لوڪ ادب

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2019۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    لوڪ ادب.
    اڄ ٽي قصه خاص طرح سان بيان ڪيان ٿو جنهن ۾ عبرت به آهي ۽ سبق به آهي ته ڪينئن نه حڪمرانن جي نِيتُن جو وبال عوام ڀوڳي ٿو. اسان جو لوڪ ادب (فوڪ وزڊم) شاندار آهي. مان هميشه پنهنجي سمجهدار دوستن لاءِ ڪافي قصه ڪهاڻيون بيان ڪندو رهندو آهيان جن ۾ سمجهڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هوندو آهي، حالانڪه هي فن ختم ٿيندو ٿو وڃي. پر خوشي آهي ته منهجي ڳالهين کي پسند ڪندڙ جو هڪ مخصوص باذوق طبقو موجود آهي جن منهنجي حوصلہ افزائي ۾ ڪڏهن به ڪا ڪثر نه ڇڏي آهي .
    قصو پهريون.
    ڪنهن ملڪ تي هڪ بادشاهه حڪومت ڪندو هو مورثي طور هي ٽيون حاڪم هجي. سندس ڏاڏو هڪ عادل حاڪم هو.
    بادشاھ هڪ ڏينهن درٻار ۾ موجود هو ته سندس ڏاڏي جي وقت جو هڪ بزرگ درٻاري بادشاهه سان ملڻ آيو. بادشاهه هن ڏاهي بزرگ کان پڇيو ته سائين اوهان منهنجي طرز حڪمراني کي ڪينئن ٿا ڏسو.
    بزرگ سوال ٻڌي ڪا گھڙي ماٺ ٿي ويو.
    انتهائي سنجيدگي سان جواب ڏنائين ته بادشاھ سلامت مان هڪ ڪهاڻي ٿو توهان کي ٻڌايان. "توهان جي ڏاڏي حضور جي بادشاهت جو زمانو ھو. مان گُهوڙي تي هڪ جهنگل مان لگهان پيو ته مون ڏٺو هڪ ڪنوار جيڪا ڏولي ۾ سوار آهي، ڏولي کي ٻه ڪھار (ڏولي کڻڻ وارا) کيس کنيو پنهجي گهر پهچائڻ پيا وڃن.
    اوچتو دانهون پئجي ويون چار ڦورو حملي آور ٿيا، ڏسندي ڏسندي ڪهارن کي ماري وڌائون. هاڻي هو ڏولي طرف وڃڻ پيا ته ڪنوار کڻڻ، ان جا زيور ڦرين.
    مان جوان هئس ايمان جي قوت به هئي سو ﷲ اڪبر جو نعرہ هڻي ڪاهي پيس ۽ ڌاڙيلن کي ماري وڌم. مون ايمانداري ۽ سلامتي سان ڪنوار کي سندس گهر پهچايو پنهنجي هن ايمان واري ڪم تي خوش ۽ نازان هئس.
    آيو توهان جي والد جي حڪومت جو وارو، ڪجهه ماحول بدليو، ان جي دور ۾ اها حسرت اچي جاڳي ته ڪنوار ته پهچايم سٺو ڪيم پر سندس گچي ۾ سير سوا سون هو، رڳو اهو ئي کڻان هان، مونکي ڪير پڇي هان.
    قبله آئي اوهان جي حڪومت هاڻي ته جيڪو ماحول ڏسان ٿو ته اندر مان هڪ آه ٿي نڪري ته
    مان وڏو ڪو بي وقوف هئس سون سان گڏ هڪ سهڻي ڪنوار به مفت ۾ پئي ملي،اي ڪاش مان رکان هان.
    هاڻي انهي مان اندازو لڳايو ته توهان جي حڪمراني ڪهڙي آهي.
    ******************************
    ٻيو قصو.
    هڪ بادشاهه شڪار ڪندي پنهنجي لشڪر کان وڇڙي ويو. هڪ جهوپڙي نظر آيس، اڃايل هجي سو اتي پاڻي پيڻ جي خيال کان لهي پيو. جهوپڙي ۾ هڪ بزرگ عورت هجي،بادشاھ سلام بعد ڪجهه پيڻ لاءِ طلب ڪيو. عورت کيس اڃايل مسافر سمجهي هڪ گلاس کير جو ڀري پيڻ لاءِ ڏنو، کير پنهنجي ذائقي ۽ مٺاڻ سبب لاجواب ھو، بادشاہ پي خوش ٿيو.
    عورت کان پڇيائين ته ماشاءَالله هي کير ڪنهنجو آهي. عورت سامهون ٻڌل ڳئون ڏي اشارو ڪندي چيو ته انهي ڍڳيءَ جو.
    امڙ ڪجهه کير موجود آهي ملندو؟
    عورت ها ڪندي اندران کير کڻڻ وئي.
    بادشاهه جي دل ۾ کوٽ پيدا ٿيو ته اهڙي ڀلي ڳئون ته بادشاهي محل ۾ هجي. سو دل ۾ ارادو ڪيائين ته لشڪر اچي مان زبردستي ڳئون حاصل ڪندس.
    انهي وچ ۾ عورت کير کڻي آئي، بادشاھ پيتو ته کيس ذائقو بدليل مليو نه کير ۾ اها لذت رهي نه مٺاڻ.
    مائي هي کير ساڳي ڳئون جو ته ڪونهي بادشاهه حيرت مان پڇيو.
    عورت جواب ڏنو "ادا کير ته ساڳي ڳئون جو آهي پر شايد اسان جي حاڪم جي نيت ۾ ڪو فتور اچي ويو آهي."
    **********************'*******
    قصو ٽيون.
    بادشاهه ظلم جي بازار گرم ڪئي ته عوام ۾ ڏوھ، بي ايماني وڌي. مشيرن وزيرن جڏهن ماڻهن جي ٺڳي بي ايماني ڏٺي ته بادشاهه کي چيائون ته سائين جهڙو راجا تهڙي پرجا.
    بادشاهه چيو ته ثابت ڪيو.
    مشيرن چيس سائين اعلان ڪرايو ته اڄوڪي رات وچ ۾ شاهي محل جي حوض ۾ رعيت مان هر ماڻهو هڪ گلاس کير جو وجهي جينئن صبح تائين حوض کير سان ڀرجي وڃي. رات وچ ۾ هزارون ماڻهو گلاس کنيو حوض تائين پهتا.
    صبح جو بادشاهه اٿي ڏسي ته حوض کير بدران پاڻيءَ سان ڀريل هجي هڪ به گلاس ڪنهن کير جو نه وڌو.
    مزيد تحقيق کان پوءِ معلوم ٿيس ته ٻد نيتي سبب هر ماڻهو اهو سوچيو ته سڀ کير کڻي ايندا، هيڏي کير ۾ منهنجو هڪ گلاس پاڻي حوض ۾ ملندو ته حوض تي ڪهڙو فرق پوندو.
    **'' **×*************'*' ********
    هي ته هئا سچن زمانن جا قصہ هاڻي ته حاڪم بي ايماني، ٺڳي، ناانصافي، ظلم، زبردستي، بي ضميري، وعدہ خلافي، ڪوڙ، سفارش، اقربا پروري ۽ بدزباني ۾ سڀ حدون اورانگھي ويا آهن اتي رعيت جي ايمان ۽ نيتن جو ڇا حال هوندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو