اچو تـ سنڌي ٻولي کي ترقي وٺرايون

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ عاشق علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2019۔

  1. عاشق علي چانڊيو

    عاشق علي چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2019
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    وارھ
    عاشق چانڊيو

    اڄ 21 فيبروري قومي زبان جو عالمي ڏينھن آھي ۽ اچو تـ ٻولي جي عالمي ڏينھن تي پنھنجي ماڌري ٻولي جي ترقي ۽ ان کي بگاڙ کان بچائڻ لاء ڪجھ اپاء وٺون.قومن جي سڃاڻپ انھن جي تھذيب,تمدن ۽ ٻولي سان ٿيندي آھي.دنيا جي تاريخ ۾ جنھن بـ پنھنجي ٻولي جو مان نـ رکيو آھي يا ان جي ترقي لاء نـ سوچيو آھي انھن جو وجود ئي نـ رھيو آھي جنھن جو مثال آمريڪا ۾ رھندڙ ريڊ انڊين ھئا جنھن جو اڄ ڪو نالو نشان ئي ناھي.آمريڪا ۾ پھريون 1000 ھڪ ھزار ٻولين کان وڌيڪ ٻوليون ڳالھايون وينديون ھيون جڏھن تـ پنھنجي ٻولي ڏانھن ڌيان نـ ڏيڻ ڪري ٻيون ٻوليون پنھنجو وجود وڃائي ويٺيون جڏھن تـ ھاڻي اتي صرف ٽي ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون.جنھن ۾ انگلش,اسپينش۽ فرينچ شامل آھن.ائين ئي پنھنجي ٻولي ڏانھن رجحان نـ ھئڻ ڪري ڪيتريون ئي ٻليون پنھنجو مان وڃائي چڪيون آھن پر اڄ جيڪر اسان بـ پنھنجي سنڌي ٻولي تي ڌيان نـ ڏينداسين ۽ ان جي خوشحالي لاء ن سوچينداسين ۽ ائين ان جا لفظ ابتا سبتا ڳالھائينداسون تـ ويتر اڃا ٻولي کي نقصان پھچندو.اسان جي سنڌي ٻولي جو ھڪڙو نقصان تـ خانگي اسڪول آھن جنھن ۾ سنڌي ٻولي سيکاري ئي نـ ٿي وڃي جنھن جي نتيجي ۾ اسان جو نئون نسل پنھنجي ئي ٻولي جي ڄاڻ رکڻ کان محروم ٿي وڃي ٿو.والدين بـ وري ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ ئي پڙھائيندا ھنن لاء سرڪاري اسڪول موڪلڻ ڄڻ تـ ڪنھن طعني کان گھٽ ناھي "اسين ڪھڙو غريب آھيون جو پنھنجي پٽ کي سرڪاري اسڪول ۾ پڙھايون"پر ٻار ان تڪبر جي ڪري تـ اسين ڪھڙو غريب آھيون ٻار ھڪ وڏي دولت (قومي ٻولي) سکڻ کان محروم ٿي ويندو آھي. ھونئن بـ ٻار ٻولي گھر ۽ گھٽي مان سکندو آھي.ھاڻي ٻار سمجھي سنڌي,ڳالھائي سنڌي ۽ ان کي پڙھايو وري انگريزي يا اردو ۾ وڃي تـ ٻار ان سبق سکڻ بجاء پنھنجي دماغ جو %80 استعمال ٻولي جي سکڻ ۾ لڳائي ڇڏيندا آھن ۽ باقي جيڪو انھن کي سمجھايو ويندو آھي اھو ڪو %10بـ مس سمجھندا آھن جنھن جي ڪري ٻار ايترو تعليم يافت بـ نـ ٿي سگھندو آھي.ھاڻي جيڪڏھن ٻار جي تفريحي ٻولي سنڌي ھجي ۽ ان کي مجبوري ٻولي انگريزي ۾ پڙھايو وڃي تـ اھو ڪيتري حد تائين سنجھي سگھندو.ٻار کي تفريحي ٻولي ۾ پڙھايو وڃي تـ جيئن استاد جو ڏنل ھڪ ڪلاڪ ليڪچر بـ سجايو ٿئي.ٻار کي جيڪڏھن ان جي گھر واري ٻولي مطلب سنڌي ۾ پڙھايو وڃي تـ ھو %33 ليڪچر سمجھندو آھي ۽ اگر جي ان کي انگريزي ۾ ليڪچر ڏبو تـ ٻار مس ڪو وڃي %8 ب سمجھي جنھن جي نتيجي ۾ استاد جو ڪلاڪ ليڪچر بـ اجايو ويندو ۽ ٻار جا 8 ڪلاڪ بـ اجايا ويندا ۽ ٻار ايترو تعليم يافتـ نـ بڻجي سگھندو جنھن جي ڪري نوڪري نـ ملي ٻار وري بـ ڇولا پيو کپائيندو.ننڍڙي عمر جي شاگردن کي ھاڻي اوھان ڏسندؤ چشما پاتل ھوندا آھن,انھن جي نظر ڪمزور ٿي ويندي آھي.ان جو سبب ڇا آھي??انھي جو سبب صرف پنھنجي قومي ٻولي ۾ نـ پڙھائڻ آھي.ٻار کي سڄو ڏينھن صرف اھا ٻولي سکڻي پوندي آھي جنھن ۾ ھنن کي مجبورن پڙھايو ويندو آھي ۽ اڌ ڏينھن جو ٻار صرف اھا ٻولي سکڻ ۾ گذاري ڇڏيندو آھي جنھن جي نتيجي ۾ ٻار کي تعليم گھٽ ۽ مايوسي وڌيڪ ٿي ويندي آھي.ان ئي نتيجي ۾ ٻار پنھنجي سنڌ,پنھنجي ملڪ پاڪستان جو جوڳو سھارو نـ بنجي سگھندا ۽ ملڪ بـ ڏکيائن جو شڪار رھندو تنھن ڪري حڪومت سنڌ ۽ حڪومت پاڪستان کي ٻار جي ٻولي ڏي ڌيان ڏئي ڪري ان کي انھي ٻولي ۾ سيکاريو ۽ پڙھايو وڃي تـ جيئن ٻار سکي سگھن ۽ تعليم يافتـ بنجن تـ جيئن ملڪ بـ ترقي جون راھون طع ڪري.تنھن ڪري اچو تـ پاڻ بـ پنھنجي قومي ٻولي (سنڌي) کي ترقي وٺرائڻ لاء ڪوششون ڪريون ۽ پنھنجي نئين نسل کي سنڌي ٻولي سيکاريون تـ جيئن قومي ٻولي جو شان ھميشـ اونچو رھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو