻُڌائي جو جيستائين علي جي شادي ٿئي تيستائين هن ڪاڪي آچار يا ڪاڪا ڪانڊيري مان سندس ٻارن ۽‌ ڌرم پتني پوپٽي پرديدار مان جان ڇڏايان۔ يارو وارو ڪر آخر ته هي تنهنجي شهر ڄامشوري جا ۽ تنهنجي پاڙي جا آهن توکي خبر هوندي ته هنن مان جان ڪيئن ڇڏايان۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو