ماضيء جو آئينو ؛ ڪراچيء جي امپريس مارڪيٽ.

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏27 مارچ 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    وقت هجي يا سمنڊ ٻئي ڏاڍا بي رحم هوندا آهن.انهن جي فطرت ۾ موٽي اچڻ لکيل آهي ان ڪري موٽندا ضرور آهن پر الله جي قدرت سان اهو سمنڊ جيڪو پنجاهه ميل پري هليو ويو آهي موٽي ناهي آيو پر وقت هڪ دفعو وري موٽڻ شروع ٿي ويو آهي. اها گھڻو ڪري 1839ع جي ڳالهه آهي جڏهن برطانوي فوجن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ هتي مستقل رهائش اختيار ڪري ورتي.پڪي رهائش اختيار ڪرڻ سبب انهن کي بازار جي ضرورت محسوس ٿي ان ڪري انهن لاء صدر جنهن کي ڪيمپ جو علائقو چيو ويندو هو ۾ هڪ بازار قائم ڪئي ويئي جنهن کي ”ڪيمپ بازار“ جو نالو ڏنو ويو.فوجين جي تيزيء سان اچڻ بعد انهنجون ضرورتون به وڌيون ان ڪري انهن لاء صدر جي علائقي ۾10 نومبر 1884ع تي مارڪيٽ جو بنياد رکيو ويو ۽ هڪ لک پنجونجاهه هزارن جي لاڳت سان 21 مارچ 1889ع تي ان کي مڪمل ڪيو ويو.جيئن ته راڻي وڪٽوريا جي سلور جوبلي ملهائي پئي ويئي ان ڪري راڻيء کي تحفي جي طور پيش ڪرڻ لاء مارڪيٽ جو نالو ئي ”امپريس مارڪيٽ“ رکيو ويو.هيء اها جڳهه هئي جتي 1857ع ۾ انگريزن جي خلاف بغاوت ۾ حصو وٺندڙ ايڪويهين رجمينٽ جي مقامي سپاهين جن ۾ مسلمان ۽ هندو شامل هئا تن کي گولين سان ڇلي ماريو ويو هو.مارڪيٽ جي افتتاح بعد هتي 280 اسٽال لڳايا وياهئا جن تي گوشت،ڀاڄين،ميون ۽ ٻين زرعي جنسن جو وڪرو ٿيڻ لڳو.ان زماني ۾ جڏهن ڪراچيء جي آبادي ڪل 13850 ماڻهن تي ٻڌل هئي ۽ ماڻهن جون پگھارون به ٻن روپين کان ويهه روپيا ماهوار هيون،اگھه به مناسب هئا يعني هڪڙي ڪوري روپيي ۾ 28 سير ڪڻڪ،36 سير چانور،هڪ مڻ ٻه سير چڻن جي دال،32 سير مڱن جي دال ملندي هئي.پر اها مارڪيٽ اتان جي لوڪل ماڻهن لاء منع ٿيل وڻ جيان هئي ۽ انهن کي ان مارڪيٽ مان ڪا شيء خريد ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي.جڏهن انگريز بر صغير ڇڏي هليا ويا ته اها مارڪيٽ هڪ خاص طبقي جي خريداريء جو مرڪز بڻجي ويئي.آهستي آهستي هتي پوش علائقن جي ماڻهن سواء وچولي توڙي غريب طبقي جا ماڻهوبه هتي سٺي ۽ سستي خريداري ڪرڻ اچڻ لڳا ۽ اهڙيء طرح اها شهر جي هڪ مصروف ترين مارڪيٽ بڻجي ويئي ۽ اڄ به آهي.ان مارڪيٽ جي خاصيت اها آهي جوهتي کاڌي پيتي جي شين کان وٺي هر اها شيء موجود ملي ٿي جيڪا ٻيو ڪٿي به نه ملي.اگھه گھٽ هئڻ سبب ماڻهو هتان خريداري ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪرڻ لڳا. هن مارڪيٽ ۾ جتي ضروري شيون ۽ کاڌي پيتي جون جنسون وڏي مقدار ۾ موجود آهن اتي ان جي خاصيت اها به آهي ته پوري دنيا جا ناياب ۽ اڻ لڀ پکي ۽ جانور به هتي وڪرو ٿين ٿا جن کي خريد ڪرڻ شهرين جو وڏو انگ هن مارڪيٽ جو رخ ڪري ٿو.آسٽريلوي طوطا ڪبوتر ئي نه پوري دنيا جا رنگ برنگي پکي اتي موجود ملن ٿا جڏهن ته اعليٰ نسل جي ڪتن ۽ ٻلين جي وڪري جو به اهو ئي شهر جو اڪيلو مرڪز آهي.پر جڏهن ملڪن جي ترقيء جي نالي تي سيپيڪ منصوبي جو اعلان ڪيو ويو ته هڪ دفعو وري چين کان ايندڙ چينيين جي هڪ وڏي انگ هن مارڪيٽ ڏانهن منهن ڪرڻ شروع ڪيو ۽ عام ڏينهن کان سواء آچر واري ڏينهن به قيمتي گاڏين ۾ چيني خاندانن جو هڪ وڏو انگ ان مارڪيٽ ۾ خريداري ڪندي نظر ايندو آهي جيئن ته چيني مٿو ماري ڪرڻ سواء دوڪاندارن کي وات سان گھريل رقم ڏيئي ڇڏيندا آهن جنهن ڪري دوڪاندارن به شين جا اگھه وڌائي ڇڏيا آهن.ان کان سواء هتان جا دوڪاندار جيڪي هڪ ڊگھي عرصي کان مقامي ماڻهن مان ڪمائيندا رهيا آهن هاڻي پرڏيهي گراهڪن اچڻ سبب پراڻن گراهڪن سان منهن ڏيئي ڳالهائڻ به پسند نٿا ڪن.اهي چيني شهري جيڪي هن مارڪيٽ ۾ گھڻو ڪري زرعي جنسون، ڀاڄيون ۽ ميوا وٺڻ اچن ٿا انهن شين جي خريداريء سان گڏوگڏ چوڪن تي لڳل اسٽالن تي مرغيء جي گوشت سميت انهن جون ٽنگون،نڙيون ۽ ڪليجيون به مهانگي اگھن سان وڏي شوق وچان خريد ڪن ٿا.جنهن ڪري انهن شين جي خريداري به غريب ماڻهن لاء محال بڻجي ويئي آهي.دلچسپ ڳالهه اها ته اسان جا هتان وارا کاڌي پيتي جا شوقين جيڪي موڪل وارن ڏينهن تي اوجھري،ڦڦڙ ۽ ڪليجي وغيره کائڻ پسند ڪندا آهن ۽ پنهنجن ڪٽنب جي ڀاٿين جي تعداد جي حوالي سان جيتري خريداري ڪن ٿا چيني اهي ساڳيون شيون انهيء کان به ٻيڻ ٽيڻ جي قيمتن سان ڏهوڻيون ۽ ٻارهوڻيون خريد ڪن ٿا.جنهن سبب انهن شين جي کوٽ پيدا ٿيڻ سبب وڪڻندڙن مقامي ماڻهن کي اهي شيون وڪڻڻ بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ اهي انهن شين کي ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکي مهانگي قيمت تي چينين سان وڪڻن ٿاجنهن سبب هڪ دفعو وري 179 سالن بعد امپريس مارڪيٽ برطانوي دور جي ان مارڪيٽ جهڙي بڻجي چڪي آهي جتي مقامي ماڻهن کي داخل ئي ٿيڻ نه ڏنو ويندو هو توڙي جو اڃا تائين ته هن مارڪيٽ ۾ مقامي ماڻهن کي اچڻ وڃڻ کان روڪيو ته نٿو وڃي پر روزانو چينين جو وڌندڙ انگ ڏسي ڪري اها ڳالهه پڪ سان چئي سگھجي ٿي ته ايندڙ وقت ۾ امپريس مارڪيٽ رڳو چينين جي مارڪيٽ رهجي ويندي ۽ مقامي ماڻهو هن مارڪيٽ ۾ ٿيندڙ هٿرادو مهانگائيء سبب هيڏانهن منهن ڪرڻ به ڇڏي ڏيندا.جيڪر ان مارڪيٽ جو جائزو ورتو وڃي ته اها عمارت ڪڏهن سونهن ۾ پنهنجو مثال پاڻ رهي هوندي.ان جي اوچي ٽاور تي لڳل گھڙيال پري پري کان نظر اچي ٿو.يقينن اها گھڙي هتان گذرندڙن کي وقت جو احساس ڏيارڻ لاء لڳائي ويئي هوندي پر انتظاميا جي غفلت سبب نه رڳو امپريس مارڪيٽ پنهنجي سونهن وڃائي رهي آهي ۽ ان جي ٽاور تي موجود گھڙي جا ڪانٽا بيهي چڪا آهن.ان جي باوجود هڪ ڀيرو اتي خريداريء سواء سير لاء به اچي سگھجي ٿو.مارڪيٽ جي داخلا دروازي تي لڳل تختي تي ان جي تاريخ ئي نه پر ان جو مقصد ۽ پورو تعارف به درج ٿيل آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو