اچوته عورت جي سيرت وڪردارکي کولي کولي بيان ڪيون...!!

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    شرف الدين مرکنڊ
    انساني سماج ۾ هڪ فطرت ۽ شعور صدين تائين رهيو آهي ته روز ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن کي خوشي جو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن، اهڙي طرح جي گذريل دور جي طرف نظر وجھو ٿا ته معلوم ٿيندو ته اهڙا ڪي ئي واقعا نمايا ظهور آهن جيڪي قرآن و حديث جي روشني ۾، ڪتابن ۽ رسالن جي روشني ۾، ۽ معاشري جي اندر رهندڙ وڏي عمر جي انسانن جي زبان تان ٻڌڻ ۾ ايندا رهندا آهن، جيڪي اسان جي دل و دماغ کي خوشي ۽ فرحت ڏيندا رهندا آهن. خوشي و عالمي جي ڏينهن کي ملهائڻ هڪ بهترين ۽ سٺي سوچ آهي جيڪا اسان جي سماج ۾ هن وقت به هلندي اچي پئي، جنهن جي ڪري اسان جي نوجوان نسلن جي جسم وجان ۾ تاريخ جا ورق سمائجن پيا. ڪنهن ڪتاب يا رسالي جي اندر مون کي هڪ ڳالهه پڙهڻ جو موقعو مليو هو ته عرب جا ماڻهون پنهنجي اولاد کي خود پاڻ تعيلم ڏيندا هئا، جنهن جي ڪري انهن جي تاريخ کي اڄ به ياد ڪيو وڃي ٿو. اهڙي طرح اڄ 8 مارچ جو ڏينهن اهو آهي جنهن کي پوري پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو پيو وڃي، ۽ جڏهن ته هر سال به ملهايو ويندو آهي، عورت ذات اسان جي سماج جي هڪ اڌ آبادي جي حيثيت رکي ٿي، عورت سماج جي سونهن آهي، عورت سماج جو اهم ترين حصو آهي، جڏهن ته سماج عورت کان سواءِ زنده رهي ئي نه ٿو سگھي. عورت صبر جي صلاحيت سان ۽ سنجيدگي سبب ۽ پنهنجي نزاڪت ۽ نفاست جي ڪري مرد کي بي انتها آسودگي ڏئي سگھي ٿي، عورت مرد جي زندگي کي نهايت سڪون بخش بنائي سگھي ٿي. الله تعالى جي ذات عورت ۾ پيدا ڪرڻ جي سگھه به رکي آهي ته جيئن هو پنهنجي مڙس کي خوبصورت، حسين و جميل ۽ اکين جي ٺار اولاد به ڏئي سگھي ٿي. پر اڄ ڪلهه اسان جي سونهن ڀري سماج جي اندر عورت کي جانورن جيان تصور ڪيو وڃي ٿو. عورت جنهن الله تعالى جي پيارن نبين سڳورن کي جنم سان نوازيو، عورت جنهن وقت جي بادشاهن کي پنهنجي هنج ۾ ورتو، عورت جنهن وقت جي اولياءَ الله جي پروش ڪئي، عورت جنهن سيانستدانن جي سهڻي طريقي سان سار سنڀال ڪري دنيا جي تخت تي پيش ڪيو آهي. محققن جي قول مطابق ته هڪ مرد جي اصلاح هڪ فرد جي اصلاح آهي، پر هڪ عورت جي اصلاح سموري خاندان جي اصلاح آهي ڇو ته عورت اها شي آهي جيڪا انسان کي انسان جي شڪل ڏيندي آهي، انسان جي پروش ڪندي آهي. جيڪي به دنيا ۾ عظيم انسان ٿي گذريا آهن انهن جي پويان انهن جي مائرن (عورتن) جو وڏو هٿ سمايل آهي جيڪي عظيم انسان جي لقب سان دنيا ۾ سڃاتا وڃن ٿا. تاريخي ڪتابن ۾ جي نظر ڪنداسين ته انهن ۾ حضرت داتا گنج بخش رحه، حضرت سيدنا عبدالقادر جيلاني رحه جا نالا ۽ ٻين انسانن جا نالا مٿاهين جڳهه تي نمايا نظر ايندا آهن. اچو ته عورت کي اسلام ۽ ٻين مذهبن ۾ تلاش ڪريون ته عورت کي ڪهڙي مذهب وڌيڪ عزت بخشي آهي ۽ ڪهڙي مذهب عورتن جي جيئڻ جي حق کي ختم ڪيو. سڀ کان پهريان هندو مذهب تي نظر وجهون ٿا. هندو مذهب جي اندر جيڪڏهن ڪنهن عورت جو مڙس مري ويندو هيو ته عورت کي پنهنجي مڙس سان گڏ ساڙيو ويندو هيو، جنهن جي وجھه هي هوندي هئي ته جڏهن عورت پنهنجي مڙس سان گڏ سڙڻ جي لاءِ تياري آهي ته ان کي وڏن نالن ۽ لقبن سان نوازيو ويندو هيو، پر جي اها عورت تيار نه هوندي هئي ته ان کي ڪنهن ٻئي مرد سان شادي ڪرڻ جو حق به نه هوندو هو، جيڪڏهن اها ئي عورت گھر جي ڪنهن به ٿانو کي يا ڪنهن ٻئي شيءِ کي هٿ لائيندي هئي ته ان کي ٻيو ڪو به استعمال نه ڪندو هو سواءِ ان عورت جي، عورت جيڪڏهن ڪجھه پچائندي هئي ان کي ڪو استعمال ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هوندو هو، ۽ ان جي هي تصور ڪيو ويندو هيو ته هن جو جيڪو مڙس مري ويو آهي اهو هن جي ڪري مري ويو آهي، ان جي لاءِ ڳالهيون ڪيو ويندو هيو، حالانڪه اهو ڪيترو نه غلط تصور هيو. هندو مذهب جي عورتن کي اڄ به پنهنجا جائز حق حاصل نه آهن. عيسائيت ۾ هي تصور ڪيو ويندو آهي ته حضرت آدم عليه السلام کان جيڪا پهرين خطا ٿئي هئي اها عورت جي وجھه جي ڪري هئي. مغربي ۽ يورپي فلسفين ۽ مفڪرن جو گڏيل هي قول آهي ته عورت بس هڪ خادمه ۽ نوڪرياڻي آهي جنهن جي حيثيت هي آهي ته دنياوي مال ۽ سامان کان زياده نه آهي. اسلام هڪ اهڙو انصاف پسنده مذهب آهي جنهن ۾ تمام احڪام ۽ فائدا، نهايت سادا ۽ انساني فطرت جي عين مطابق ذڪر ڪيل آهن جن تي عمل ڪرڻ ۾ ڪيترائي فائدا ۽ ڪاميابيون ۽ دين و دنيا ۾ ڀلائي رکيل آهي، دين اسلام پنهنجي برڪت سان جٿي معاشري کي نوازيو آهي اتي عورتن کي به پنهنجي حقن سان نوازيو آهي، هي وجهه آهي ته دين اسلام گھراڻي زندگيءَ ۾ عورتن سان پيار محبت، حسنِ سلوڪ، ڀلائي ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجا حق وصول ڪرڻ جو حڪم فرمايو آهي ته ان سان گڏوگڏ تعليم جو به حق ڏنو آهي. ان کان علاوهه اسلام عورت جي کاڌ خوراڪ جو ذمو ان جي مڙس تي ڪيو آهي جنهن جي ڪري عورت ذهني سڪون ۽ بي خوف کان پري ٿي ڪري پنهنجي اولاد جي سهڻي تربيت ڪري سگھي. اسلام عورت کي ماءُ، ڀيڻ ۽ گھر واري جي حيثيت سان عزت و عظمت جو اعلى مقام عطا فرمايو آهي. “وومن آن اسلام” جي مصنف لکيو آهي ته حضرت محمد مصطفى صه جن ٽن شين کي پنهنجي پسنديده قرار ڏنو آهي انهن مان هڪ عورت به آهي جيڪا سندن وٽ قابلِ احترام هئي، جٿي مرد پنهنجي نياڻين کي پيدائش جي وقت کين زنده دفن ڪندا هئا اتي حضرت محمد صه انهن کي جيئڻ جو حق عطا فرمايو هيو. اسلام ۾ عورت پنهنجي مڙس جي وصال کان بعد عدد گذاري ڪري ٻيو مڙس به ڪري سگھي ٿي جيڪو اسلام ان کي حق ڏنو آهي حالانڪه هندو مذهب ۾ اهو ناجائز هيو. اسلام عورت تي ڪيترائي احسان ڪيا آهن جيڪي لکت جي حوالي سان شمار ڪجن ته اهي شمار ئي نه ٿا ٿي سگھجن. پر افسوس جو اڄ جي سماج ۾ عورت کي ساڳئي نموني سان تصور ڪيو وڃي ٿو جيڪو اسلام کان اڳ هيو. اڄ جي سماج ۾ عورتن کي تعليم جهڙي نعمت کان، ملڪيت مان حصو، پنهنجي برادري مان عزت، تعليم جھڙي زيور کان ۽ ٻين اهڙن مسئلن کان محروم ڪيو وڃي ٿو. عورت کي ڪاروڪاري جو لقب ڏئي بي ڏوهه ۽ بيدردي قتل ڪيو وڃي ٿو. جيڪو معاشري جي حوالي سان ناانصافي آهي. اچو ته عورت جي عزت ڪرڻ سکو، عورت جي شان و مرتبي سڃاڻيون جنهن ۾ اسان جي لاءِ عزت به آهي ته ڀلائي به.

    (نوٽ هي مضمون عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان لکيل آهي)
     
    عاشق علي چانڊيو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو