(شيڪسپيئر جي 455هين سالگرهه جي مناسبت سان) [صبح جي راڳڻي] انگريزي نظم Aubade جو منظُوم سنڌي ترجُمو (شاعر: وليم شيڪسپيئر | منظُوم سنڌي ترجمو: ياسرقاضِي) ٻُڌ! ٻُڌ! ڳيچَ 1* چنڊولَ سندا ٻَهه ٻَهه ٻُرندڙَ ٻولَ سندا جنتّ جي چائنٺ تي جو، گيتَ صُبح جا، ڳائي پيو سُورج ـ ديوَ جِي مڌُ، سکِي! جاڳِي، جاڳڻَ آسَ رکي باغ بهار کي پاڻي ڏيڻَ گُلشن کي سيراب ڪرڻَ سجَّ جا گهوڙا ڀي جاڳيا وِرهَه وڇوڙا ڀي جاڳيا جاڳيو مڌُ جي پيالَي ۾ آسَ وندَي ۽ آلَي ۾ کڙندڙ گُلُّ به روشن ٿي سُونهَن ـ سنِيها ڏَي مُرڪِي 2* گونٽي جي گُل پڻ پنهنجيُون توڙَي اوکيُون ۽ اهنجيُون ڇِنڀ ڇِنڀ ٻولِيندَي ٻوليُون سونهرِي اکڙيُون کوليُون جاڳِي جام جِي جهولِي ڀي پرهَه جي پريت ـ پرولِي ڀِي... مُنهنجي وينگس! جاڳُ مٺي! جاڳُ ته جاڳئي ڀاڳُ مٺي! (جُمعو، 26 اپريل 2019ع ـ 20 شعبان 1440هه ) 1* چنڊول = چنڊول پکي (Lark)، جهرڪيءَ جهڙو ننڍڙو پکي 2* گونٽو = پيلي رنگ جو هڪ سُهڻو گُل (Mary-bud, Marigold) (اصل نظم (Aubade) HARK! hark! the lark at heaven's gate sings, And Phoebus 'gins arise, His steeds to water at those springs On chaliced flowers that lies; And winking Mary-buds begin To ope their golden eyes: With everything that pretty bin, My lady sweet, arise! Arise, arise! (William Shakespeare)